ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان ۾ ٽي بي جي ڳڻتي جوڳي صورتحال

پاڪستان ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO) پاران جاري ڪيل تازن انگن اکرن انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال پيش ڪئي آهي. ملڪ ۾ روزانو لڳ ڀڳ 140 ماڻهو ٽيوبرڪلوزز يعني ٽي بي سبب حياتي وڃائي ويهن ٿا، جڏهن ته هر ڏينهن 1800 کان وڌيڪ نوان ڪيس سامهون اچن ٿا. سالياني بنياد تي ڏسجي ته لڳ ڀڳ 6 لک 69 هزار ماڻهو هن بيماري جو شڪار ٿين ٿا ۽ 51 هزار جي لڳ ڀڳ زندگيون ختم ٿي وڃن ٿيون. اها صورتحال نه صرف صحت جي شعبي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، پر قومي سطح تي پاليسي ۽ ترجيحن تي به سنجيده سوال اٿاري ٿي. ٽي بي ڪا نئين يا لاعلاج بيماري ناهي. جديد طب ذريعي واضح آگاھي ملي ٿي ته جيڪڏهن هن بيماري جي بروقت سڃاڻپ ڪئي وڃي ۽ مناسب علاج مهيا ڪيو وڃي ته ان کي مڪمل طور ختم ڪري سگهجي ٿو. ان باوجود پاڪستان دنيا ۾ ٽي بي جي متاثر ملڪن ۾ پنجين نمبر تي آهي، جيڪا ڪنھن الميي کان گهٽ ناهي. حقيقت اها آهي ته هر ڏهه منٽن ۾ هڪ ماڻهو ٽي بي سبب فوت ٿي رهيو آهي. بدقسمتي سان نظامي ڪمزورين ۽ بي ڌياني سبب اهو سلسلو جاري آهي.

حڪومت ۽ WHO گڏيل طور تي عوام کي آگاهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ملڪ ۾ 2,000 کان وڌيڪ مرڪزن تي ٽي بي جي مفت جاچ ۽ علاج جون سهولتون موجود آهن. گذريل ڪجهه سالن ۾ علاج جي دائري کي وڌايو ويو آهي، جنهن تحت 2024 ۾ لڳ ڀڳ 4 لک 97 هزار مريضن تائين پهچ حاصل ڪئي وئي، جيڪا 2015 جي ڀيٽ ۾ نمايان واڌ آهي، پر سوال اهو آهي ته جڏهن سهولتون موجود آهن، تڏهن به بيماري ڇو نه گهٽجي رهي آهي؟ ان جو هڪ وڏو سبب سماجي ۽ معاشي عنصر آهن. غربت، غذائي کوٽ ۽ رهائشي حالتن جي خرابي ٽي بي جي ڦهلاءَ کي تيز ڪن ٿا. ان سان گڏوگڏ، سماج ۾ موجود غلط ڄاڻ سبب ماڻهو وقت سر علاج لاءِ اڳتي نٿا اچن. ڪيترائي مريض بيماري لڪائڻ کي ترجيح ڏين ٿا، جنهن ڪري نه صرف انهن جي پنهنجي صحت خراب ٿئي ٿي، پر بيماري ٻين تائين به منتقل ٿئي ٿي. ان حوالي سان پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (PMA) جي خدشن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. اداري جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ٽي بي جي ڪنٽرول لاءِ ڪوششن ۾ شديد کوٽ آهي، جنهن ۾ دوائن جي اڻپوري فراهمي ۽ صحت جي شعبي ۾ گهٽ سيڙپڪاري اهم مسئلا آهن. خاص طور تي ٻارن لاءِ دوائن جي کوٽ هڪ انتهائي خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري رهي آهي. جيڪڏهن هڪ طرف اسان ٽي بي جي خاتمي جا دعويدار آهيون، ته ٻئي طرف بنيادي علاج جي سهولتن جي کوٽ هڪ تضاد ظاهر ڪري ٿي. ٻئي طرف Mercy Corps Pakistan جهڙيون تنظيمون عوامي ۽ نجي شعبي جي ڀائيواري ذريعي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. انهن جو زور ان ڳالهه تي آهي ته صرف طبي علاج ڪافي ناهي، پر عوامي شعور، سماجي برابري ۽ صحت تائين برابر رسائي پڻ ضروري آهي. نيون ٽيڪنالاجيز، جهڙوڪ جلدي نتيجا ڏيندڙ ٽيسٽ ۽ جديد تشخيصي طريقا، بيماري جي سڃاڻپ کي وڌيڪ تيز ۽ مؤثر بڻائي سگهن ٿا.

حڪومتي سطح تي پڻ عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي. اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين اڳواڻن ٽي بي کي هڪ وڏو عوامي صحت جو چئلينج قرار ڏيندي ان جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو آهي، پر رڳو بيانن سان مسئلا حل نٿا ٿين. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صحت جي شعبي کي قومي ترجيحن ۾ مٿانهون مقام ڏنو وڃي، بجيٽ ۾ واڌ ڪئي وڃي، ۽ پاليسين تي عملي طور عمل ڪيو وڃي.

آخرڪار، ٽي بي جو مسئلو صرف هڪ بيماري جو مسئلو ناهي، پر اهو سماجي ناانصافي، معاشي اڻ برابري، ۽ نظامي ڪمزورين جو واضح ثبوت آهي. جيڪڏهن پاڪستان کي هن شرح تي ضابطو آڻڻو آهي ته حڪومت، صحت جا ادارا، سول سوسائٽي، ۽ عوام سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. آگاهي، بروقت سڃاڻپ، ۽ بنا رڪاوٽ علاج تائين رسائي کي يقيني بڻائڻ سان ئي اسان ان خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪري سگهون ٿا، جنهن تحت ٽي بي کي هميشه لاءِ ختم ڪيو وڃي. هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي ته لفظن کان اڳتي وڌي عملي قدم کنيا وڃن، ڇو ته هر وڃايل زندگي اسان جي گڏيل ناڪاميءَ جو ثبوت آهي.