دنيا جي ترقيءَ جو دارومدار تعليم تي آهي، يعني ترقيءَ جي هر وک علم کان شروع ٿئي ٿي ۽ اها وک دنيا تي حڪمراني ڪري ٿي، پر افسوس اسان جي ملڪ ۾ وجود کان وٺي اڄ تائين تعليم کاتي ۾ سڌارن آڻڻ جي بجاءِ ان تي نوان نوان تجربا ڪري پوري تعليمي نظام جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي. پراڻن استادن وٽ پڙهيل سياستدان انهن استادن کي غلط قرار ڏيئي پنهنجي عقلمنديءَ جا جوهر ڏيکارين ٿا. جيئن ڪانءُ مور جي چال هلڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي چال به وساري ڇڏي، سو اسان جا بيوروڪريٽ توڙي وزير به روز نيون پاليسيون ٺاهي تعليمي نظام کي سڌارڻ بجاءِ بگاڙ طرف ڌڪڻ ۾ مصروف آهن ۽ اسان جو سماج وري استادن تي ڪاوڙيل نظر ايندو آهي ته استادن تعليم جي تباهي ڪئي آهي. سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته استاد ويچاري جي هٿ ۾ آهي ڇا؟ استاد نه پاليسي ٺاهڻ ۾ شامل آهي، نه نصاب ترتيب ڏيڻ ۾ شامل آهي. استادن تي سرڪاري حڪم صادر ٿئي ٿو ۽ هو ان حڪم جو پابند هجي ٿو. جيڪڏهن هو حڪم جو انڪار ڪري ٿو کيس بدلي ڪري ڏورانهن علائقن ڏانهن موڪليو وڃي ٿو. بس ان کي جيڪا ٺهيل پاليسي ملي ٿي يا جيڪو نصاب ملي ٿو ان کي پڙهائڻ جو پابند آهي. اسان وٽ ظلم اهو ته پاليسي ساز ادارن ۾ استاد شامل ئي نه آهي. تازو سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته استادن جي ڀرتي هاڻي ٽيچنگ لائسنس ٽيسٽ سان مشروط هوندي، ايندڙ ٽيسٽ سيپٽمبر 2026 ۾ ٿيندي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو نمبر لازمي هوندا. صرف لائسنس يافته اميدوار ئي استاد بڻجي سگهندا. جڏهن ته انهن لاءِ پروموشن ۾ الڳ ڪوٽا به رکيو ويندو. پاليسي ۾ تبديليون ڪندي نوان اسپيشلائيزيشن، B.Ed لاءِ برجنگ ڪورس ۽ ECCE کي شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. جڏهن ته شفافيت لاءِ ٿرڊ پارٽي ٽيسٽنگ ۽ ادارن جي بهتري تي به زور ڏنو ويو.