بلاگنئون

پاروتي ڪولھي اميد ۽ حوصلي جي علامت

تاريخ هميشه  وڏن نالن، طاقتور آوازن ۽ نمايان چهرا رکندڙ ماڻهن جي حوالي سان نٿي لکي وڃي، پر ڪڏهن ڪڏهن تاريخ ان خاموشيءَ مان جنم وٺندڙ فرد کي به لکندي آهي، جيڪا صدين کان ڳالهائڻ جو حق نه رکي سگهندي هجي. اهڙي ئي خاموشي ٽوڙيندڙ، همت ۽ حوصلي سان تاريخ رقم ڪندڙ اسان جي مانائتي نياڻي پاروتي انيل ڪولھي جو نالو به سرفهرست آهي. پاروتي سنڌ جي ان ڪولھي ڪميونٽي سان واسطو رکندڙ ڇوڪري آھي، جنهن ڪميونٽي جا نالا اڪثر محرومي، غربت ۽ خودڪشين سان ڳنڍيل رهيا آهن، ھن نياڻي اتي هڪ اهڙو مثال قائم ڪيو آهي، جيڪو نه رڳو سندس ذاتي ڪاميابي آهي، پر پوري ڪميونٽي لاءِ ھڪ سڃاڻپ، اعتماد ۽ اميد جو استعارو بڻجي آڏو آئي آهي. پاروتي انيل ڪولھي جو تعلق هڪ غريب ۽ اڇوت گهراڻي سان آهي، جتي روزمره جي ضرورتن جو پورائو به جدوجهد کانسواءِ ممڪن ناهي هوندو. اهڙي سماجي پس منظر ۾، جتي نياڻين لاءِ تعليم اڃان به  هڪ وڏو چئلينج ھجي. اتي انھن سڀني مشڪلاتن جي باوجود به پاروتي جنهن کي پيار مان پريتي سڏيو وڃي ٿو. خواب ڏسڻ، ڏکين ۽ وڏن امتحانن جي تياري ڪرڻ ۽ سرڪاري نوڪري جو تصور ڪرڻ يقينن پنھنجي اندر هڪ انقلاب کان گهٽ ناهي، پر پاروتي اهو ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو.

جنھن وقت مون لکڻ پئي شروع ڪيو ۽ جڏھن مون ڪولھي لفظ لکيو ته منھنجي اکين ۾ ڳوڙها ۽ دل جي ڌڙڪن گھڻي تيز ٿي رھي ھئي. ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ اسان جي انھن ذاتين کي سامراجي سوچ رکندڙ ماڻھن جي ذھن ۾ اھي ذاتيون ھڪ گار طور استعمال ڪندا ھئا. حسن درس جو شعر آھي ته؛

ڪولھين سان گڏ ڪولھي ٿيان،

ھا،ھا،ھا، مان ھوليء ٿيان!

جنھن ۾ صرف ڪولھي نه بلڪه سموريون ذاتيون جنھن کي اڇوت سمجھيو ويندو ھو. ڪنڀار، ڪولھي، ڀيل، اوڏ، ميگھواڙ ۽ سوٽهڙ وغيره. ڪولھي ڪميونٽي جيڪا سماجي ۽ معاشي طور تي گهڻن چئلينجن کي وقت بوقت منهن ڏيندي رهي آهي، ڇوڪرين جي تعليم هميشه ثانوي حيثيت اختيار ڪندي رهي آهي. غربت، سماجي دٻاءُ، وسيلن جي کوٽ ۽ روايتي سوچ نياڻين جي اڳتي وڌڻ ۾ وڏي رڪاوٽ رھي آھي. اهڙي ماحول ۾ پاروتي ڪولھي تعليم کي پنهنجو هٿيار بڻايو. پاروتي جو جنم 9 جولاءِ 1999ع ۾ سندس ھڪ ننڍڙي ۽ تاريخي ڳوٺ نبيسر ضلعي عمرڪوٽ ۾ ٿيو. اھو ڳوٺ ھاڪڙي درياءَ جي ڪپ ڀرسان ڪجھه ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي. پاروتي جي خوشنصيبي اها آھي جو کيس رھنما ۽ آئيڊيل سندس گھر ۾ ئي ملي ويو. پاروتي جو بابا ۽ اسان سڀني جو استاد سائين ديودت ڪولھي جيڪو پاروتي جي سموري تعليمي سفر ۾ ھڪ بھترين استاد طور مليو. پاروتي بنيادي تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، يارھين ۽ ٻارھين ڪلاس جي داخلا غزالي ڪاليج ڪنري مان حاصل ڪئي ۽ اڳتي ايم اي انوائرنمينٽل سائنس شعبي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان مڪمل ڪري ڪميشن جي امتحان جي تياري لاءِ پنهنجو مائينڊ سيٽ ڪيو ۽ اھو 2017ع ۾ ممڪن ڪري ڏيکاريو. جيڪي ماڻھو چوندا آهن ته ڪميشن جو امتحان غريب جو ٻار نه ڏئي ڇو ته سيٽون وڪيون وينديون آهن، ھزارين بھانا ٻڌايا ويندا آهن، ھنن کي ھڪ دفعو ضرور پاروتي جھڙن ڪامياب ماڻھن جي زندگي مان اتساھ حاصل ڪرڻ گھرجي.

تعليمي سفر دوران سڀ ڏکيائيون درپيش اينديون آھن جيڪي عام طور تي اهڙن گهراڻن جي ڇوڪرين جو مقدر بڻجن ٿيون. ڪڏهن مالي مسئلا، ڪڏهن سماجي حوصلا شڪني ته ڪڏهن وسيلن جي اڻهوند، پر انهن سڀني حالتن جي باوجود پاروتي ثابت قدمي سان پنهنجو سفر جاري رکيو. سندس جدوجهد اهو ثابت ڪري ٿي ته ڪاميابي اوچتو نٿي ملي، پر اها مسلسل محنت، صبر ۽ پاڻ تي اعتماد جو نتيجو هوندي آهي. پاروتي انيل ڪولھي جو ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ ۽ مائنز اينڊ منرلز ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ ۾ سليڪٽ ٿيڻ اھو هڪ فرد جي ڪاميابي کان گهڻو اڳتي وڌي وڃي ٿو. هي ڪاميابي ان ڪري به تاريخي حيثيت رکي ٿي، جو هوءَ ڪولھي ڪميونٽي جي پهرين ڇوڪري آهي، جيڪا اهڙي اهم سرڪاري اداري تائين پهتي آهي. هي رڳو هڪ نوڪري حاصل ڪرڻ جو موقعو ناهي، پر اهو سماجي بندشن جي ڀڃڪڙي ۽ تاريخي رڪاوٽن کي ٽوڙڻ جي ڪهاڻي آهي. پاروتي جي ڪاميابي اُن خاموش جدوجهد جو نتيجو آهي، جيڪا ڪيترن ئي سالن کان ڪولھي ڪميونٽي جي نياڻين جي اندر ساھ کڻي رهي هئي. هن هڪ اهڙو رستو کوليو آهي، جنهن تي هاڻ ٻيون نياڻيون به اعتماد سان هلڻ جو حوصلو رکن ٿيون. هوءَ انهن ڇوڪرين لاءِ مثال بڻجي چڪي آهي، جيڪي اڄ به وسيلن جي کوٽ ۽ سماجي دٻاءُ سبب پنهنجا خواب دٻائي ويهن ٿيون. سماجي طور تي پاروتي انيل ڪولھي جي ڪاميابي وڏي اهميت رکي ٿي. هي ڪاميابي سماج کي اهو پيغام ڏئي ٿي ته جيڪڏهن موقعا، همت ۽ حوصلا افزائي ملي ته ھر نياڻي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. تعليم جڏهن حقيقي معنيٰ ۾ سڀني لاءِ دستياب ٿيندي، تڏهن ئي سماج ۾ برابري ۽ انصاف جو تصور مضبوط ٿي سگهندو.

پاروتي جي ڪاميابي رياست ۽ سماج ٻنهي لاءِ سوال به آهي ۽ پيغام به سوال اهو ته اڃان ڪيتريون پاروتي جھڙيون سنڌ جون سورميون آهن، جيڪي اسڪول نه ھجڻ سبب اڳتي وڌي نٿيون سگهن؟ ۽ پيغام اهو ته جيڪڏهن موقعا برابر ڪيا وڃن ته  سماج جي تصوير تبديل ٿي سگهي ٿي. پاروتي انيل ڪولھي رڳو هڪ نالو ناهي، پر هڪ علامت آهي. اها علامت ان خاموشي جي آهي، جيڪا هاڻ ڳالهائڻ لڳي آهي، ان همت جي آهي، جيڪا محرومين مان جنم وٺي ٿي ۽ ان اميد جي آهي، جيڪا ايندڙ نسلن کي نئون حوصلو ڏئي ٿي. پاروتي سنڌ جي انهن سڀني نياڻين لاءِ هڪ روشن مثال بڻجي چڪي آهي، جيڪي اونداهي حالتن ۾ به سج اڀرڻ جو يقين رکن ٿيون ۽ اھو سج ھر گھر ۾ اڀرندو تڏھن جڏھن اسان پنھنجي ذھن ۾ پنھنجي نياڻي لاءِ شڪ واري نگاھن کي ختم ڪري ھر نياڻي کي زندگيءَ ۾ ڪاميابي جا دڳ ڏيکاريون، جنھن سان ھوءَ پنھنجي لاءِ سماج ۾ خود اعتمادي سان بھترين فيصلا ڪرڻ جي قابل بڻجي سگھي.