سنڌ جي ضلعي خيرپور مان ٻارن ۾ منڪي پاڪس (ايم پاڪس) جي تصديق هڪ انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال کي جنم ڏنو آهي، جيڪا نه رڳو مقامي سطح تي، پر سڄي صوبي جي صحت واري نظام جي ڪارڪردگي تي وڏو سوال کڙو ڪري ٿي. ابتدائي رپورٽن موجب ٽن معصوم ٻارن ۾ هن وبائي بيماري جي موجودگي ثابت ٿي چڪي آهي، جڏهنته خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته متاثرن جو انگ وڌيڪ به ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان اهڙيون علامتون نظر اچي رهيون هيون. هي صورتحال واضح ڪري ٿي ته شروعاتي مرحلي ۾ غير سنجيدگي ۽ ڪمزور نگراني ڪيئن هڪ مسئلي کي سنگين بڻائي سگهي ٿي. هن سڄي معاملي جو سڀ کان اهم ۽ ڳڻتي جوڳو پهلو ابتدائي غلط تشخيص آهي. جڏهن ٻارن جي جسم تي داڻا ظاهر ٿيا ته ان کي معمولي بيماري سمجهي علاج جاري رکيو ويو، جيڪو صحت واري نظام ۾ موجود تربيت ۽ سڃاڻپ جي کوٽ کي ظاهر ڪري ٿو. جڏهن حالت وڌيڪ خراب ٿي تڏهن نمونا وٺي ليبارٽري موڪليا ويا، جتان اصل حقيقت سامهون آئي. جيڪڏهن وقت سر صحيح تشخيص ڪئي وڃي ها ته شايد صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪي سگهجي ها. وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته 24 مارچ تي صحت کاتي پاران جاري ڪيل هڪ خط ۾ هن بيماري کي ابتدائي طور “بئڪٽيريل انفڪشن” قرار ڏنو ويو، جيڪو بعد ۾ غلط ثابت ٿيو. اها ڳالهه نه رڳو انتظامي ڪمزوري، پر تشخيصي نظام جي خامين کي به ظاهر ڪري ٿي. اصل سوال اهو آهي ته ڇا اسان جو صحت وارو نظام نون وائرسن کي وقت سر سڃاڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو؟
منڪي پاڪس، جنهن کي هاڻي عالمي سطح تي ايم پاڪس(Mpox) چيو وڃي ٿو، هڪ وائرل بيماري آهي جيڪا عام طور تي بخار، جسماني سور ۽ چمڙي تي داڻن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي. World Health Organization بار بار خبردار ڪندي رهي آهي ته هن بيماري کي سنجيدگي سان ورتو وڃي. هي وائرس ويجهي جسماني رابطي، متاثر شخص جي زخم، يا آلوده شيون استعمال ڪرڻ سان منتقل ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري احتياطي قدم کڻڻ انتهائي ضروري آهن. اهڙي صورتحال ۾ عوام جي بيچيني به فطري آهي. جڏهن والدين پنهنجي ٻارن لاءِ صحيح ۽ بروقت علاج نه ڏسن ٿا ته سندن اعتماد گهٽجڻ لڳي ٿو. صحت جهڙي بنيادي شعبي ۾ ڪمزوري نه رڳو فردن، پر سماج جي مجموعي تحفظ لاءِ به خطرو بڻجي سگهي ٿي.
هن واقعي مان ڪجهه اهم سبق ملي رهيا آهن. سڀ کان پهرين، صحت واري نظام کي ڪاغذي دعوائن کان اڳتي وڌائي عملي طور مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جي جديد تربيت کي يقيني بڻائڻ لازمي آهي، جيئن اهي نون وائرسن جي سڃاڻپ بروقت ڪري سگهن. ضلعي سطح تي ليبارٽريز ۽ ٽيسٽنگ سهولتن کي بهتر بڻائڻ به وقت جي اهم ضرورت آهي. ساڳئي وقت حڪومت کي ايمرجنسي بنيادن تي قدم کڻڻ گهرجن. متاثر علائقن ۾ ميڊيڪل ڪيمپس، آئسوليشن سينٽر ۽ آگاهي مهم هلائڻ ضروري آهي. اسڪولن ۽ ڪميونٽيز ۾ صحت بابت شعور وڌائڻ سان بيماري جي ڦهلاءَ کي روڪي سگهجي ٿو. متاثر ماڻهن جي سڃاڻپ سان گڏ سندن رابطن جي ٽريڪنگ کي به يقيني بڻائڻ گهرجي، جيئن وائرس جي منتقلي کي محدود ڪري سگهجي. رڳو بيانن ۽ اعلانن سان مسئلا حل نٿا ٿين، هاڻي عملي قدم کڻڻ جو وقت آهي. آخر ۾ اهو چوڻ بيجا نه ٿيندو ته خيرپور ۾ منڪي پاڪس جي تصديق رڳو هڪ طبي واقعو ناهي، پر اها اسان جي صحت واري نظام لاءِ هڪ سنجيده امتحان آهي. جيڪڏهن اڄ به ذميوارن موثر ۽ بروقت قدم نه کنيا ته سڀاڻي هي مسئلو وڌيڪ سنگين شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو. حڪومت ۽ صحت کاتي لاءِ اهو فيصلائتو وقت آهي ته هو پنهنجي ذميواري نڀائين، ڇوته عوام کي هاڻي صرف واعدن نه، پر عملي نتيجن جي ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن اڄ به قدم نه کنيا ويا ته سڀاڻي نقصان ناقابلِ تلافي ٿي سگهي ٿو.