ايشيائي ترقياتي بينڪ (ADB) سنڌ جي سامونڊي ضلعن جي ترقيءَ لاءِ 540 ملين آمريڪي ڊالر (54 ڪروڙ ڊالر) مالي امداد جي منظوري ڏني آهي. اهو قرض سنڌ جي سامونڊي علائقن جي آبادي جي آبهوا جي تبديليءَ جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي وڌائڻ ۽ معاشي بهتري لاءِ بنيادي ڍانچو تعمير ڪرڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو. هن قرض جو استعمال سڌو سنئون بدين، ٺٽي ۽ ڪراچيءَ جي سامونڊي علائقن جي ترقيءَ لاءِ ڪيو ويندو. ايشيائي ترقياتي بينڪ جنهن جو بنيادي مقصد ايشيائي علائقن ۾ غربت گهٽائڻ، معيشت کي وڌائڻ ۽ ماحولياتي استحڪام کي هٿي ڏيڻ آهي. هن سنڌ ۾ سامونڊي ضلعن جي ترقيءَ جي لاءِ اهو قرض فراهم ڪيو آهي ته جيئن انهن علائقن مان غربت کي گهٽائي سگهجي ۽ معيشت جي واڌ ٿي سگهي. ڇو ته هن وقت سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ بنيادي ڍانچو تباهه هجڻ جي ڪري اتان جو عام ماڻهو زندگيءَ جي هر سهولت کان محروم آهي. جڏهن ته سمنڊ خود هڪ وڏي دولت هجڻ جي باوجود به انهن ماڻهن جي لاءِ مددگار نه بڻجي سگهيو آهي. جڏهن بنيادي ڍانچو تعمير ٿيندو ته اتي مڇي مارڻ ۽ آبي زراعت جي شعبن کي جديد بڻائي ملڪ جي مجموعي پيداوار ۾ اضافو ڪيو ويندو.
هن قرض مان آبهوا جي تبديلي کي جيڪي خطرا سامهون آهن انهن کي گهٽائڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي ويندي. جنهن ۾ مينگروز پوکڻ تي خرچ ڪيو ويندو ۽ ممڪن آهي ته سامونڊي پٽين تي بند لڳائي زمين کي خراب ٿيڻ کان بچايو وڃي. ان کان علاوه ايشيائي ترقياتي بينڪ جو اصل مقصد اهو هوندو آهي ته انهن منصوبن لاءِ ڏنل قرض کي نه صرف ان ملڪ مان فائدو ٿئي، بلڪه پاڪستان ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن جي به هڪٻئي سان واپار ۾ ڏي وٺ ٿيڻ گهرجي. اميد آهي ته هن منصوبي سان سنڌ پاڪستان ۽ پاڪستان جا پاڙيسري ملڪ سڀ گڏجي سمنڊ مان هڪ نئين معاشي دنيا پيدا ڪندا. هن وقت انهن ضلعن جا ماڻهو انتهائي غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن. جن وٽ روزگار جي ذريعا نه هجڻ جي برابر آهن، اهي ماڻهو لوڻياٺو پاڻي پي رهيا آهن، جنهن جي ڪري ڪيترين ئي بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن. سنڌو درياءَ ۾ پاڻي گهٽ هجڻ جي ڪري انهن جون زمينون ڪلراٺجي ويون آهن جنهن جي ڪري سندن زرعي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي. سنڌ حڪومت بنيادي ڍانچو ٺاهڻ جي لاءِ ڪي به قدم هيستائين نه کنيا آهن. اتان جو عام ماڻهو جيڪو اڳ ۾ مڇي ۽ زراعت جي ڪري ڪراچيءَ تائين معيشت جو حصو بڻيل هو، هن وقت اهو هڪ غير معياري زندگي جي رهيو آهي. بلڪه اهي ڪيترن ئي ماحولياتي خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ تمام گهڻي دٻاءُ ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. سامونڊي پٽيءَ وارا علائقا سمنڊ جي سطح وڌڻ ۽ تيز طوفانن جي وڌڻ جي خطري هيٺ آهن. موجوده بندر گاهون ۽ فش هاربرز پراڻا ٿي چڪا آهن، جيڪي مڇيءَ جي وڌندڙ پيداوار کي سنڀالڻ جي قابل نه آهن. اميد ٿي ڪجي ته سنڌ حڪومت هن قرض کي شفافيت سان استعمال ڪري هنن غربت سٽيل علائقن کي ترقي وٺرائي معيشت جي ميدان ۾ اڳڀرو ڪري ان قابل بڻائيندي ته اهي سڀ ماڻهو جيڪي هن وقت پنهنجي زندگي جو بار کڻڻ جي قابل ناهن، اهي پاڪستان جي معيشت جو حصو بڻجي پوري دنيا سان ڳنڍجي وڃن ۽ معاشي ترقي ڪري پنهنجو روزگار به حاصل ڪن ۽ ملڪ جي جي ڊي پي ۾ به اضافو ڪرڻ جوڳا ٿين.
ضروري آهي ته ٻين سڀني ترقياتي ڪمن سان گڏوگڏ انهن جي ٻارن جي لاءِ اتي نوان اسڪول جوڙيا وڃن ۽ اسپتالن جون سهولتون به فراهم ڪيون وڃن. ان کان علاوه هنن منصوبن جي تحت هيومن ڊولپمينٽ کي اميد آهي ته نظر ۾ رکندي هن جو هڪ خاص فنڊ انساني ترقيءَ جي لاءِ مختص ڪيو ويندو ته جيئن اتان جي ماڻهن کي تربيتي مرڪزن ۾ اهي سڀئي مهارتون جيڪي ان نئين ترقياتي مرڪزن جي لاءِ ضروري هجن انهن لاءِ ماڻهن کي تيار ڪيو ويندو. ڇو ته جيستائين اتان جو عام ماڻهو ڪنهن به منصوبي مان فائدو حاصل نٿو ڪري ته ان ترقي جو ڪوبه مطلب يا معنيٰ نٿي نڪري. عام طور تي سالن کان اهو ئي ڏسڻ ۾ آيو آهي ته سنڌ ۾ جيڪا ترقي ٿئي ٿي يا جيڪي به وسيلا ملن ٿا يا جيڪي معدنيات هٿ اچن ٿيون انهن جي مٿان صوبي کان ٻاهران ماڻهو اچي قابض ٿي وڃن ٿا. جڏهن ته سنڌ جو عوام بيروزگار ۽ غير تربيت يافته رهجي ٿو وڃي. ان لاءِ ضروري آهي ته حڪومت کي منصوبا شروع ڪرڻ کان پهرين هيومن ڊولپمينٽ جو ڪم به گڏوگڏ شروع ڪرڻو پوندو ته جيئن انهن غربت سٽيل علائقن ۾ جتي هن وقت ماڻهو نشي جا عادي ٿي پنهنجي زندگي پنهنجن هٿن سان ضايع ڪري رهيا آهن ۽ هن وقت اهي سنڌ جي معيشت جي مٿان بوجهه بڻيل آهن انهن کي سٺو روزگار ڏئي ملڪ لاءِ لاڀائتو بڻائي سگهجي ته جيئن اهي معيشت جي وهڪري ۾ شامل ٿي سگهن ۽ پاڪستان ۽ سنڌ جي لاءِ معاشي مددگار ثابت ٿي سگهن.