بلاگنئون

3 مئي عالمي صحافت جو ڏينهن تاريخ، سماج ۽ اڄ جي صحافت جو مڪمل عڪس…!

3 مئي هر سال عالمي صحافت جي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي ۽ اهو ڏينهن رڳو هڪ رسمي يادگار نه، پر اظهار جي آزادي، سچ جي تلاش ۽ صحافين جي بي مثال جدوجهد جو عڪس آهي. 1991ع ۾ نميبيا جي شهر ونڊهوڪ ۾ ٿيل “ونڊهوڪ ڊڪليئريشن” هن ڏينهن جو بنياد وڌو، جتي آزاد، خود مختيار ۽ ذميوار صحافت جي اهميت کي اجاڳر ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ 1993ع ۾ گڏيل قومن هن ڏينهن کي عالمي سطح تي مڃتا ڏني. تاريخ شاهد آهي ته صحافت هميشه طاقتور ڌرين جي سامهون سچ جو آواز بڻجي بيٺي آهي. بادشاهتن کان وٺي جديد جمهوريتن تائين صحافين پنهنجي قلم سان ظلم، ناانصافي ۽ ڪرپشن کي بي نقاب ڪيو آهي، برصغير جي آزاديءَ جي تحريڪ هجي يا دنيا جا ٻيا وڏا انقلاب، هر هنڌ صحافت ماڻهن کي شعور ڏنو، سوال ڪرڻ سيکاريو ۽ حقن لاءِ اٿڻ جو حوصلو پيدا ڪيو. سماج ۾ صحافت جو ڪردار ڪنهن به ريت گهٽ ناهي، اها رڳو خبرن جي ترسيل جو ذريعو نه، پر عوام جي اک ۽ ڪن آهي، جيڪا سچ کي سامهون آڻي ٿي، شفافيت کي وڌائي ٿي ۽ احتساب جي عمل کي مضبوط بڻائي ٿي. جيڪڏهن صحافت ڪمزور ٿئي ٿي ته سماج ۾ ڪوڙ، پروپيگنڊا ۽ بي انصافي وڌي وڃي ٿي، پر اڄ جي دور ۾ صحافت جو منظرنامو گهڻو بدلجي چڪو آهي. ڊجيٽل دور ۽ سوشل ميڊيا خبرن جي دنيا کي نئين رخ ڏنو آهي، هاڻي هر ماڻهو پنهنجي موبائل ذريعي خبرون ٺاهڻ ۽ شيئر ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو، جنهن سان هڪ طرف اظهار جي آزادي وڌي آهي ته ٻئي طرف فيڪ نيوز، اڌ سچ ۽ پروپيگنڊا به عام ٿي ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ اصل صحافت جي ذميواري ٻيڻي ٿي وڃي ٿي ته اها سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪري عوام تائين درست ڄاڻ پهچائي. اڄ جي صحافت هڪ ٻئي اهم چئلينج کي به منهن ڏئي رهي آهي، جيڪا ريٽنگ ۽ وائرل ٿيڻ جي ڊوڙ آهي، ڪيترائي ميڊيا ادارا سچ ۽ معيار بدران سنسني خيز خبرن کي ترجيح ڏئي رهيا آهن، جنهن سان صحافت جي ساک متاثر ٿي رهي آهي ۽ خبر کي معلومات بدران تماشو بڻايو وڃي ٿو، جيڪو صحافت جي بنيادي اصولن جي ابتڙ آهي.

ان سان گڏوگڏ صحافين کي سيڪيورٽي جا سنگين مسئلا به درپيش آهن، سچ لکڻ يا ڏيکارڻ تي انهن کي ڌمڪيون، تشدد، اغوا ۽ ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڪيترائي صحافي پنهنجي جان وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته ڪيترائي اڄ به خطري جي باوجود پنهنجي فرض تي قائم آهن. معاشي لحاظ کان به صحافت ڏکئي مرحلي مان گذري رهي آهي، ميڊيا ادارن کي مالي بحران، اشتهارن جي گهٽتائي ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي مقابلي سبب نقصان ٿي رهيو آهي، جنهن جو سڌو اثر صحافين تي پوي ٿو. گهٽ پگهارون، دير سان ادائگيون ۽ نوڪرين جو عدم تحفظ عام مسئلا بڻجي چڪا آهن، خاص ڪري فري لانس صحافين لاءِ حالتون اڃان به وڌيڪ ڏکيون آهن. سماجي سطح تي به صحافت جو ڪردار تبديل ٿي رهيو آهي، اڄ جو پڙهندڙ ۽ ڏسندڙ وڌيڪ باشعور آهي، اهو صرف خبر نه، پر ان جي پٺيان حقيقت، تجزيو ۽ شفافيت به چاهي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ صحافت کي به پنهنجي معيار، غير جانبداري ۽ ذميواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو پوندو. ڇو ته جيڪڏهن صحافت پاڻ پنهنجي اصولن کان هٽي ويندي ته سماج ۾ بي اعتمادي وڌندي.  اهو ڏينهن اسان کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته ڇا اسان پنهنجي صحافين کي محفوظ، آزاد ۽ باوقار ماحول ڏئي رهيا آهيون؟ ڇا اسان انهن جي قربانين کي مڃتا ڏئي رهيا آهيون؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومتون صحافين جي تحفظ لاءِ موثر قانون سازي ڪن، ميڊيا ادارا پنهنجي ملازمن جا حق تسليم ڪن ۽ سماج صحافت جي اهميت کي سمجهي ان سان گڏ بيهي. ڇو ته هڪ آزاد، ذميوار ۽ مضبوط صحافت ئي هڪ صحتمند، باشعور ۽ منصف سماج جي ضمانت آهي. آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته صحافت صرف هڪ پيشو نه، پر سچ جي جنگ آهي ۽ هن جنگ ۾ قلم ئي سڀ کان وڏو هٿيار آهي. جيڪڏهن اهو ايمانداري سان استعمال ٿئي.