نئون

مراد علي شاهه وزيراعليٰ جو حلف کڻي ورتو

سيد مراد علي شاهه سنڌ جي 33 هين وزيراعليٰ جو حلف کڻي ورتو. حلف کڻائڻ جي تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي. نئين وزيراعليٰ کان عهدي جو حلف ايڪٽنگ گورنر آغا سراج دراني کڻايو. حلف کڻڻ بعد مراد علي شاهه بلاول ڀٽو زرداري ڏانهن آيو ۽ ٻيو دفعو مٿس يقين ڪرڻ تي هن جو ٿورو مڃيو. خبرن موجب نئين سنڌ ڪابينا جنهن جي منظوري بلاول ڀٽو زرداري ڏئي چڪو آهي سا اڄ شام جو پنهنجن عهدن تان حلف کڻندي. حلف برداري تقريب بعد چيف منسٽر بلاول  ڀٽو زرداري سميت بلاول هائوس ويو جتي ٻنهي وچ ۾ ميٽنگ ٿي. خبرن موجب هن ميٽنگ ۾ ئي ٻنهي ڄڻن ڪيبنيٽ جي ميمبرن جا نالا چونڊيا. مراد علي شاهه جو هي ٻيون ٽرم آهي ۽ هن جي چونڊ خميس ڏينهن ٿي جنهن ۾ هن 97 ووٽ حاصل ڪيا. ٻئي طرف هن مقابلي ۾ بيٺل اپوزيشن پاران آندل اميدوار شهريار خان مهر 61 ووٽ حاصل ڪيا.