بلاگنئون

ڀُٽي سان بيوفائي ۽ بي فيض کليون ڪچهريون

اڳوڻي فيلڊ مارشل مرحوم ايوب خان کان پنهنجا رستا جدا ڪري پاڪستان جي هيرو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ کي ملڪ جي عوام لاءِ وقف ڪندي پنهنجي الڳ سياسي پارٽي ٺاهي ۽ ان پارٽي جو نالو پاڪستان پيپلزپارٽي رکيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار ۾ اچي عوام ۽ ملڪ لاءِ انقلابي ڪم ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو سنڌين جي دلين ۾ ويهي رهيو. سچ اهو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي ميرن، پيرن ۽ سردارن کي اهميت ڏيڻ بجاءِ عام ماڻهن، پيرين اگهاڙي غريب عوام کي پنهنجو ڪيو. غريبن کي روزگار ڏيڻ ۽ سندن مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پ پ روٽي ڪپڙا مڪان جو نعرو هنيو. اقتدار ۾ اچڻ ۽ وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪيا ملڪ سميت سنڌ ۾ وڏي تبديلي اچڻ لڳي اسيمبلي ۽ اسيمبلي کان ٻاهر، فيصلا عوام جي مرضي موجب ٿيڻ لڳا ۽ ڪنهن به مير پير وڏيري سردار کي قطعي اهو اختيار نه هو ته هو ڪنهن غريب کي هيسائي ڌمڪائي يا وري مٿن ڪو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري يا وري ڪنهن غريب کي پوليس هٿان مارائڻ جي جرئت ڪري سگهي. اهوئي سبب آهي جو اڳيان هلي ذوالفقار علي ڀٽو عوام جو حقيقي ليڊر ٿي اڀريو ۽ غريب عوام جي دلين ۾ گهر ڪري ويو. عوام ۾ وڌيڪ مقبول ٿيڻ سبب کيس رستي تان هٽائڻ لاءِ شهيد ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ وڏين تڪليفن کي منهن ڏيڻ کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو، پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلي عوامي سياست ڪئي جيڪا به عوام ۾ هڪ سچي ۽ عوامي ليڊر ٿي اڀري، جنهن کي به سياست ڪرڻ نه ڏني وئي ۽ کيس بيدردي سان شهيد ڪيو ويو. اهڙي صورتحال کانپوءِ عوام جو حقيقي ليڊر نه هئڻ ڪري خاص طور تي سنڌ جو عوام ڪافي مايوس ۽ پريشان ٿي ويو. اڳيان هلي سياست ۾ وڏي تبديلي آئي ۽ پيپلزپارٽي جون واڳون آصف علي زرداري جي حوالي ٿي ويون. محترمه جي شهادت کانپوءِ اليڪشن ٿي ان اليڪشن ۾ ملڪ جي ٻين صوبن مان پ پ اڪثريت سان ڪامياب ٿي نه سگهي، البته سنڌ صوبي مان پ پ صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي چونڊ ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي وئي. هن وقت وفاق ۾ پ پ جي حمايت سان ن ليگ جي حڪومت آهي ۽ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ پ پ کي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت پڻ حاصل آهي. جڏهن ته مراد علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير آهي. ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته هن وقت نه اها پيپلز پارٽي ٿي نظر اچي ۽ نه ئي پارٽي لاءِ قربانيون ڏيندڙ اهي سچا ڪارڪن جيالا نظر ٿا اچن. مطلب ته مٿي کان وٺي هيٺ ڪارڪن تائين، پراڻن ماڻهن جي جاءِ تي نوان ماڻهو نظر اچڻ لڳا آهن ۽ پارٽي اندر ڪارڪن جي جيڪا اڳي عزت هئي اها هاڻي نظر نٿي اچي. موجوده پيپلزپارٽي عوام کي ويجهو ٿيڻ بجاءِ ميرن پيرن ۽ سردارن جي پويان هلي رهي آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ بک بيروزگاري ڪرپشن ۽ مهانگائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. عوام کان صحت تعليم پاڻي گئس ۽ بجلي جهڙيون سهولتون کسجي چڪيون آهن ۽ عوام جي شڪايتن ۽ ڪيل احتجاجن کي حڪومت چونڊيل نمائندا ۽ سرڪاري عملدار ڪابه موٽ نٿا ڏين. موجوده صوبائي حڪومت صرف ميرن، پيرن ۽ سردارن جي اشاري تي هلي رهي آهي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪجهه ڏينهن کان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ کليون ڪچهريون ڪوٺايون ويون جن ۾ عوام شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، مگر سندن دانهن جو داد نه ٿيو الٽو شڪايتون ڪندڙ غريب ماڻهن کي ڌمڪايو ويو، مٿن سخت تشدد ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪري عوام جي آواز کي دٻايو ويو. رڳو شهيدن جي پارٽي چئي ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بينظير جي نالن کي ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر بدنام ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي وئي آهي. ڪاش جي محترمه زنده هجي ها ته اڄ جي وزيرن مشيرن ۽ لٽيرن کي عوامي عدالت کلي ڪچهرين ۾ رسو ڳچي ۾ وجهي ها ۽ دنيا ڏسي ها، ڏک جهڙي ڳالھ آهي ته تازو سنڌ جي مختلف شهرن نواب شاهه، ميرپورخاص، سجاول، بدين ۽ ٻين هنڌن تي کليون ڪچهريون ڪوٺايون ويون، جن ۾ عوام جا مسئلا ٻڌڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ بجاءِ الٽو غريبن سان مذاق ۽ تذليل ڪري انهن تي تشدد ڪري، رڳو فوٽو سيشن کانسواءِ ڪجهه به نظر نه آيو. هڪ نوجوان کلي ڪچهري ۾ چيو ته ڏهرڪي اسپتال ۾ 7 ڊاڪٽر موجود آهن، جيڪي ڊيوٽي نٿا ڪن ان اسپتال مان گوري به نٿي ملي. آپريشن ٿيٽر بند آهي ايم ايس نٿو ٻڌي مجبور ٿي احتجاج ڪيوسين ته ايم ايس اسان تي ڪيس داخل ڪرايو، شهرين سان ظلم آهي، هڪ نوجوان چيو ته هڪ شهري ڳالهائڻ ٿي چاهيو ته ڊي سي جي ملازم ان کان مائيڪ کسي ورتو، هيءَ ڪهڙي کلي ڪچهري آهي جنهن ۾ من پسند ۽ سرڪاري ماڻهو ويهاريا ويا هجن. نوجوان وڪيل عمار دايو مختلف شڪايتون ڪيون ته وزير اعليٰ سنڌ جو صلاحڪار بابل ڀيو مٿس ڪاوڙجي پيو ۽ کيس مخاطب ٿي چيائين ته تو جهڙو ماڻهو 8 قومن جي سردار جي اڳيان ائين ٿو ڳالهائي. ان مان اهو به ثابت ٿي رهيو آهي ته هو اڻ پڙهيل به آهي، جنهن جي جواب ۾ نوجوان بهادر وڪيل عمار دايو چيو ته سنڌي قوم 8 نه، پر هڪ آهي، ڪچي جا وڻ غير قانوني وڍجي رهيا آهن، اسپتالن ۾ علاج ڪونهي. ان کانسواءِ هن ٻيا به ڪيترائي مسئلا بيان ڪيا. هن چيو ته پ پ سنڌ جي ڪرپٽ ترين پارٽي آهي ۽ هنن ڪجهه به ناهي ڪيو اسان جهڙو ڪو سوال ڪري ٿو ته پوءِ هنن جو ڊرامو فيل ٿي وڃي ٿو. اسان ڊڄڻ وارا ناهيون اسان کي انهن سوالن جا جواب گهرجن. صحافي نصرالله گڏاڻي کي ماريو ويو اسان کي به ماري ڇڏيو. آخر ۾ هن اهو چئي مائيڪ مان هٿ ڪڍيو ته اوهان جهڙن پ پ جي جاگيردارن وڏيرن جي ڪري اسان غريب ٿيا آهيون.