بلاگنئون

دادو جي يونيورسٽيءَ جي ڪئمپس اندر خطرناڪ تماشو

تحرير: اختر برهماڻي

ڇا يونيورسٽي ميلو آهي؟ ڇا ڪاليج ملاکڙو آهي؟ ڇا ڪئمپس روز نون تماشن لاءِ ليبارٽري طور قائم ڪيو ويو آهي؟ بدقسمتي سان دادو جهڙي تاريخي ۽ علمي شهر ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي، جتي شاگرد پڙهڻ لاءِ گهٽ ۽ تماشو ڏسڻ لاءِ وڌيڪ اچي رهيا آهن. روز نوان تماشا، روز نيون تقريبون، پر نه لائبريريون مڪمل طور فعال، نه ليبارٽريون جديد سهولتن سان آراسته ۽ نه تدريسي ماحول معيار مطابق.

ان کان به وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته يونيورسٽي ۾ تدريسي سهولتون نه هجڻ برابر آهن، جيڪي ٿوريون سهولتون موجود آهن، سي به غير سنجيدگي ۽ لاپرواهيءَ جو شڪار آهن. ڪيترائي استاد تعليم ۽ تحقيق کان پري نظر اچن ٿا، تحقيق کي بوجهه سمجهيو وڃي ٿو، ۽ غير حاضريءَ کي استاد پنهنجو بنيادي حق سمجهي استعمال ڪري ٿو. ڪلاس خالي، ليڪچر اڌورا ۽ ريسرچ رڳو فائيلن تائين محدود آهي. اها ڳالهه انتھائي افسوس، شرم ۽ ڳڻتيءَ جهڙي آهي ته هڪ پاسي يونيورسٽي جهڙو اعليٰ تعليمي ادارو هجي، جنهن جو بنيادي مقصد علم، تحقيق، تربيت ۽ ڪردار سازي هجي ۽ ٻئي پاسي اتي ميلن، ملاکڙن ۽ تماشن جهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي. سوال هي ناهي ته سرگرميون ٿيڻ گهرجن يا نه، سوال اهو آهي ته ڪهڙي نوعيت جون سرگرميون، ڪهڙي مقصد سان ۽ ڪهڙي معيار سان ٿيڻ گهرجن؟

سڀ کان وڌيڪ فڪر انگيز ڳالهه اها آهي ته روزانو پرو وائيس چانسلر طرفان ڪو نه ڪو نئون تماشو ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي؛ اهڙا شو ۽ اهڙيون نالي ماتر سرگرميون جن ۾ نه تعليمي مقصد آهي نه اخلاقي تربيت، نه ذاتي ڪردار سازي. نتيجي طور شاگردن جو تعليمي، اخلاقي ۽ انهن جا ذاتي قدر تباهه ٿي رهيا آهن ۽ يونيورسٽي جو مجموعي تعليمي ماحول برباد ٿيندو پيو وڃي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ادارو ڄڻ فلم ڏسڻ جو مرڪز بڻجي ويو آهي.

جيڪو شخص پرو وائيس چانسلر جهڙي اهم ذميواريءَ واري عهدي تي ويٺل هجي، جيڪڏهن اهو تعليمي ادارو ڪنهن ٿيٽر يا اسٽيچ شو ۾ تبديل ڪري ڇڏي ته اها رڳو نااهلي ناهي، پر تعليم سان کليل مذاق آهي. تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي سرگرمين جو مقصد ذهن جي اوسر، تنقيدي سوچ جو واڌارو، تحقيق ڏانهن لاڙو ۽ اخلاقي سنجيدگي هجڻ گهرجي، پر هتي حالت اها آهي جو تعليم پوئتي، تماشو اڳتي آهي.

ڇا يونيورسٽي ميلو آهي؟ ڇا ڪاليج ملاکڙو آهي؟ ڇا ڪيمپس روز نون تماشن لاءِ ليبارٽري آهي؟

اهو سڀ ڪجهه ڏسي ائين محسوس ٿئي ٿو ته هي ڪا سادي غلطي ناهي، پر هڪ سوچيل، سمجهيل عمل آهي، جنهن جو نتيجو شاگردن جي ذهني تباهي، اخلاقي زوال ۽ تعليمي ادارن جي ڪمزوري آهي. وڌيڪ ڏک جي ڳالهه اها آهي ته اعليٰ اختيارين جي خاموشي به هن تباهي ۾ شامل نظر اچي ٿي؛ سڀني کي پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي ڏسڻ جي ضرورت آهي ته اهڙن غير ذميدار ماڻهن کي انتظاميه ۾ ڪنهن شامل ڪيو آهي، ذميدار ادارن کي ان ڳالهه جي تحقيق ڪرڻ گهرجي.

وقت اچي ويو آهي ته دادو جي شعور کي جاڳڻو پوندو. وڌيڪ دير برداشت جوڳي ناهي. جيڪڏهن اڄ به آواز نه اٿاريو ويو، سوال نه ڪيا ويا ۽ احتساب نه ٿيو، ته پوءِ هي تماشو علمي درسگاهه کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيندو.

هاڻي اسان سڀن کي گڏجي فيصلو ڪرڻو آهي ته تعليمي ادارن کي تحقيق ۽ علم جي ترويج لاءِ استعمال ڪرڻو آهي يا انهن جي اندر تماشا لڳائي هلائڻا آهن.