جديد دنيا ۾ سائنس جي مطالعي جي اهميت ايتري ته وڌي وئي آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن اسان پاڻ کان پڇڻ لڳندا آهيون ته ڇا ٻيا مطالعا وقت جو زيان ته نه آهن. مثال طور: يوناني يا لاطيني ادب جو ڪوبه علم اسان کي پسمانده ملڪن جي لکين بکين ٻارن جو پيٽ ڀرڻ ۾ ڪا مدد فراھم ڪري سگهي ٿو؟ يا اسان جي ملڪن مان بک، بيروزگاري، جنگي جنون يا غريبن، پوڙهن ۽ بيمار ماڻهن جي تڪليفن کي گهٽ ڪري سگهي ٿو؟
نظمن، ناٽڪن ۽ ناولن کي پڙهڻ (جن مان گهڻا سوين سال اڳ لکيا ويا هئا) دنيا جي جديد ترين جنگ جي ميدان ۾ ڪنهن هڪ سپاهي جي جان بچائي سگھن ٿا؟ اهو بلڪل درست آهي ته آرٽس جي شاگرد ۽ خاص طور تي ادب جي شاگرد کي پاڻ کان اهو ڏکيو سوال پڇڻ گهرجي ته، “اڄ جي دور ۾ ادب پڙھڻ جو فائدو ڪهڙو آهي؟”
منھنجي خيال ۾ ان سوال جو جواب ڏيڻ کان پهريان اچو ته اھو ڏسون ته “ادب ڇا آهي؟” انگريزيءَ ۾ “ادب” (Literature) لفظ گهٽ ۾ گهٽ ٻن مختلف طريقن سان استعمال ٿيندو آهي. هڪ طرف ان جو مطلب هر اهو لکيل مواد هوندو آهي، جهڙوڪ: ٽائيم ٽيبل، ڪيٽلاگ، درسي ڪتاب، اشتهار يا سائنسي مقالا. مثال طور: جيڪڏهن توهان موبائل فون، موٽر ڪار يا واشنگ مشين خريد ڪرڻ جو سوچي رهيا آهيو ته توهان شايد ان بابت “لٽريچر” (معلوماتي مواد) به ڏسڻ چاهيندو. جيڪڏهن توهان طب (ميڊيڪل) جا شاگرد آهيو ته توهان کي سرجري بابت لٽريچر پڙهڻو پوندو. ان وسيع معنيٰ ۾ ڪلهه جي ڪرڪيٽ ميچ جو احوال يا صابڻ يا ڪريم جا اشتهار به ايترو ئي ادب (لٽريچر) آهن، جيترو افلاطون جا مڪالما يا چارلس ڊڪنس جا ناول. ٻئي طرف، هڪ وڌيڪ محدود ۽ اعليٰ معنيٰ ۾ لفظ ادب (Literature) انهن تخليقي ۽ فڪري لکڻين لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيڪي انساني احساسن، خيالن ۽ تجربن جو عڪس پيش ڪن. جهڙوڪ: شاعري، ناول، ڊراما ۽ مضمون نويسي. هن معنيٰ ۾ افلاطون جا مڪالما، وليم شيڪسپيئر جا ڊراما، وليم ورڊس ورٿ جي شاعري يا چارلس ڊڪنس وغيره جا ناول اعليٰ ادب ۾ شمار ٿين ٿا. هاڻي اسان اھو به ڏسنداسين ته “سائنس ڇا آهي؟” سائنس دراصل فطرت جي اصولن ۽ قانونن جي منظم ۽ تجرباتي مطالعي جو نالو آهي. اهو مشاهدي، تجربي ۽ دليل تي ٻڌل علم آهي، جيڪو ڪائنات جي راز کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. آئزڪ نيوٽن جي ڪشش ثقل جا قانون هجن يا البرٽ آئن اسٽائن جي نظريه اضافيت، اهي سڀ سائنس جي اهڙي ئي جستجو جا نتيجا آهن. سائنس پڙهڻ جا فائدا اڄ جي دور ۾ انتهائي واضح آهن. سائنس انسان کي عملي زندگي ۾ آسانيون فراهم ڪري ٿي. ميڊيڪل جي شعبي ۾ ترقيءَ سبب بيمارين جو علاج ممڪن ٿيو آهي؛ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقي سان دنيا هڪ ڳوٺ بڻجي وئي آهي؛ زراعت ۾ سائنسي طريقن سان خوراڪ جي پيداوار وڌي وئي آهي. بجلي، انٽرنيٽ، موبائل فون ۽ جديد ٽرانسپورٽ جي ذريعن کان ويندي خلا تائين رسائي سڀئي سائنس جا ڪرشما آهن. جيڪڏهن اسان A Brief History of Time جهڙا ڪتاب پڙهون ٿا ته اسان کي ڪائنات جي بناوٽ بابت ڄاڻ ملي ٿي، جيڪا انساني شعور کي نئين سطح تي وٺي وڃي ٿي. ان کان علاوه سائنس انسان کي تنقيدي سوچ سيکاري ٿي. اهو به سيکاري ٿي ته ڪنهن به ڳالهه کي بنا دليل جي قبول نه ڪجي، پر ان کي پرکجي، تجربو ڪجي ۽ پوءِ نتيجو ڪڍجي. اهوئي سبب آهي جو جديد دنيا ۾ ترقي يافته قومون سائنس کي بنيادي اهميت ڏين ٿيون.
پر هتي هڪ اهم سوال اڀري ٿو: جڏهن سائنس ايتري فائديمند آهي ته پوءِ ادب ڇو پڙهجي؟ ڇا ادب واقعي ضروري آهي؟ هي سوال دراصل نئون ناهي. ڪيترن ئي مفڪرن ان تي بحث ڪيو آهي. آرنلڊ پنهنجي ڪتاب The Study of Poetry ۾ لکيو ته ادب انساني زندگيءَ جي سچائيءَ کي بيان ڪري ٿو ۽ اهو انسان جي روحاني ۽ اخلاقي ترقيءَ لاءِ ضروري آهي. ادب صرف معلومات نٿو ڏئي، پر انسان کي “محسوس ڪرڻ” سيکاري ٿو. ادب پڙهڻ جا اڄ به اوترائي فائدا آھن جيڪي سوين سال اڳ هئا انهن مان ڪجهه هن ريت آهن: پهريون، ادب انسان جي احساسن کي نرمي ۽ وسعت ڏئي ٿو. جڏهن اسين ليو ٽالسٽاءِ جو ناول War and Peace پڙهون ٿا ته اسان جنگ جي خوفناڪ حقيقتن کي صرف ڄاڻون نٿا، پر انهن کي محسوس به ڪريون ٿا. ٻيو، ادب انسان کي اخلاقي شعور ڏئي ٿو. چارلس ڊڪنز جي ناولن ۾ سماجي ناانصافين جو ذڪر اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته سماج کي ڪيئن بهتر بڻائي سگهجي. ٽيون، ادب تخيل کي وڌائي ٿو. سائنس حقيقتن سان واسطو رکي ٿي، جڏهن ته ادب تخيل کي اڏام ڏئي ٿو. اها ئي تخيل آهي جيڪا پوءِ سائنسدانن کي به نوان نظريا پيش ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. چوٿون، ادب انسان کي پنهنجي سڃاڻپ ۽ ثقافت سان ڳنڍي ٿو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري سنڌي قوم جي روح آهي، جيڪا اسان کي پنهنجي ماضي، روايتن ۽ قدرن سان جوڙي ٿي. انھي ڪري اھو چوڻ غلط نه ٿيندو ته سائنس ۽ ادب هڪٻئي جا مخالف نه، پر هڪ ٻئي جا ساٿي آهن. سائنس انسان کي “طاقت” ڏئي ٿي، جڏهن ته ادب انسان کي “سمجهه” ڏئي ٿو ته اها طاقت ڪيئن استعمال ڪجي. جيڪڏهن سائنس اسان کي ايٽم بم ٺاهڻ سيکاري ٿي ته ادب اسان کي سيکاري ٿو ته ان کي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪجي.
برٽرينڊ رسل به پنهنجي ڪتاب The Impact of Science on Society ۾ اهو اشارو ڏنو ته سائنس جي ترقيءَ سان گڏ اخلاقي شعور جي به ضرورت آهي، نه ته انسان پنهنجي ئي ايجادن جو شڪار ٿي سگهي ٿو. نتيجي طور اسان چئي سگهون ٿا ته سائنس ۽ ادب ٻنهي جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي. سائنس بغير ادب جيڪڏهن بي روح آهي ته ادب بغير سائنس جي به بي اثر ٿي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري هڪ صحتمند ۽ متوازن سماج لاءِ ضروري آهي ته اسان ٻنهي کي گڏ کڻي هلون. اڄ جي نوجوان لاءِ اهو ضروري آهي ته هو سائنس به پڙهي ته جيئن هو دنيا جي عملي مسئلن کي حل ڪري سگهي ۽ ادب به پڙهي ته جيئن هو هڪ حساس، باشعور ۽ مهذب انسان بڻجي سگهي. ڇو ته ترقي صرف مشينن سان نه، پر انسانن سان ٿيندي آهي ۽ انسان کي مڪمل بڻائڻ ۾ ادب جو ڪردار اڻٽٽ آهي.