بلاگنئون

سي تان اسين پاڻ

اَسين سِڪُون جن کي، سي تان اسين پاڻ،

هاڻي وَڃُ گُمانَ، سهي سڃاتا سپرين!

خدا شناسيءَ جي معرفت ماڻڻ کي شاهه سائين مٿئين بيت ۾ چٽائيءَ سان بيان ڪيو آهي. سندس ڪلام ۾ انيڪ بيت هن موضوع سان لاڳاپيل آهن، بلڪه سندن سڄي پيغام جو محور ئي اهو آهي ته پاڻ سڃاڻو ته ڌڻي سڃاڻندؤ. هادين هميشه اها هدايت ڪئي آهي ته پهرين حياتيءَ جو مقصد سمجهو، پوءِ حياتي ماڻيو. سندن موجب خود شناسي ئي خدا شناسي آهي. خود شناسي پيدا ٿيڻ کانپوءِ انسان لاءِ حياتيءَ جو مقصد سمجهڻ ۽ ان کي ماڻڻ آسان ٿيو پوي يا ايئن چئي سگهجي ٿو ته رب تعاليٰ جو جلوو اندر ۾ موجزن هئڻ واري حقيقت پروڙڻ کانپوءِ سڀ مشڪلون آسان ٿيو پون. “اول ۽ آخر آهي هلڻ منهنجو هوت ڏي” جيان جڏهن سچا عاشق مقصدي واٽ اختيار ڪندا، تڏهن منزل خود ئي وٽن هلي ايندي. عارفن ۽ عاشقن وٽ ڪثرت ئي وحدانيت آهي ۽ ڪائنات جي هر شيءِ ۾ ڌڻيءَ جو جلوو آهي.

وَحدتان ڪَثرتَ ٿي، ڪَثرَتَ وحدت ڪُلّ،

حَقُ حقيقي هيڪِڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ،

هُو هُلاچو هُلّ، بِالله سَندو سَڄَڻين. (1- 18، ڪلياڻ)

شاهه صاحب جي مٿئين بيت تي ڌيان ڌرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ تصوف جي راهه ۾ وحدت الوجود جي نظريي جي اپٽار ڪيائون. برصغير هندو پاڪ ۾ جيڪي تصوف جون تحريڪون سندن دور ۾ ۽ کانئن اڳ هليون تن جي کين ڀليءَ ڀت خبر هئي. مجدد الف ثاني، وحدت الشهود جي فلسفي جي بانيءَ سان گڏ محي الدين ابن العربي ۽ وحدت الوجود جي فلسفن جي ٽڪر واري هن وقت ۾ سنڌ جي شاعرن، بزرگن ۽ ولين جي پيغام ۾ محبت ۽ پيار جي پرچار هئي. داتا گنج بخش، سيد بختيار ڪاڪي، بابا فريد شڪر گنج بخش، خواجه معين الدين چشتي، قلندر شهباز، جنيد بغدادي، نظام الدين اولياءَ، شاهه ولي الله، ابو علي سنڌي، سليم چشتي، بايزيد بسطامي، ذالنون مصري ۽ ٻين ولين ۽ بزرگن جي پيغام کي ڀٽ ڌڻيءَ سمجهي ۽ پروڙي پنهنجو هڪ الڳ ۽ اثرائتو اسلوب اسان اڳيان آندو. مٿن پاڻ کان اڳين سنڌي شاعرن، قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري، مخدوم محمد زمان ۽ ٻين جو اثر به هو ته عربي ٻولي ۽ قرآن پاڪ جي آيتن ۽ حديثن جي به کين تمام وڏي ڄاڻ هئي. فارسيءَ ۾ خاص طور مولانا رومي، حافظ ۽ جامي جي صوفياڻي شاعريءَ سان گڏ هندي ويدانتي شاعري ۽ سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي ڳانڍاپي مان لنگهڻ کانپوءِ پاڻ جيڪو تصوف جو رستو اختيار ڪيائون اهو کليل ذهن، وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جي عڪاسي آهي ته سنڌ جي ماحول ۽ مزاج مطابق هئڻ سان گڏ صدين کان قبول، دل پذير ۽ قائم دائم آهي.

شاهه کي صوفي بزرگن جي شهادتن ۽ سوريءَ سيج چڙهڻ جي مشاهدن گهڻو اثر ڪيو. سرمد جي شهادت وقت ڀٽائي يارهين ورهين جو هو. شاهه عنايت شهيد جي شهادت وقت سندن ڦوهه جوانيءَ جو دور هو. روايتن مطابق سندن عمر 28 سال هئي. سندن ڪلام تي شاهه عنايت جي ڪلام جو گهڻو اثر ٿيو صوفين ۾ منصور حلاج جي ذڪر کي شاهه سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ هن ريت آندو آهي.

جَرَ ٿَر تِکَ تنوار، وڻ ٽِڻ وائي هيڪَڙي

سڀيئي شيءِ ٿيا، سُوريءَ سزاوار،

هَمَہ منصورَ هزار، ڪَهِڙا چاڙهيو چاڙِهئين؟ (9-1،  سر سهڻي)

اهو چئي سگهجي ٿو ته شاهه لطيف جي ڪلام ۾ جيڪا تصوف جي اپٽار وحدت الوجود جي نظريي تحت آهي، انهيءَ ۾ پاڻ پنهنجي دور جي تاريخي، سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ مذهبي ماحول کي ڄاڻندي هڪ اهڙو اسلوب پيش ڪيائون، جو سندن صوفياڻي ڪلام جي ڪنهن به سٽ تي ڪڏهن به ڪي اعتراض نه ٿيا آهن. صدين کان سندن ڪلام ڄاڻائي ٿو ته ڀٽ ڌڻي زندگيءَ جو اونهو اڀياس ڪري ان جي مثبت روين کي اڳيان آندو آهي. تصوف کي به رازن، رمزن ۽ ڍڪ سان پيش ڪيو اٿن.

“اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ، هاڻي وڃ گمان صحيح سڃاتا سپرين،” ۾ پڪي يقين جي قوت سان گڏ  شيطان (گمان) کي ڌڪار آهي ۽ اهو حتمي فيصلو آهي ته مون پنهنجو اندر ڦولهيو، پنهنجي سڪ ۽ جستجو کي سمجهيو. دل مان غير ۽ گمان ڪڍيا تڏهن ئي سڄڻ سپرين سڃاتم. اهو “پاڻپي” يعني “خوديءَ” کي نندڻ جو سڏ ئي شاهه لطيف جو پيغام آهي. فرمائين ٿا:

“پاڻُ” پَڙِدو پاڻَ کي، سُڻِي ڪَرِ سنڀالَ،

وِچان جو وِصالَ، سو تان هُئَڻُ هِنَ جو. (4-31، آسا)

اندر جي اڇائي، اخلاص، پاڻپي کان آجائي ۽ “گمان” جو خاتمو ئي محبوب جو سچو رستو آهي، ٺلهي سڪ ۽ سڌ رکڻ سان سپرين ملڻ محال آهي. جڏهن هو اسان ۾ موجود آهي ته پوءِ اسين غور و فڪر ڇو نٿا ڪيون ڪيترن هنڌن تي قرآن پاڪ ۾ حڪم آهي ته “افلا تنظرون”، “افلا تبصرون”. (ترجمو): پوءِ توهين غور فڪر ڇو نٿا ڪريو؟ يا توهين ڇو نٿا ڏسو؟ پر دنيا جي انڌ جي پٽي انساني اکين تي چڙهيل هئڻ ڪري،  سندس دِل حاضر نه آهي ۽ جڏهن اکڙين ۾ جرڪجر آهي ته پوءِ غور و فڪر ڪيئن ٿيندو؟ سپرين سڃاڻڻ ئي بندي جو پرين پسڻ آهي.

نَڪا اِبتدا عَبدَ جي، نَڪَا اِنتها،

جَنِ سُڃاتو سُپرين، سي وڃڻ کي ويا.

سچو طالب ٿي طلبڻ ئي محبتين جو مَرڪُ ۽ حق جو رستو آهي.

“اَنَا عَبدُ”، “مَعبودُ تون” ات نَڪو شِرِڪُ نه شَڪُ،

پَچارون پِرِيَنِ جون، مُحَبتين مَرَڪُ،

سو سڀوئي حَقُ، جنهن ۾ پَسَڻُ پرينءَ کي. (1- 10، آسا)

سپرين سڃاڻڻ لاءِ روح جو اصل رستو ظاهري نمازن ۽ ظاهري علم جي حاصلات کان مٿي آهي. خود علم نه نفعي بخش آهي ۽ نه غير نفعي بخش، بلڪه ان جو مقصد ئي ان جي عظمت جو هئڻ ۽ مڪملتا آهي. “لوڪان صرف نحو مون مطالع سپرين.” مطابق علم جا سچا عاشق ان کي هنئين سان هنڊائين ٿا ۽ هو ڌڻيءَ جي طرفان جي معرفت کي ئي وسيلو بڻائين ٿا، جتان سڀ علم ڦٽي نڪتا آهن. داتا صاحب ڪشف المحجوب ۾ بيان ٿو ڪري ته، “الله تعاليٰ جو علم ان جي صفت آهي ۽ ان سان قائم آهي ۽ سندس صفتن جي ڪا انتها ۽ حد نه آهي. ٻانهي جو علم انهيءَ جي صفت آهي ۽ مخلوق جون صفتون محدود آهن. مطلب ته الاهي علم جو ذرو به اهو فهم آهي جنهن سان پرين پسجي ٿو”. ان لاءِ شاهه سائين فرمائين ٿا ته:

جَان جَان پَسين پاڻ کي، تان تان ناهه سُجود،

وِڃائي وُجود، تِنهان پوءِ تڪبِير چئو. (1-21، آسا)

حياتي جي لاهين چاڙهين ۽ زندگي ۽ موت جي حقيقت تي غور ۽ فڪر ڪرڻ سان خود شناسي ۽ خدا شناسيءَ جو فلسلفو سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. شيخ اياز موجب:

تون ئي منهنجو ساهه، تون ئي آهه ويساهه،

تون جو آنهه الله، مون کي مون کان ويجهڙو،

اُٿي اورِ الله سين، جئن ڪوڏ ڀرن،

جن ۾ سمنڊ سرن، سرلا ڪري سڏڙا.