پاڪستان ۾ فائيو جي (5G) اسپيڪٽرم جي ڪامياب نيلامي کي بيشڪ ملڪ جي ڊجيٽل ترقي لاءِ هڪ اهم سنگِ ميل قرار ڏئي سگهجي ٿو. عالمي اداري جي ايس ايم اي (GSMA) پاران به هن قدم کي ساراهيو ويو آهي، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان هاڻي ڊجيٽل دنيا ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ سنجيده آهي. اسپيڪٽرم جي وڌندڙ مقدار، نئين سيڙپڪاري، ۽ تيز انٽرنيٽ جي اميدن سان گڏ، ملڪ ۾ هڪ نئين ٽيڪنالاجي دور جي شروعات ٿي رهي آهي. رپورٽن موجب، پاڪستان نه صرف پنهنجي اسپيڪٽرم کي تقريبن ٽي ڀيرا وڌايو آهي، پر عالمي درجابندي ۾ به نمايان سڌارو آندو آهي. جاپان، چين ۽ آسٽريليا جهڙا ملڪ اڳواڻي حيثيت برقرار رکندا پيا اچن، پر پاڪستان جو پوئتي رهندڙ ملڪن مان نڪري اٺين پوزيشن تي پهچڻ هڪ اهم ڪاميابي آهي. ان کان علاوه، ڀارت، ويٽنام ۽ بنگلاديش جهڙن ملڪن کان اڳتي نڪرڻ به هڪ مثبت اشارو آهي. فائيو جي نيلامي مان 142 ارب رپين جي آمدني ۽ ٽي وڏن آپريٽرن پاران 480 ميگاهرٽز اسپيڪٽرم حاصل ڪرڻ سان نه صرف ٽيليڪام شعبي کي هٿي ملي آهي، پر ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جا در به کليا آهن. جاز ۽ ٻين ڪمپنين پاران اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جا اعلان ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته پاڪستان هاڻي ڊجيٽل معيشت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار آهي. بظاهر، فائيو جي، جي شروعات سان انٽرنيٽ جي رفتار ۽ معيار ۾ نمايان بهتري ايندي، جيڪا ڪاروبار، تعليم، صحت ۽ سرڪاري خدمتن ۾ انقلاب آڻي سگهي ٿي. سستي موبائل ڊيوائسز ۽ انٽرنيٽ سهولتن جي فراهمي سان عام شهرين لاءِ به نوان موقعا پيدا ٿيندا. آن لائن ڪم، اِي ڪامرس، ۽ فري لانسنگ جهڙا شعبا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، جيڪي ملڪ جي معيشت کي سهارو ڏئي سگهن ٿا. تنهن هوندي به، هن ڪاميابي جي باوجود ڪيترائي بنيادي چئلينجز اڃا تائين موجود آهن. سڀ کان اهم مسئلو نيٽ ورڪ جو تيز رفتار سان ڦهلاءُ آهي. هن وقت پاڪستان ۾ هزارين موبائل ٽاورز موجود آهن، پر فائيو جي لاءِ انهن کي اپ گريڊ ڪرڻ هڪ وڏو ۽ مهانگو عمل آهي. جيڪڏهن سالياني رفتار سان ڪم جاري رهيو ته 2030 تائين به صرف 20 سيڪڙو انفرااسٽرڪچر فائيو جي سان هم آهنگ ٿي سگهندو، جيڪو ڪافي نه آهي.
ٻيو اهم مسئلو فائيو جي سپورٽ ڪندڙ ڊوائيسز جو گهٽ استعمال آهي. هن وقت ملڪ ۾ صرف لڳ ڀڳ 3 سيڪڙو اسمارٽ فونز فائيو جي کي سپورٽ ڪن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ نه صارفين نوان فون وٺڻ لاءِ تيار آهن، نه ئي ڪمپنيون وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ پُراعتماد آهن. اهو هڪ ”چڪن اينڊ ايگ“ مسئلو آهي، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت، بئنڪن ۽ ٽيليڪام ڪمپنين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ان کان علاوه، فائبر انفراسٽرڪچر جي کوٽ پڻ هڪ وڏو مسئلو آهي. پاڪستان ۾ صرف 18 سيڪڙو موبائل ٽاورز فائبر سان ڳنڍيل آهن، جڏهن ته جديد نيٽ ورڪ لاءِ اهو انتهائي ضروري آهي. جيڪڏهن فائبر نيٽ ورڪ کي بهتر نه بڻايو ويو، ته فائيو جي جي اصل رفتار ۽ ڪارڪردگي حاصل نه ٿي سگهندي. ٽيليڪام شعبي جي مالي حالت به هڪ اهم عنصر آهي. گهٽ آمدني، وڌندڙ خرچ، مهانگائي ۽ توانائي بحران جي ڪري ڪمپنين لاءِ وڏي سيڙپڪاري برقرار رکڻ ڏکيو ٿي سگهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت کي ٽيڪس گهٽائڻ، پاليسي ۾ لچڪ آڻڻ ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جهڙا قدم کڻڻا پوندا.
حقيقي سوال اهو ناهي ته فائيو جي نيلامي ڪيتري ڪامياب رهي، پر اهو آهي ته ڇا پاڪستان هن موقعي کي حقيقي ترقي ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو؟ جيڪڏهن پاليسين ۾ تسلسل، سيڙپڪاري ۾ واڌ، ۽ انفرااسٽرڪچر جي تيزي سان ترقي کي يقيني بڻايو ويو ته فائيو جي ملڪ لاءِ اقتصادي ۽ سماجي انقلاب آڻي سگهي ٿو. آخر ۾، چئي سگهجي ٿو ته فائيو جي پاڪستان لاءِ هڪ وڏو موقعو آهي، پر اها صرف شروعات آهي. حقيقي ڪاميابي تڏهن ملندي، جڏهن هي ٽيڪنالاجي هر شهر ۽ هر شهري تائين پهچي، ۽ ڊجيٽل پاڪستان جو خواب حقيقت بڻجي.