بلاگنئون

ويٽ لينڊ (آبي زمين) جو عالمي ڏهاڙو

دنيا ۾ ويٽ لينڊس جو عالمي ڏھاڙو هر سال 2 فيبروري تي ملهايو ويندو آهي. هي ڏينهن 2 فيبروري 1971 تي ڪيسپين سمنڊ جي ڪناري تي واقع ايران جي شهر رامسر ۾ ويٽ لينڊس تي ڪنوينشن جي منظوري جي تاريخ جي ياد ڏياريندو آهي. 2 فيبروري 2026 تي ورلڊ ويٽ لينڊز ڏھاڙي جو موضوع “ويٽ لينڊز ۽ روايتي ڄاڻ، ثقافتي ورثي جو جشن” آهي. هيءُ موضوع ويٽ لينڊز جي بچاءَ، گهڻ پاسائي حياتيات کي برقرار رکڻ ۽ ثقافتي سڃاڻپ جي تحفظ ۾ مقامي ڄاڻ جي ضروري ڪردار کي اجاڳر ڪري ٿو.

آبي زمين يا ويٽ لينڊ مان مراد آھي اھا زمين جيڪا قدرتي يا هٿراڌو طور پاڻيءَ سان ڍڪيل ھجي. ھن ۾ سمنڊ، دريائن ۽ ڍنڍن جي ڀرپاسي واريون اھي زمينون جيڪي پاڻيءَ جي رسجڻ ڪري آليون ۽ نرم ٿي ويون ھجن يا ڌٻڻ جي شڪل اختيار ڪري ويون ھجن، شامل آھن. انهن کان علاوه ڪجھه مصنوعي ڍنڍون ۽ ڍورا جن ۾ قدرتي طور گاھ ٻوٽا پيدا ٿيندا ھجن، پڻ ويٽ لينڊز جي لسٽ ۾ شامل آھن. سنڌ ۾ اھڙين آبي زمينن جو تعداد 100 کان مٿي آھي. ھنن مان اٽڪل 90 سيڪڙو آبي زمينون سنڌو نديءَ جي کاٻي طرف آھن ۽ بقايا ساڄي پاسي آھن. آبي زمينن جي اسان جي ماحول جي حوالي سان تمام گھڻي اھميت آھي. اھي زمينون انسانن، آبي ۽ جهنگلي جيوت لاءِ تمام گھڻيون فائديمند ٿين ٿيون. انهن فائدن ۾ پاڻي جي معيار جي حفاظت ۽ بهتري، آبي ۽ جهنگلي جيوت جي لاءِ رهائش جي فراهمي، ٻوڏ جي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ ۽ خشڪ موسمن دوران سطحي پاڻي جي وهڪري کي برقرار رکڻ شامل آهي. اسان جي  ڌرتيءَ تي آبي زمين جي حيثيت ھڪ اھڙي سپر مارڪيٽ وانگر آھي جيڪا نه صرف جانورن، جيتن ۽ ٻي مخلوق جون غذائي ضرورتون پوريون ڪري ٿي، پر ان سان گڏوگڏ انھن لاءِ رھائش ۽ آرام جون ضرورتون پڻ پوريون ڪري ٿي. آبي زمينون انسان لاءِ اهڙيون خدمتون فراهم ڪن ٿيون جيڪي ڪو ٻيو ماحولياتي نظام نٿو ڪري سگهي. انهن ۾ قدرتي پاڻي جي معيار ۾ بهتري، ٻوڏ کان بچاءُ، ساحلي پٽي جي ڪٽائي تي ضابطو، تفريح ۽ جمالياتي قدرن جا موقعا ۽ قدرتي شيون جن ۾ مڇي، ڪاٺي، مختلف دوائن جي تياريءَ لاءِ نباتات وغيره اسان جي استعمال لاءِ مفت ۾ شامل آهن. آبي زمينن جي حفاظت اسان جي ڀلائيءَ جي حفاظت ڪري سگهي ٿي.

رامسر ۾ ٿيل ڪنوينشن جي نتيجي ۾ آڪٽوبر 2024 تائين سڄي دنيا ۾ 2,521 آبي ذخيرن کي رامسر سائيٽس جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو جن منجھان 19 پاڪستان ۾ آھن. انھن 19 رامسر سائيٽس مان 10 سنڌ ۾ موجود آھن. بين الاقوامي حيثيت جون حامل، سنڌ ۾ موجود آبي زمينون جن کي رامسر سائيٽن جو درجو مليل آهي انھن ۾ ڪينجھر ڍنڍ (ٺٽو)، ھاليجي ڍنڍ (ٺٽو)، انڊس ڊيلٽا، انڊس ڊولفن رزرو (سکر ۽ گڊو بيراج جي وچ وارو حصو)، ديھه اڪرو 2 (شهيد بينظير آباد)، ڊرگھه ڍنڍ (قمبر شھدادڪوٽ)، ھاليجي ڍنڍ (ٺٽو)، حب ڊيم (ڪراچي)، نريڙي ڍنڍ (بدين) ۽ رڻ ڪڇ شامل آھن.

رامسر معاھدي مطابق اھڙين خاصيتن وارين جڳھين کي رامسر سائيٽس ۾ شامل ڪيو ويندو آھي جتي:

  1. ڪمزور، خطري ۾ پيل يا انتهائي خطري ۾ پيل پکين جي نسلن يا خطري ۾ پيل ماحولياتي آبي جيوت يا نباتات جي مدد ٿي سگهي.

  2. اھڙي پاڻي جو ذخيرو جنھن ۾ پکي، مڇي ۽ ٻي جيوت آنا لاھيندي ھجي ۽ سندن نسل جي افزائش ٿيندي ھجي.

  3. اھڙو پاڻي جنھن ۾ يا جنھن جي اوسي پاسي حياتياتي ۽ ماحولياتي نظام موجود ھجي.

  4. ٻوٽن، آبي جيوت يا پکين جي ڪا خاص جنس موجود ھجي يا ڪا خطري ھيٺ جنس ھجي.

  5. انھن ٻوٽن يا جانورن جي نسلن جي آباديءَ کي سهارو ڏئي سگھجي جيڪي هڪ خاص حياتياتي جاگرافيائي علائقي جي گهڻ پاسائي حياتيات کي برقرار رکڻ لاءِ اهم ھجن.

  6. 20 ھزار يا ان کان مٿي زميني يا آبي پکين جي پرورش ٿي سگھي.

سنڌ جو جھنگلي جيوت وارو کاتو ۽ انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر جا ادارا انهن آبي زمينن کي سنڀالڻ ۾ مصروف آھن، پر انهن سان گڏ عوام تي به اھا ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اھڙن ماڳن کي پنھنجي اصلوڪي حالت ۾ برقرار رکڻ لاءِ سرڪاري ۽ نجي ادارن سان سھڪار ڪن ته جيئن جانورن، پکين ۽ آبي جيوت جي ختم ٿيندڙ نسلن کي بچائي سگھجي.