سنڌ جي انمول ڌرتي پنهنجي سدا وسندڙ سر زمين تي انيڪ شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جنهن پنهنجي سماجي، سياسي، ادبي توڙي علمي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي. انهن شخصيتن مان ڪجهه شخصيتون پنهنجي محنت ۽ لگن سان ڪجهه ميدانن ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاري اڳتي نڪري نروار ٿينديون آهن، اهڙي ئي هڪ هر فن مولا شخصيت جو آئون پنهنجي پروفائل ۾ ذڪر ڪري رهيو آهيان جنهن جو نالو سنڌ جي مشهور ادبي شخصيتن ۾ شمار ٿئي ٿو، هوءَ نه صرف هر فن مولا شخصيت جي مالڪه آهي، پر پنهنجي طبيعت ۾ مولائڻ به آهي. اهڙي ئي فقيري طبيعت واري ملڻسار، محبتي، علمي ۽ ادبي شخصيت جيڪا پنهنجي ادبي نالي“گلشن سنڌو” جي نالي سان مشهور آهي، ڪنهن به تعارف جي محتاج ناهي.
ڳوٺ قاضي پير محمد ڦلجي اسٽيشن تعلقي ۽ ضلعي دادو جي مشهور شخصيت نور محمد سولنگي (مرحوم) جيڪو پيشي جي حساب سان سرڪاري ملازم هو، ان جي گهر 16 ڊسمبر 1975 تي سردي جي ٿڌڙين هوائن وارن ڏينهن ۾ هڪ ڌيءَ جنم وٺي ٿي، جنهن جو نالو گلشن پروين رکيو ٿو وڃي. گلشن سميت سندس والدين کي اولاد ۾ چار ڌيئرون ئي آهن، گلشن ڀينرن ۾ ٽيون نمبر اولاد آهي، جنهن جي هاڻوڪي رهائش سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ آهي.
سنڌ جي سدا ملوڪ ۽ سهڻي شڪل شبيهه واري گلشن پروين جي شادي 2002 ۾ سنڌ جي مشهور صحافي محترم رسول بخش چنا سان ٿي، کيس هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد اٿس، ماشاءَالله اهي ٻئي نوجواني جي منزل تي پهتل آهن.
سنڌ جي نامياري ليکڪا گلشن تعليم جي اعلي’ زيورن سان به سينگاريل آهي. سندس پرائمري تعليم 1986 گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول بٺ محلو دادو مان شروع ٿي. جڏهن ته مئٽرڪ 1993 ۾ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول دادو مان، انٽر ۽ گريجوئيشن دادو جي ئي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مان ڪئي. جڏهن ته هن شادي کان اڳ روشن تارا اسڪول ۾ پڙهايو ۽ ڪرونا جي اچڻ کان اڳ ڪراچي جي مختلف اسڪولن ۾ پيشي جي لحاظ کان درس و تدريس سان لاڳاپيل رهي.
“گلشن سنڌو” جو مواد سنڌ جي هر اخبار ۽ مئگزين جهڙوڪ: گلڙا پبليڪيشن، عبرت مئگزين، هفتيوار سنڌو، گل ڦل، خوشبو مئگزين، نئين زندگي، مهراڻ، سرتيون، هالار، سنڌ رنگ ڊائجسٽ، ڪينجهر، عزم پاڪستان مئگزين، احساس مئگزين، سنڌ راڻي مئگزين، صبا مئگزين، هزار داستان کانسواءِ ٻين ڪيترن ئي مئگزينن ۾ ڇپجي چڪو آهي، لکڻ ۽ ڇپجڻ جو سلسلو تا حال جاري آهي.
ادب جي دنيا ۾ پاڻ مڃائيندڙ گلشن سنڌو پنهنجو ادبي استاد سنڌ جي نالي واري شاعر علي محمد درد سولنگي کي مڃي ۽ سمجهي ٿي. انتهائي سٻاجهڙي طبيعت رکندڙ هن شخصيت جا هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.
(1) ازل کان سفر ۾ (شاعري). (2) عڪس جانان هم (گڏيل اردو شاعري). (3) نظمن جو ديس (شاعري). (4) صحرا منجھه صدا (شاعري). (5) سنڌ جون شاعر عورتون (گڏيل شاعري). (6) سخنور سنڌ ڌرتي جا.
جڏهن ته ايندڙ ڪتابن ۾: “انمول مرڪ” (ٻاراڻيون ڪهاڻيون ۽ نظم)، جي تو بيت ڀائنيا (لطيف رح جي سرن تي لکيل) انشاءَ الله جلد پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائڻ چاهي ٿي.
ادبي دنيا جي نالي واري شخصيت گلشن سنڌو ادبي کيتر ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي، اياز گل ۽ نورالهدي’ شاھ کان جڏهن ته سياست ۾ اياز لطيف پليجو کان تمام گهڻو متاثر آهي. سنڌ جي جاکوڙي ليکڪا ادب توڙي علم جي ميدان ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ڪيترائي ايوارڊ، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا آهن، انهن مان سر فهرست هي آهن:
شهيد عادل سخيراڻي ايوارڊ، سرمد سنڌي ايوارڊ، دي روز انٽرنيشنل ايوارڊ، سنڌ راڻي ايوارڊ، احساس ايوارڊ، شان سنڌ ايوارڊ، انسان دوست ايوارڊ. انهيءَ کان سواءِ هالار، سنڌ رنگ ڊائجسٽ ۽ عليشا وومين ڊولپمينٽ طرفان هن سرٽيفڪيٽ به حاصل ڪيا آهن.
پاڻ سنڌ اديب فائونڊيش، جگنو انٽرنيشنل سان هن وقت به منسلڪ آهي. سدائين مهڪندڙ ۽ مرڪندڙ شخصيت گلشن سنڌو کي پنهنجي ڳوٺ جو شهر دادو ۽ اسلام آباد وڻن ٿا.
ڪپڙن جي وڻندڙ رنگن ۾ فيروزي ۽ پرپل، وڻندڙ موسمن ۾ بهار جي موسم، خوشبوءِ موتئي جي، پرهه ڦٽي جو پهر، پسنديده کاڌن ۾ چڪن تڪه، ساڳ چانورن جي ماني ۽ بيهه پالڪ.
جڏهن موسيقي ڪلاسيڪل ۽ فنڪارن ۾ راڳ جي راڻي عابده پروين، نصرت فتح علي خان ۽ سرمد سنڌي پسند آهن. مانائتي اديبا گلشن جنهن زندگي جا تمام گهڻا لاها ۽ چاڙها ڏٺا آهن، سکڻ جي سيج به ماڻي آهي ته ڏکن جي ڪنڊن کي به لتاڙيو آهي کان پڇيم ته…
زندگي ڇا آهي؟
جواب ڏيندي چيائين، ڏکن جو سمنڊ آهي، جتي ڪڏهن ڪڏهن سک جي لهر به ايندي آهي.
پيار ڇا آهي…؟
آئيني وانگر صاف شفاف ۽ صبح جو گل تي ڪرندڙ ماڪ ڦڙن مثل پاڪيزه جذبو آهي.
عورت ۽ مرد توهان جي نظر ۾…؟
عورت خوبصورت تخليق ۽ تحفظ جو ٻيو نالو مرد آهي.
رشتيدارن جي پيار مان مطمئن آهيو…؟
تفصيلي جواب ڏيندي چيائين، زخمن تي مرهم رکڻ بجاءِ لوڻ ٻرڪڻ وارا، خود غرض، مفاد پرست جن کي غم به صرف پنهنجا نظر اچن ٿا، مجبوريون به پنهنجيون نظر اچن ٿيون ۽ حساب ڪتاب جا به صرف پنهنجا کاتا رڪارڊ ۾ رکن ٿا. اهڙن رشتيدارن سان جيڪڏهن اسان پنهنجا حساب ڪتاب جا کاتا کوليا ته اهي ئي ڏوهاري ثابت ٿيندا جن سان ڀلي سڄي عمر سٺو هل، شل نه ڪا ٿوري غلطي ٿي پوي ته سئو نيڪيون به وساري ويهي ٿا رهن. حق سڀ ياد رکن ٿا باقي فرضن کان ڇٽل آهن، سو اهڙن جي پيار مان ڪهڙو مطمئن هونداسين…!
سڀ کان وڌيڪ عزيز ڪنهن کي ٿا سمجهو…؟
اولاد کي.
ڪا خوشي جنهن توهان جي زندگي بدلائي ڇڏي هجي…؟
اولاد جي نعمت جو گهر اچڻ…
ڪو اهڙو غم جيڪو وسري نه سگهيو هجي…؟
والدين جي وڇوڙي جو غم جنهن سمورو وجود زخمي ڪري ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو.
ڪا اهڙي خواهش جيڪا پوري ٿي هجي ته خوش ٿيا هجو…؟
هڪ ليکڪ شاعر بڻجڻ کانپوءِ دلي خوشي ۽ مسرت ملي.
ڪا اهڙي خواهش جيڪا اڃان پوري نه ٿي هجي…؟
وڪيل بڻجڻ جي…
طبيعت ۾ ڪيئن آهيو…؟
مليل جليل طبيعت جي مالڪ آهيان، پر گهڻي قدر خوش مزاج آهيان.
انٽرويو جي آخر ۾ انتهائي کلمک، ڪجهه سوالن جا بهترين ۽ خوبصورت جواب ۽ ڪجهه سوالن جا تلخ، پر حقيقت پسند ۽ مدلل جواب ڏيندڙ سنڌ جي عظيم شاعره گلشن کان پڙهندڙن لاءِ پيغام ورتم ته انتهائي سادو، پر اهم پيغام ڏيندي چيائين “جيئو ۽ جيئڻ ڏيو پنهنجا رويا اهڙا رکو جنهن سان ڪنهن جي دل آزاري نه ٿئي.”
سدائين مرڪون ۽ مهڪون سجائيندڙ گلشن سنڌو جيڪا عزم پاڪستان مئگزين جي ايڊيٽر به آهي، جنهن جي وسيلي ادب جي خدمت ڪري رهي آهي، هر علمي ۽ ادبي پروگرامن ۾ سندس شرڪت يقيني هوندي آهي. هن کي ادبي حلقن مان ڪيترو مان ۽ مرتبو مليو آهي جنهن جي هوءَ حقدار به آهي، اهو پاڻ محسوس ڪندي هوندي، پر ادب جي پڙهندڙن توڙي سنڌ جي مختلف ٽيليويزن چينلز ۾ هوءَ هميشه نظر آئي آهي.
سنڌ جي نامياري ليکڪا جيڪا عزتون ڏيڻ ۽ وٺڻ جا سڀ گر ڄاڻي ٿي کيس کوڙ عزتون مليون به آهن ڏيندي به آهي. مختلف علمي، ادبي توڙي سماجي گڏجاڻين، مذاڪرن ۽ مشاعرن ۾ نمايان نظر ايندي آهي. هن جي لاءِ دعا آهي ته هوءَ سدائين ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون ماڻيندي رهي.
گلشن سنڌو وٽ حوصلو آهي، اڳتي وڌڻ جي جستجو به آهي، هوءَ بهادر به آهي بي ڊپي به آهي، ادب جو ميدان به اٿس ته علم جو کيٽر به اٿس. هوءَ لکندي رهي ادب جي جهول ۾ ٻيا ڪتاب به وجهندي رهي، يقينن پڙهندڙن کي سندس ايندڙ ڪيترن ئي ڪتابن جو انتظار رهندو.
علم ۽ ادب جو هي روشن ستارو سدائين افق تي جهرمٽ ستارن جي وچ ۾ چوڏهين جي چنڊ جيان روشن رهي. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ سدائين پنهنجو نالو روشن ڪندي رهي، سدائين خوش هجي ۽ سلامتين سان هجي-آمين