ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان 2025 ۾ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ آلوده ملڪن ۾ شامل

آئي ڪيو ايئر پاران جاري ڪيل سالياني عالمي رپورٽ موجب دنيا ۾ فضائي آلودگي هڪ سنگين عالمي بحران جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي. رپورٽ مطابق دنيا جا رڳو ٿورا ملڪ اهڙا آهن جتي هوا جو معيار ڊبليو ايڇ او (World Health Organization) جي مقرر ڪيل حدن تي پورو لهي ٿو، جڏهن ته اڪثريت ان حد کان گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي. 2025 جي ڊيٽا مطابق پاڪستان دنيا جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، جتي فضائي آلودگي خاص طور تي پي ايم 2.5 جي صورت ۾ انتهائي خطرناڪ سطح تي پهتل آهي. واضح رهي ته WHO مطابق سالياني اوسط پي ايم 2.5 جي محفوظ حد 5 مائيڪروگرام في ڪعبي ميٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ اها سطح ان حد کان 10 کان 15 ڀيرا وڌيڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ڪجهه شهري علائقن ۾ سياري دوران اها سطح عارضي طور تي 200 مائيڪروگرام في ڪعبي ميٽر کان به وڌي وڃي ٿي، جيڪا انساني صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار آهي. رپورٽ موجب بنگلاديش ۽ ڀارت پڻ فضائي آلودگي ۾ مٿين ملڪن ۾ شامل آهن، جڏهن ته تاجڪستان جهڙا ملڪ به هن فهرست ۾ نمايان آهن. ان جي ابتڙ آسٽريليا، آئس لينڊ ۽ ايسٽونيا جهڙا ملڪ سخت ماحولياتي پاليسين، صاف توانائي جي استعمال ۽ قانونن تي سختي سان عمل ڪندي هوا جي معيار کي بهتر رکڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن.

پاڪستان ۾ فضائي آلودگي جا سبب گهڻ رخا ۽ پيچيده آهن. وڏن شهرن جهڙوڪ لاهور ۽ ڪراچي ۾ ٽريفڪ جو وڌندڙ دٻاءُ، پراڻيون ۽ ناقص گاڏيون، گهٽ معيار وارو ٻارڻ، صنعتي دونھون، سرن جي بٺن مان نڪرندڙ زهريلو دونهون ۽ بي ترتيب تعميراتي سرگرميون فضا کي سخت متاثر ڪري رهيون آهن. ان کان علاوه سياري جي موسم ۾ سموگ جو مسئلو خاص طور تي پنجاب ۾ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ٿو، جيڪو صحت عامه لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪو آهي. ماهرن موجب پي ايم 2.5 جهڙا انتهائي ننڍڙا ذرڙا ساهه ذريعي سڌو سنئون ڦڦڙن ۾ داخل ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ رت جي وهڪري ذريعي جسم جي ٻين عضون ۽ دماغ تائين به پهچي سگهن ٿا. نتيجي طور دم، دل جون بيماريون، ڦڦڙن جو ڪينسر، فالج ۽ ذهني دٻاءَ جهڙيون بيماريون وڌي رهيون آهن. خاص طور تي ٻار، بزرگ ۽ اڳ ۾ بيمار ماڻهو هن آلودگي کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. جديد تحقيق موجب فضائي آلودگي وقت کان اڳ موتن جي هڪ وڏي سبب طور به سامهون اچي رهي آهي، جنهن سان هر سال لکين ماڻهو متاثر ٿين ٿا.

عالمي سطح تي به حالتون اطمينان بخش ناهن. جهنگلات ۾ لڳندڙ باهيون، خاص طور تي يورپ ۽ اتر آمريڪا ۾، فضائي آلودگي ۾ اضافي جو سبب بڻجن ٿيون، ڇاڪاڻ ته انهن مان نڪرندڙ دونهون هزارين ڪلوميٽر پري علائقن تائين پکڙجي سگهي ٿو. بهرحال، هن عالمي اثر باوجود، مقامي سطح تي موثر پاليسين ۽ عملدرآمد جي اهميت گهٽ نٿي ٿئي. ماحولياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته مستقبل جي نسلن جي صحت، معيشت ۽ بقا جو دارومدار اڄ جي فيصلا سازي تي آهي. جيڪڏهن فوري ۽ سنجيده قدم نه کنيا ويا ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، جنهن جا اثر رڳو صحت تائين محدود نه رهندا، پر زراعت، معيشت ۽ سماجي ڍانچي تي به پوندا.

پاڪستان لاءِ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هو هنگامي بنيادن تي موثر قدم کڻي. انهن ۾ صاف توانائي ڏانهن منتقلي، اليڪٽرڪ ٽرانسپورٽ کي فروغ، پراڻين گاڏين تي پابندي، صنعتي اخراج تي سخت ڪنٽرول، سرن جي بٺن جي جديد ٽيڪنالاجي ڏانهن منتقلي، وڻڪاري مهمن ۾ واڌ ۽ ماحولياتي قانونن تي سختي سان عمل شامل آهن. ان سان گڏ عوامي شعور وڌائڻ پڻ انتهائي ضروري آهي، ته جيئن هر شهري پنهنجي سطح تي ماحول جي تحفظ ۾ ڪردار ادا ڪري.  اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته فضائي آلودگي رڳو هڪ ماحولياتي مسئلو نه رهيو آهي، پر اهو هڪ انساني، معاشي ۽ قومي سلامتي جو وڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي. جيڪڏهن هاڻي به سنجيده قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ وقت ۾ پاڪستان کي وڌيڪ سنگين حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو.