پروفائل شمشيرالحيدري
سليم چنا
تاريخ 15 سيپٽمبر 1932ع تي ضلعي بدين جي ننڍي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ شمشيرالحيدري جو جنم امام ڏنو خواجه جي گهر ۾ ٿيو. هِن شروعاتي تعليم بدين ۾ حاصل ڪئي، ان کانپوءِ سنڌ مدرسي ڪراچي ويو، جتي تعليم مڪمل نه ڪري سگهيو هن پوءِ اديب سنڌي ۽ سنڌي عالم جا امتحان پاس ڪري ميٽرڪ جو امتحان به ڏنو.
ٿورو وقت پي ڊبليو ڊي ۾ نوڪري ڪري، تعليم به اڳتي وڌايائين. ان کانپوءِ هن کي بدين ڪوآپريٽو بينڪ جو مئنيجر ڪري رکيو ويو. 1956ع ۾ شمشير سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل جيڪو عهدو وٽس يارنهن سال هو. 1963ع ۾ هن سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪئي ۽ آزاد نظم تي مونوگراف لکيو.
شمشير 1956ع کان 1966ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي رسالي مهراڻ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ اسسٽنٽ سيڪريٽري ٿي ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون. سائين محمد ابراهيم جويو ۽ سائين غلام محمد گرامي جي ادبي صحبت مان گهڻو ڪجهه سکيو. اڳتي هلي شمشير 11 سال نئين زندگي رسالي جو ايڊيٽر ٿي پاڻ ملهايو.
انهيءَ کانسواءِ مختلف وقتن تي شمشير الحيدري بحيثيت صحافي، هفتيوار اعلان حق، هفتيوار پنجتني، هفتيوار هلچل، هفتيوار هدايت، روزاني هلال پاڪستان، روزاني خادم وطن ۽ روزاني مهراڻ ۾ به ڪم ڪيو. پاڻ نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۾ به نوڪري ڪيائين. 9 مئي 1993ع تي کيس سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ڪري رکيو ويو.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي لاءِ به سندس تمام گهڻيون خدمتون آهن جيڪي وسارڻ جوڳيون ناهن. پاڻ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي جي سنڌي پروگرامن لاءِ پهريون ڪمپيئر، ڊرامه ليکڪ ۽ گيت لکندڙ طور به اعزاز ماڻي چڪو هو. پاڻ بهترين شاعر، صحافي، ايڊيٽر، اديب ۽ حڪيم به هو. پاڻ روشن تارا پي ٽي وي تان هلندڙ ٻارن جي پروگرامن لاءِ به تمام گهڻا گيٽ لکيائين.
شمشير الحيدري جي پرورش سندس مامي ڊاڪٽر نظير حيدري ڪئي، جنهن کان هو تمام گهڻو متاثر هو.
شمشير جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: انسان ڪامل، ڪاروانِ ڪربلا، لاٽ، تنهنجون ڳالهيون سڄڻ، تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور، آمريڪا جو سياسي سرشتو، سوکڙي، سنڌ ۾ آزاد نظم جي اوسر، سنڌي شاعري جو اڀياس، سجاڳ سانگهڙ، تاريخ جو ڪچرو، پيار جا نَو گيت، ڪاڪ محل، روشن تارا ۽ ٻيا.
سنڌ جي هن محنتي، قابل ۽ سچي سپوت 10 آگسٽ 2012ع مطابق جمعي جي ڀلاري ڏينهن 21 رمضان شريف 1433 هجري تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. کيس ملير جي تاريخي قبرستان چوڪنڊي ۾ مشهور شاعر ۽ سندس گهاٽي دوست تاجل بيوس جي ڀرسان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

