نئون

سنڌ اندر ڪالا باغ ڊيم سميت سنڌو درياءَ مٿان ڪنهن به ڊيم خلاف احتجاجَ

ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت بابت افواهن اچڻ بعد سنڌ اندر پيپلز پارٽي قومپرست اڳواڻ ۽ سول سوسائٽي گڏجي احتجاج ڪيو. حيدرآباد پريس ڪلب ٻاهران سنڌ جي قومپرستن پاران احتجاجي بينر کڻي احتجاج ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن ۾ پنهل ساريو، جامي چانڊيو، محمد علي شاهه، مشتاق ميراڻي، مختيار عباسي، ذوالفقار هاليپوٽو، آپا نظير قريشي ۽ ٻيا شامل هئا. احتجاج ڪندڙن چيو ته سنڌو درياءَ مٿان ڪوبه ڊيم قبول نه ڪيو ويندو. احتجاج ڪندڙن چيو ته جمهوري قدرن ۽ عوام جو خيال رکيو وڃي ۽ جيڪڏهن آئين سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي وئي ته اهو ملڪ لاءِ خطرناڪ هوندو. هنن چيو ته اهڙي قسم جي اشو کي ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ کنيو وڃي. چيف جسٽس جي بيان بابت ڳالهائيندي هنن چيو ته ڪنهن به انسان جي بنيادي حقن کي لتاڙيو ويندو ته اهو آواز کڻندو. پوءِ ڀلي ڊيم خلاف ڳالهائيندڙن خلاف غداري جا مقدما لڳايا وڃن. قومي عوامي تحريڪ جي ورڪرن سڄي سنڌ اندر بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي آهي. عمرڪوٽ ۾ احتجاج ڪندڙن ۾ بار ڪائونسل جي ميمبرن پاران ريزوليشن پاس ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته سنڌو درياءَ تي ڪنهن به ڊيم جي اڏاوت کي نامنظور   ڪيو ويندو. بدين ۾ احتجاج ڪندڙن بدين جي وڪيلن عدالتن جي ڪاررواين جو باءِڪاٽ  ڪيو ۽ ڪالا باغ ڊيم خلاف احتجاج ڪيو. احتجاج ڪندڙن چيو ته چيف جسٽس اهڙي پروجيڪٽ بابت ڳالهائي رهيو آهي جنهن کي صوبائي اسيمبليون رد ڪري چڪيون آهن. هنن چيو ته ٽي صوبا اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ ۽ غير منصفاڻي ورڇ کي منهن ڏيئي رهيا آهن ۽ ڊيم جي اڏاوت کانپوءِ ٺٽو، سجاول ۽ بدين بنجر بڻجي ويندا.