وڪروءَ جي ماوراءِ عدالت قتل تي سڄي سنڌ جيان منهنجو من به اداس هو. موقعي جو فائدو وٺي مونJuvenile Justice System Act (JJSA), 2018 جو پوسٽ مارٽم ڪري، هڪ ئي ڌڪ ۾ پنھنجي دل جو بخار ڪڍيو ۽ ڪراڙي جو به ڀَرم رکيو:
“چاچا، هن قانون ۾ لکيل آهي ته جيڪڏهن ڏوھ ڪرڻ وقت ڪنهن جي عمر 18 سالن کان گھٽ آهي ته اهو ٻار چئبو. اهڙن ڏوهارين لاءِ الڳ عدالتون قائم ڪرڻ جي هدايت ٿيل آهي. کين بالغ ڏوهارين ساڻ رکڻ جي هرگز اجازت ناھي. ٻيو ته اهڙن ٻارن جو نالو ۽ تصويرون وغيره ظاهر ڪرڻ تي به پابندي آهي.
“وڪرو ته ٻارهن تيرهن سالن جو هو. اڙي ظالمن معصوم جو گولين سان پروڻ لاش اخبار، ٽي وي، موبيل ۾ به ڏنو.”
ڪراڙي اڳئين کيسي مان رومال ڪڍي وهندڙ نڪ اُگهي، قانون ٽوڙيندڙن کي پاراتو ڏنو.
“پُٽ، سزا لاءِ قانون ڇا ٿو چئي…؟”
“چاچا، قانون جو سڄو زور ٻارن جي سڌاري ۽ بحاليءَ تي آهي نه ڪي سزا ڏيڻ. جي اگر سنگين ڏوھ ثابت به ٿئي، تڏهن به کين ڦاهي چاڙهڻ يا عمر قيد جي سزا منع ٿيل آھي. حڪومت پنهنجي نگرانيءَ ۾ بحالي مرڪز ۽ ڪجهه جڳهيون مخصوص ڪيون آھن، جتي ٻارن جي سارسنڀار ڪري کين تنبيهه ڪئي ويندي آهي، ته جيئن هو بريون عادتون ڇڏي، سٺا شھري ٿي سگهن.”
“ٻُڌئي! اهو ٿئي اسان جي ملڪ جو قانون. قتل ثابت ٿئي پوءِ به ٻالڪ کي مارڻو ناھي. اڙي ابا، وڪروءَ تي تي رڳو الزام هو. ڪابه تحقيق نه ٿي، راتوڪي پيٽ ۾ ٻَڌي، ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيائونس.” ڪراڙي ڪنڌ ڦيري پوئين سيٽ تي ويٺل همراهه کي جواب ڏنو.
“هو جيڪا معصوم نينگري بيدرديءَ سان وڍي وئي، ان جو توکي ڪو احساس ناهي معنيٰ؟” سامهون واري همراهه ٻيهر ڪراڙي کي چيڙائيندي چيو.
“ابا، آنڊا ته اسان جا وڍيا ويا نه… هوءَ به اسان جي، هي به اسان جو… داد ٿيو نه فرياد… جن بَڇ ڏني سي آزاد گھمن پيا.” ڪراڙي سيني تي هٿ هنيا.
مون موبائيل تي اسڪرولنگ شروع ڪئي ته وڪروءَ جي ماءُ جو بيان سامهون اچي ويو. جنھن تي ڪراڙي ڪن کڻي ڪِيٽ ڪيا.
“ڙي هٿن سان ڪڍي ڏنو آ ٻَچو… قسم قرآن تي ڏنو آ… پوليسن ماريو آ… ڙي پوليسن جُلم ڪيو آ…” وڊيو ۾ وڪروءَ جي ماءُ اُڀ ڏاريندڙ دانهون ڪري، گندي وات ۾ وڌي.
ڪراڙي ڪنڌ هيٺ ڪري اسڪرين تي مائيءَ جو بيان ڏسي، درد ڀريون دانهون ڪيون:
“جيڪا نينگري وَڍي ماري وئي، اها به ان مائيءَ جي ڀر واري گهر جي آ، ھڪ ئي خاندان، پنهنجو ئي رت. هاڻ اهو انصاف ٿيو؟ هڪ ٿَلهي تي ٻه تَڏا.”
“اسان ڀيل باگڙي قوم جو ڪو ماڻهو توھان ڪڏهن ڪنهن الزم ۾ ٿاڻي تي لاڪپ ڏٺو آ…؟ ڪنهن جو خون ڪندي ڏٺو آ…؟ ڪنهن سان ناجائزي ڪندي…؟ ڪنهن مسلمان جي گهر ۾ ڌاڙو هڻندي…؟ ڪنهن کان ڦر ڪندي…؟ اسان مسڪين ماڻهو آهيون. ٻارين ٻچين پگھر جو پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪندا آهيون. ههڙو ڀَلو ملڪ دنيا ۾ ڪٿي به ناھي… اسان جو ايمان آ پاڪستان تي… اسان جو ايمان آ پنهنجي ملڪ جي قانون تي… انصاف کپي… بس انصاف کپي”
ڪراڙو مسلسل ڳالهائيندو رهيو. هن جا جملا آسماني بجليءَ جيان ڪرندا رهيا. ڪنهن جي مجال جو ڪُڇي. ويٺلن جا منھن هيڊ ٿي ويا. مڪمل خاموشي ڇانئجي وئي. اڌ سچ، ڪوڙ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. اڌ سچ تي مبني، تڪڙي انصاف جي حمايتي ٽولي کي هڪ اسي ورهين جي پوڙهي پنهنجي تجربي، ڏاهپ ۽ سچائيءَ سان الف ننگو ڪري بيهاري ڇڏيو. سچ، اُسچ جو نڪ وڍي، سندس ڪنڌ شرم سان جهڪائي ڇڏيو.
ڪراڙي جا ڪجهه جملا، جيڪي جملا نه شعلا ها، منهنجي ڪنن تي مسلسل ٻُرندا رهيا، جن جو مون وٽ ڪو جواب نه هو:
“اسان ڀيل باگڙي قوم جو ڪو ماڻهو توھان ڪڏهن ڪنهن الزم ۾ ٿاڻي تي لاڪپ ڏٺو آ…؟ ڪنهن جو خون ڪندي ڏٺو آ…؟ ڪنهن سان ناجائزي ڪندي…؟ ڪنهن مسلمان جي گهر ۾ ڌاڙو هڻندي…؟”