ڪهاڻيونڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: مُلي هار ڏنا، پوليس هار پاتا

”پُٽ، ايس ايڇ او لهي ويو آ ڇا رات؟” ڪُراڙي منهنجي ڪلُهي تي هٿ رکندي پڇيو.

ڪهڙو ايس ايڇ او چاچا؟

“پُٽ، جنهن وِڪروءَ کي فل فرائي ڪيو. موبيل ۾ فوٽو به آيو ٿَس”

خبر ناهي چاچا. ڪالهه ايس پي جي ته وڊيو آئي آهي نيٽ تي. مُلن ۽ فريادين هٿان هار ٿي پاتائين.

ويگن ۾ سامهون ويٺل همراهه مون کي ڏسي چيو:

“شابش آ پوليس وارن کي. قاتل کي پڪڙي جهٽ ۾ گهمائي ڇڏيائون. اهڙن درندن کي ايئن ئي ڪُتي جو موت مارڻ گُهرجي.”

ان کان اڳ جو آئون ڪجھ ڳالهايان، ڪُراڙي سامهون ويٺل همراهه کي ڏسي اکيون کڻي ڳاڙهيون ڪيون.

منهنجي ڪلهي تان هٿ لاهي، ھوا ۾ ڇنڊڪو ڏنائين.

“ته پوءِ سزا ڏيڻ پوليس جو ڪم آهي؟ ڪورٽون ڇاجي لاءِ آھن پو؟”

چئي ڪراڙو سهڪي پيو. هٿ ڏڪڻ لڳس.

ڪاراٽيل ۽ دونهاٽيل ڪُراڙو شخص اسي سالن جو ٿي لڳو. مُڇون وڏيون ۽ وٽيل، ڏاڙهي چٽ. ميري ٽوپ مٿان اڇو پَٽڪو ٻڌل. ڪُلهي تي نيرو رومال، ٻن اڳين ۽ ٻن پاسي وارن کيسن واري ميري اڇي قميص هيٺان سرمئي گوڏ ٻڌل. سامهون واري هڪ کيسي ۾ پن جون ٻيڙيون ۽ ماچيس، ٻئي کيسي ۾ نڪ اگهڻ وارو ننڍو رومال، آئينو، ڦڻي ۽ پراڻا ڪاڳر جن تي نمبر ۽ يوناني دوائن جا سنڌيءَ ۾ نالا لکيل ھئا. ميرڙا مُنھن، ڪارا هڙٻاٽيون لِڱ ۽ ڏرا پيل اکين جا تارا تجلا ڏئي رهيا ھئس. هٿن، پيرن ۽ منھن جا گهنج لٽڪيل. ڳالهايائين ٿي ته لوندڙين ۾ ڌَوڻي، ڄاڙيءَ ۾ ڦرڻي، جسم ۽ هٿن ۾ ڏَڪڻي ٿي وٺي ويس. ڪاري ٺونٺ جهڙي زندگي، توبهه. اصل بڇان وٺيو وڃي. سندس هلڪي مُشق ۽ ٽمڪندڙ تارن جي تجلي، جسماني ڪمزوريءَ کي مات ڏئي، زندگيءَ جو مقصد ٿي سمجھايو.

“ڪورٽن مان ڪنهن کي انصاف مليو اڄ تائين؟ ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين چاچا.”، همراهه ڪراڙي کي ڏسي خار ۾ چيو.

ڪُراڙو ڪجھ ڍرو ٿيو. وڏو ساهه کڻي چيائين:

“ابا، پوءِ به پوليس جو ڪم ناهي سزا ڏيڻ. پوليس جو ڪم آهي ڏوهاري کي پڪڙي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ. پوءِ ڪورٽ ڄاڻي. انصاف ڪري يا کڻي ڦاهي چاڙهي.”

“چاچا پاڻ ۾ ويٺا آهيون، تون به وڏو آن، زماني جو ماڻھو آن، ٻڌاءِ ته هتي ڪورٽن مان ڪنهن غريب کي انصاف ملي ٿو؟”

چڱو ٿيو پوليس هلائي ڇڏيس.

همراهه ڪُراڙي جي اکين ۾ اکيون ملائي هٿن جي اشارن سان گڏوگڏ ڳالهائيندو به رهيو.

ڀر ۾ ويٺل مسافر همراهه جي ڳالهين مان متاثر ٿيندي چيو: “برابر”

ٻيو مسافر: “ڀائو صحيح ٿا چئو”

ايئن اڌ درجن مسافرن پوليس جي عمل کي ساراهيو.

ڪُراڙو پِنڊ پَهڻ ٿي ويو. نه ڪُڇي نه پُڇي. لرزندڙ ھٿن سان پاسي واري کيسي مان نسوار جي پُڙي ڪڍي، چپٽي ٺاهي، چَپ جي هيٺان رکيائين.

“انصاف نه ٿيو، انصاف نه ٿيو” ڪراڙي ڪنڌ ڌوڻي خاموش احتجاج ڪيو.

“قاتل مارجي ويو، فريادي پوليس مان مطمئن آهن، اڃان ڪهڙو انصاف کپي توکي چاچا؟” همراهه ڪُراڙي تي چڙھت ڪئي.

“اڙي ابا، ٻالڪ ماريو اٿن. معصوم ڇوڪرو آ ٻارهن تيرهن سالن جو.” ڪراڙي پنھنجي ڳالھ تي زور ڏنو.

“هيڏو سارو آ. خون ڪيو اَٿس. تُنھنجي لاءِ معصوم آ. واهه ڙي چاچا واهه” همراهه ڪُراڙي کي وڪڙ ڏنو.

“خون ڪيو ٿَس يا نه ڪيو ٿَس، ڳالهه اها آهي ته ھيڏي ساري پوليس، اهو به هٿيارن سان ۽ هو هٿين خالي ننڍڙو معصوم، ايئن ڪيئن مقابلي ۾ مارجي ويو؟ اچيوَ ٿي ڳالهه سمجهه ۾؟” ڪُراڙي گوهي هڻي وڪڙ ڇڏايو.

“چڱو، خدا ڪارڻي هڪ ڳالهه جو جواب ته ڏي” ڪراڙي سامھون واري همراهه کي ڏسي جھڙو هڙئي ماڻهن سان مخاطب ٿيو.

“ڇوڪر ته لاڪ اپ هو نه؟ آڌيءَ رات ڪيئن ڀڳو؟ ايترو زورآور هو جو اڪيلي سر پوليس تي حملو ڪيائين؟ ڪنهن کي ڪا رهنڊ به نه آئي، پاڻ مارجي ويو؟”

“ڪاڪا، متان ڀڄڻ جي ڪئي هجيس. پڪڙ ۾ هاف فرائي بجاءِ فل فرائي ٿي ويو ھجي؟” پوئين سِيٽ تان ڀُڻڪو ٿيو.

ڪُراڙو ڀڻڪو ٻُڌي باھ ٿي ويو. سندس چمڪندڙ تارا شعلا بڻجي پيا. ڪنڌ پوئتي ڦيري ٻڙڌڪ مچائي ڏنائين.

“لعنت آ انھن هاف فرائي، فل فرائي ڪرڻ وارن تي. اڙي، انسان جي ٻچن کي زندگي ڀر معذور ڪري، ماري، وري هار ٿا پائين، بيشرم ڪنهن جاءِ جا.” ڪُراڙي جي گجگوڙ سان سناٽو ڇانئجي ويو.

مڙني جي ماٺ ڏسي، ڪُراڙي ٻيھر ڪڙڪاٽ ڪندي مون ڏانهن سوال اڇلايو:

“پُٽ، جي ٻالڪن کان ڪا خطا ٿئي، پنھنجي ملڪ ۾ ان لاءِ ڪو قانون آهي؟”

“ها چاچا، ٻارن کان جيڪي ڏوھ ٿين ٿا، ان لاءِ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ الڳ قانون ٺهيل آھن.”

“ٻُڌو” ڪراڙي ڪنڌ مٿي ڪري، مون ڏانھن اشارو ڪري، سينو ساهي سڀني ڏانهن ڏٺو.

“پٽ، پنهنجي ملڪ جو قانون ڇا ٿو چئي؟”

وڪروءَ جي ماوراءِ عدالت قتل تي سڄي سنڌ جيان منهنجو من به اداس هو. موقعي جو فائدو وٺي مونJuvenile Justice System Act (JJSA), 2018  جو پوسٽ مارٽم ڪري، هڪ ئي ڌڪ ۾ پنھنجي دل جو بخار ڪڍيو ۽ ڪراڙي جو به ڀَرم رکيو:

“چاچا، هن قانون ۾ لکيل آهي ته جيڪڏهن ڏوھ ڪرڻ وقت ڪنهن جي عمر 18 سالن کان گھٽ آهي ته اهو ٻار چئبو. اهڙن ڏوهارين لاءِ الڳ عدالتون قائم ڪرڻ جي هدايت ٿيل آهي. کين بالغ ڏوهارين ساڻ رکڻ جي هرگز اجازت ناھي. ٻيو ته اهڙن ٻارن جو نالو ۽ تصويرون وغيره ظاهر ڪرڻ تي به پابندي آهي.

“وڪرو ته ٻارهن تيرهن سالن جو هو. اڙي ظالمن معصوم جو گولين سان پروڻ لاش اخبار، ٽي وي، موبيل ۾ به ڏنو.”

ڪراڙي اڳئين کيسي مان رومال ڪڍي وهندڙ نڪ اُگهي، قانون ٽوڙيندڙن کي پاراتو ڏنو.

“پُٽ، سزا لاءِ قانون ڇا ٿو چئي…؟”

“چاچا، قانون جو سڄو زور ٻارن جي سڌاري ۽ بحاليءَ تي آهي نه ڪي سزا ڏيڻ. جي اگر سنگين ڏوھ ثابت به ٿئي، تڏهن به کين ڦاهي چاڙهڻ يا عمر قيد جي سزا منع ٿيل آھي. حڪومت پنهنجي نگرانيءَ ۾ بحالي مرڪز ۽ ڪجهه جڳهيون مخصوص ڪيون آھن، جتي ٻارن جي سارسنڀار  ڪري کين تنبيهه ڪئي ويندي آهي، ته جيئن هو بريون عادتون ڇڏي، سٺا شھري ٿي سگهن.”

“ٻُڌئي! اهو ٿئي اسان جي ملڪ جو قانون. قتل ثابت ٿئي پوءِ به ٻالڪ کي مارڻو ناھي. اڙي ابا، وڪروءَ تي تي رڳو الزام هو. ڪابه تحقيق نه ٿي، راتوڪي پيٽ ۾ ٻَڌي، ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيائونس.” ڪراڙي ڪنڌ ڦيري پوئين سيٽ تي ويٺل همراهه کي جواب ڏنو.

“هو جيڪا معصوم نينگري بيدرديءَ سان وڍي وئي، ان جو توکي ڪو احساس ناهي معنيٰ؟” سامهون واري همراهه ٻيهر ڪراڙي کي چيڙائيندي چيو.

“ابا، آنڊا ته اسان جا وڍيا ويا نه… هوءَ به اسان جي، هي به اسان جو… داد ٿيو نه فرياد… جن بَڇ ڏني سي آزاد گھمن پيا.” ڪراڙي سيني تي هٿ هنيا.

مون موبائيل تي اسڪرولنگ شروع ڪئي ته وڪروءَ جي ماءُ جو بيان سامهون اچي ويو. جنھن تي ڪراڙي ڪن کڻي ڪِيٽ ڪيا.

“ڙي هٿن سان ڪڍي ڏنو آ ٻَچو… قسم قرآن تي ڏنو آ… پوليسن ماريو آ… ڙي پوليسن جُلم ڪيو آ…” وڊيو ۾ وڪروءَ جي ماءُ اُڀ ڏاريندڙ دانهون ڪري، گندي وات ۾ وڌي.

ڪراڙي ڪنڌ هيٺ ڪري اسڪرين تي مائيءَ جو بيان ڏسي، درد ڀريون دانهون ڪيون:

“جيڪا نينگري وَڍي ماري وئي، اها به ان مائيءَ جي ڀر واري گهر جي آ، ھڪ ئي خاندان، پنهنجو ئي رت. هاڻ اهو انصاف ٿيو؟ هڪ ٿَلهي تي ٻه تَڏا.”

“اسان ڀيل باگڙي قوم جو ڪو ماڻهو توھان ڪڏهن ڪنهن الزم ۾ ٿاڻي تي لاڪپ ڏٺو آ…؟ ڪنهن جو خون ڪندي ڏٺو آ…؟ ڪنهن سان ناجائزي ڪندي…؟ ڪنهن مسلمان جي گهر ۾ ڌاڙو هڻندي…؟ ڪنهن کان ڦر ڪندي…؟ اسان مسڪين ماڻهو آهيون. ٻارين ٻچين پگھر جو پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪندا آهيون. ههڙو ڀَلو ملڪ دنيا ۾ ڪٿي به ناھي… اسان جو ايمان آ پاڪستان تي… اسان جو ايمان آ پنهنجي ملڪ جي قانون تي… انصاف کپي… بس انصاف کپي”

ڪراڙو مسلسل ڳالهائيندو رهيو. هن جا جملا آسماني بجليءَ جيان ڪرندا رهيا. ڪنهن جي مجال جو ڪُڇي. ويٺلن جا منھن هيڊ ٿي ويا. مڪمل خاموشي ڇانئجي وئي. اڌ سچ، ڪوڙ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. اڌ سچ تي مبني، تڪڙي انصاف جي حمايتي ٽولي کي هڪ اسي ورهين جي پوڙهي پنهنجي تجربي، ڏاهپ ۽ سچائيءَ سان الف ننگو ڪري بيهاري ڇڏيو. سچ، اُسچ جو نڪ وڍي، سندس ڪنڌ شرم سان جهڪائي ڇڏيو.

ڪراڙي جا ڪجهه جملا، جيڪي جملا نه شعلا ها، منهنجي ڪنن تي مسلسل ٻُرندا رهيا، جن جو مون وٽ ڪو جواب نه هو:

“اسان ڀيل باگڙي قوم جو ڪو ماڻهو توھان ڪڏهن ڪنهن الزم ۾ ٿاڻي تي لاڪپ ڏٺو آ…؟ ڪنهن جو خون ڪندي ڏٺو آ…؟ ڪنهن سان ناجائزي ڪندي…؟ ڪنهن مسلمان جي گهر ۾ ڌاڙو هڻندي…؟”

***