بلاگنئون

تھذيبن جو ماڳ وچ اوڀر، جنگ جي ور چڙهيل

تاريخ جو سفر اڪثر ڪري رت جي لڪيرن سان طئي ٿيندو آهي. اڄ جڏهن اسان 21 هين صديءَ جي موڙ تي بيٺا آهيون ته ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر بارود جي ان ڍير تي اچي بيٺي آهي، جتي هڪ معمولي چڻنگ به پوري تهذيب کي خاڪ ڪري سگهي ٿي. هيروشيما ۽ ناگاساڪي جي تباهيءَ کان وٺي اڄ جي جديد جوهري هٿيارن تائين، انسان رڳو تباهيءَ جا نوان نوان طريقا ڳولهيا آهن. اڄ جي دنيا، جيڪا بظاهر تهذيب ۽ ترقيءَ جي دعويدار آهي، حقيقت ۾ هڪ اهڙي بارود جي ڍير تي بيٺي آهي، جتي اولھه جي سرمائيدار عالمي طاقتن جي انا ۽ جوهري هٿيارن جي ڊوڙ سڄي عالمِ انسانيت کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي. آمريڪا ۽ ايران جي اها پراڻي ڇڪتاڻ، جيڪا آيت الله خامنائي جي 1979ع جي انقلاب کان شروع ٿي، اڄ پنهنجي خطرناڪ ترين موڙ تي آهي.NPT  جهڙا عالمي معاهدا رڳو طاقتورن جي هٿن ۾ ٻارن جا رانديڪا بڻجي ويا آهن، جڏهن مدي خارج ۽ طاقت جي نشي ۾ ڌت ملڪ پنهنجي بقا جي نالي تي تباهي جا لامحدود هٿيار گڏ ڪن ٿا ته پوءِ ارسطوءَ جي اخلاقيات جا سڀ دليل ڪمزور ٿي وڃن ٿا، آبنائي هرمز صرف هڪ جاگرافيائي آبي لنگهه ناهي، پر عالمي معيشت جي شهه رڳ آهي. هرمز سامونڊي گذرگاهه تهذيبن ۽ طاقت جي سياست جو سنگم رهيو آهي. قديم دور ۾ جڏهن دنيا جا وڏا واپاري قافلا هندستان، ايران ۽ عرب جي وچ ۾ سفر ڪندا هئا، تڏهن به هي تنگ سامونڊي لنگهه عالمي واپار جي اهم دروازن ۾ شمار ٿيندو هو، هرمز جي بندش سڄي دنيا جي انرجي سپلائي چين کي متاثر ڪيو آهي، وڏين وڏين اولھه اوڀر جي معيشتن لاءِ ڪنهن زلزلي کان گهٽ ناھي، ان جو سڌو اثر پاڪستان جھڙي ترقي پذير ملڪ تي اثرانداز ٿيندو جتي مهانگائي جو هڪ نئون طوفان غريبن جو ساهه ڪڍندو. سوال اهو آهي ته ڇا اسان ورلڊ آرڊر جي خاتمي ۽ ملٽي پولر دنيا جي جنم جا شاهد بڻجي رهيا آهيون، ڇا آمريڪي سلطنت جو سج لھي رهيو آهي، چين روس جهڙا نوان معاشي فوجي طاقت جا مرڪز اڀري رهيا آهن، تهذيبن جي ٽڪراءُ وارو فڪر اڄ مذهبي ۽ ثقافتي مورچن تي وڌيڪ چٽو نظر اچي رهيو آهي، پر انهن مذهبي نظمن ۽ سياسي بيانن جي پويان اصل ويڙهه وسيلن تي قبضي ۽ جاگرافيائي سياست سان لاڳاپيل طاقت جي آهي.

وچ اوڀر جي هن بدلجندڙ صورتحال ۾، جتي آمريڪا اسرائيل ۽ ايران جون سياسي حڪمت عمليون آمهون سامهون آهن، وچ اوڀر جي جنگ رڳو بارود ۽ ميزائيلن جي جنگ ناهي، ھڪ مضبوط ۽ ورھايل حڪمت عملي، صبر، معاشيات ۽ عالمي سياست جي به جنگ آهي. هن پسمنظر ۾ آمريڪي بحري فوج جي اڳوڻي آفيسر اسڪاٽ ريٽر ھڪ نجي ٽيليويزن کي انٽرويو ڏيندي چيو ته موجوده جنگ ۾ وزن تول آهستي آهستي ايران جي حق ۾ جهڪي رهيو آهي، سندس دليل اهو آهي ته ايران ڪيترن ئي سالن کان اهڙي قسم جي جنگ جي تياري ڪندو رهيو آهي جنھن ۾ ھائپر سونڪ ميزائيلن، ڊرونن ۽ علاقائي اتحادين جي هڪ اهڙي حڪمت عملي تي ڪم ڪيو ويو، يعني اهڙي جنگ جنهن ۾ ڪمزور سمجهي ويندڙ ڌر سستا ۽ ڪارآمد هٿيار استعمال ڪري طاقتور دشمن کي مهانگي جنگ ۾ ڦاسائي ڇڏڻ آھي، پر سوال اهو آهي ته ڇا واقعي ايران جنگ کٽي رهيو آهي. حقيقت شايد ان کان وڌيڪ نازڪ آهي، فوجي طاقت جي لحاظ کان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ جديد ۽ طاقتور فوج اڃان به آمريڪا وٽ آهي. فضائي برتري، سيٽلائيٽ نگراني ۽ جديد ٽيڪنالاجي جنگ جو رخ ڪنهن به وقت تبديل ڪري سگهي ٿو. ساڳئي وقت اسرائيل به خطي جي سڀ کان وڌيڪ جديد فوجي قوتن مان هڪ آهي، پر اتي بني اسرائيل جي رياست جو نظرياتي ۽ تاريخي ڪردار هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. تاريخ جا اهي ورق شاهد آهن ته بني اسرائيل جي بقا جي اها تڙپ ڪنهن اوچتي واقعي جو نتيجو ناهي، پر ان جي پويان صدين جي تاريخي جاکوڙ ۽ هڪ مضبوط مذهبي فڪر موجود آهي. مذهبي صحيفن کان وٺي جديد دور جي سياسي نقشي تائين، هيءَ رياست پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ لاءِ شديد مزاحمتي عمل مان گذري رهي آهي، ھن پنھنجي بقا خاطر وچ اوڀر ۾ ڇھن ڏهاڪن کان خونريزي، ظلم، جبر، ڏاڍ ۾ ڪابه ڪثر ناھي ڇڏي. هڪ طرف ايران جو علاقائي اثر ۽ ٻئي طرف آمريڪا جو عالمي مفاد، پر انهن جي وچ ۾ اسرائيل جي پنهنجي رياستي دفاع جي حڪمت عملي وچ اوڀر جي هن تھذيبن جي ھندوري جي خطي کي تاريخي مقتل گاهه ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. امن انسانيت ۽ مستقبل جي اميد، جنگ ڪنهن به مسئلي جو مستقل حل ناهي، بلڪه اها پاڻ ھٿ سان پيدا ڪيل ھڪ آفت آهي.

بغداد جي تباهي هجي يا هيروشيما جو سانحو تاريخ جي سفر ۾ هن موڙ تي رت سان لکيل قصن جو پاڇو نظر اچي ٿي. اڄ جڏهن انسان پولار ۾ چنڊ کان اڳتي ٻئين کير ڌارئين کي فتح ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيو آهي ايتري سائنس جي ترقي باوجود زمين تي پنهنجي ئي نسل جو رت وهائيندو پيو اچي. تير، ڪمان ميزائيل، ڊرونز جديد ٽيڪنالاجي، ايٽم بم سڀ ڪجهه انسان پنهنجن خلاف استعمال ڪري رھيو آهي نه ئي اجنبي خلائي مخلوق الين خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ بارود جا انبار تيار ڪري رھيو آهي. غار مان نڪتل انسان اڃان تائين مذهبي رنگ، نسل ۽ طاقت جي ڇانو ۾ پاڻ جھڙن انسانن کي قتل ڪرڻ وارو واحد ڌرتيءَ جي مخلوق آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته دنيا ۾ جيڪو ڏاڍو سو گابو واري جهنگلي قانون کي خيرباد چوي، انسانيت اڄ جنگ کان پاڪ سک جو ساهه کڻڻ لاءِ واجهائي رهي آهي. اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته امن ڪو ڪمزوريءَ جو نالو ناهي، پر اهو سڀ کان وڏي بهادري آهي، جيڪڏهن عالمي طاقتون پنهنجي انا جي خول مان ٻاهر نه نڪتيون ته بارود جو هي ڍير سڀ ڪجهه ساڙي ختم ڪري ڇڏيندو. عالمگير قومن جو گڏيل مستقبل صرف ۽ صرف انسانيت جي احترام ۽ برابريءَ جي بنياد تي امن ۾ آهي. اميد آهي ته ايندڙ نسل اسان کي هڪ امن پسند تهذيب جي روپ ۾ ياد ڪري، نه ڪي هڪ اهڙي قوم طور جنهن پنهنجي هٿن سان پنهنجي دنيا کي باهه لڳائي ڇڏي. وچ اوڀر جي بدلجندڙ صورتحال جي ھن موڙ تي صيهونيت هجي، ايراني انقلاب هجي يا آمريڪي لبرلزم، انهن سڀني نظرين جي ويڙهه ۾ بي گناھه معصوم انسانن جو رت نه وهڻ گهرجي. تاريخ جي مقتل گاهه کي هاڻي امن جو گلستان بڻجڻ گهرجي، جتي هر رياست جو وجود محفوظ هجي ۽ انسانيت سڀني مناسبت کان مٿانهون ٿي سڪون جو ساهه کڻي سگهي. دنيا جي جديد تهذيب، جيڪا ترقيءَ ۽ فني ڪاميابين تي فخر ڪندي آهي، حقيقت ۾ هڪ انتهائي نازڪ توازن تي بيٺل آهي هڪ اهڙي توازن تي جيڪو تاريخ جي سبق کان نه، پر ٽيڪنالاجي طاقت جي زور تي اولھه جي سامراجي قوتن جي انا جي راھه تي گامزن آهي. اڄ جيئن ته اوڀر جي آسمانن ۾ ڌماڪن جي گونج ۽ خاموش خوف جي فضا قائم ٿي آھي، انسانيت کي ياد ڏياري رهي آهي ته تاريخ جو سبق هميشه ڌيان سان پڙھڻ گهرجي.