دنيا جي موسمياتي ماھرن طرفان سال 2026 ۾ پيسيفڪ سمنڊ ۾ طاقتور ايل نينو جي ڪيفيت پيدا ٿيڻ جو امڪان ظاھر ڪيو آھي. ايل نينو ھڪ موسمياتي عمل آھي جيڪو سمنڊ ۽ فضا جي گڏيل اثرن سان ٿيندو آھي ۽ ھن جو اثر سڄي دنيا جي موسمن تي ٿيندو آهي. ايل نينو دوران پيسيفڪ سمنڊ جي وچ ۽ اوڀر واري حصي ۾ پاڻيءَ جي سطح گرم ٿيندي آھي جيڪا واپاري يا تجارتي ھوائن کي ڪمزور ڪندي آھي. اھي تجارتي ھوائون اتر ۽ ڏکڻ کان خط استوا ڏانھن اچي اتر-اوڀر ۽ ڏکڻ-اوڀر ڏانھن رخ ڪنديون آھن ۽ مسلسل ھلنديون رھنديون آھن. جيئن ته پراڻي وقت ۾ ڪاروبار لاءِ سفر ڪندڙ سامونڊي جھاز ھنن ھوائن جي مدد سان پنھنجو سفر جاري رکندا ھئا، ان ڪري انھن تي واپاري يا تجارتي ھوائون نالو پيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنھنجي سر سامونڊيءَ ۾ به اھڙين سامونڊي ھوائن جو ذڪر ڪيو آھي. مثلاً:
نيشنل اوشنڪ اينڊ ايٽماسفيئرڪ ايجنسي، آمريڪا مطابق موجوده سال جي وچ ڌاري ھڪ طاقتور ايل نينو جنھن کي سپر ايل نينو سڏيو وڃي ٿو، جو 62 سيڪڙو امڪان آھن. آئرلينڊ جي نيشنل ميٽيورولوجيڪل سروس جي موسمياتي سائنسدان ٽيڊو سيملر جي مطابق، جيڪڏهن ايل نينو جي شدت ۾ هن سال جي ٻئي اڌ ۾ واڌ ٿئي ٿي ته ان جو اثر 2026 جي ڀيٽ ۾ 2027 ۾ وڌيڪ هوندو. سپر ايل نينو جي اثرن جي ڪري ڌرتيءَ جي گرمي پد ۾ اضافو، ڪٿي خشڪ ساليءَ جي صورتحال يا ڪجھه علائقن ۾ غير معمولي برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال پڻ پيدا ٿي سگهي ٿي. سپر ايل نينو 1950 کانپوءِ صرف پنج ڀيرا ٿيو آھي جنھن ۾ سمنڊ جي سطح جي گرمي پد ۾ 2 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ واڌ آئي آھي. گرمي پد ۾ سڀ کان وڌيڪ واڌ 16-2015 ۾ آئي جيڪا 2.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي. پاڪستان ۾ وڌندڙ موسمي شدت، غير متوقع برساتن ۽ شديد گرمي جي لهرن کي نظر ۾ رکندي، ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ملڪ کي ايندڙ مهينن ۾ سنگين موسمي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. موجوده سال اھو عمل آگسٽ کان شروع ٿيڻ ۽ 2027 جي ڪجھه مھينن تائين ھلڻ جا امڪان آھن. دنيا جا موسمياتي ادارا ھن عمل تي نظر رکيو ويٺا آھن. گرميءَ جي واڌ سبب انسانن ۽ جانورن سان گڏ نباتات کي پڻ نقصان پھچي سگھي ٿو جن ۾ هيٽ اسٽروڪ ۽ ٻين بيمارين سان گڏ فصلن جي پيداوار ۾ گھٽتائي ۽ جھنگلن ۽ ٻيلن ۾ باھيون لڳڻ جھڙا واقعا شامل آهن. ھيٺين تدبيرن تي عمل ڪرڻ سان اھڙين تڪليفن ۾ گھٽتائي آڻي سگھجي ٿي.
(1) پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جو وڌ ۾ وڌ استعمال ڪيو وڃي. بھتر اھو ٿيندو جو پيئڻ جي پاڻيءَ ۾ ٿوري مقدار ۾ لوڻ ۽ کنڊ يا گلوڪوز ملايو وڃي. ٿڌن مشروبات جن ۾ لسي، ٿاڌل ۽ ٻيا شربت شامل آھن، جو استعمال طبيعت ۾ بھتري آڻي سگھي ٿو. ايل نينو دوران سوڪھڙي جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، ان ڪري پاڻيءَ جي غير ضروري استعمال ۽ ذيان کي پڻ روڪيو وڃي. (2) ھلڪي رنگ جا ڪاٽن جا ڍلا ڪپڙا گرميءَ ۾ آرام جو احساس ڏياريندا آهن. (3) سخت گرمين واري موسم دوران اس ۾ گرمي پد ڇانو جي مقابلي ۾ 10 کان 12 ڊگري وڌيڪ محسوس ٿيندو آھي. تيز اس جي دوران ٻاھر نڪرڻ کان پرهيز ڪئي وڃي، خاص طور بيمارن، بزرگن ۽ ٻارن کي ڪنھن به صورت ۾ ٻاھر وڃڻ نه ڏنو وڃي. جيڪڏھن ڪنھن ضروري ڪم سانگي ٻاھر نڪرڻ ضروري ھجي ته مٿو ۽ ڪياڙي ڪنھن ٽوپي يا آلي ڪپڙي سان ڍڪي ڇڏجي ۽ پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جي بوتل ساڻ رکجي. (4) عورتون ڪوشش ڪري ٿڌي ٽائيم تي رڌ پچاءُ جو ڪم ختم ڪري ڇڏين. جيئن ھو سخت گرميءَ کان پاڻ کي بچائي سگھن. (5) ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ ۽ اھڙن شھرن ۾ جتي نھرون ويجھيون ھونديون آھن، اڪثر ماڻھو گرميءَ جي شدت کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ واھن ۽ تلائن جو رخ ڪندا آھن جن ۾ ٻارن جو ھڪ وڏو انگ شامل ھوندو آھي. اھڙن جاين تي وھنجڻ دوران سخت احتياط کان ڪم وٺجي ۽ ٻارن کي ۽ انهن تارو ماڻھن کي اڪيلو پاڻيءَ ۾ نه ڇڏجي. (6) جانورن کي پڻ چرڻ لاءِ اس ۾ نه ڪڍيو وڃي. کين ڪنھن ڇانو واري جڳھه تي ٻڌجي ۽ پاڻي ۽ سائو گاهه مھيا ڪيو وڃي. پکين لاءِ پڻ ڇانو واري جاءِ تي پاڻي ۽ خوراڪ رکي وڃي. (7) ھيٽ اسٽروڪ جي صورت ۾ مريض کي طبي امداد لاءِ فورن ڪنھن ويجھي اسپتال منتقل ڪيو وڃي. (8) حڪومت ۽ موسمياتي ادارن طرفان وقت بوقت پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي ڏنل ھدايتن تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي.