ڪراچي جيڪو سنڌ جي گاديءَ جو شهر ۽ دنيا جي چند وڏن شهرن مان هڪ وڏو ميٽروپوليٽن شهر آهي، جنهن ۾ 17 جنوري 2026 تي گُل پلازه ۾ باهه لڳي. جيڪا هاڻي وسائي وئي آهي ۽ ڪولنگ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. هي سينٽر صدر جي علائقي ۾ واقع آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته هن عمارت ۾ هيءَ پهرين نه بلڪه ٽين باهه هئي. ان کان اڳ سڀ کان وڏي باهه جنهن ۾ ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو ۽ عمارت کي تمام گهڻو نقصان پهتو، 26 جون 2008 تي لڳي. 2014 اپريل تي ٻين منزل تي باهه لڳي، جنهن تي جلد ضابطو آندو ويو. جڏهن ته 17 جنوري 2026 تي جيڪا باهه ميزنائن فلور کان شروع ٿي ۽ پوءِ اها دڪانن تائين پکڙجي وئي. جنهن ان عمارت جي بنيادن کي ڊاهي ڇڏيو ۽ هاڻي اها عمارت ٽئين درجي جي باهه لڳڻ جي ڪري ان قابل نه رهي آهي ته ان کي وري استعمال ڪري سگهجي. ان جا ڪيترائي حصا باهه کي وسائڻ واري عمل دوران ڪِري پيا. جنهن جي ڪري هڪ فائر فائٽر به پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندي شهيد ٿي ويو. جنهن کي صدر سول ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
هڪ رپورٽر جي بيان مطابق جنهن جو تعلق هڪ وڏي قومي ميڊيا جي چينل سان آهي ته هي سينٽر 1979 ۾ تعمير ٿيو ۽ 1980 ۾ فعال ٿيو. هن جي تعمير بيسمينٽ، ميزنائن فلور ۽ ان کانپوءِ ان جي مٿان هڪ فلور تي مشتمل هئا، پر جيئن ته اسان وٽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پنهنجو ڪم ڪيئن ٿي ڪري اها سڀني کي خبر آهي، ان ڪري ڪراچيءَ جهڙي ايڏي وڏي شهر ۾ جتي قانون کان مٿانهيون ڪيتريون ئي عمارتون ٺهي وڃن ٿيون. انهن جي ريگيوليشن قانون مطابق نه ٿي ٿئي ۽ ساڳئي طريقي سان هن بلڊنگ جي مٿان 3 منزلون ٻيون تعمير ٿي ويون. رپورٽر مطابق هن پلازه ۾ 500 دڪانن جي جاءِ هئي، جڏهن ته باهه لڳڻ وقت 1200 دڪان موجود هئا. اهو سڀ اسان کي ٻڌائي ٿو ته اسان جي ادارن جي خراب ڪارڪردگي ۽ عام عوام جي لالچ ۽ قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جو نتيجو به آهي.
ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته اسان جي ملڪ ۾ غربت جي نتيجي ۾ عام ماڻهو پنهنجو ڪاروبار ان جاءِ تي ڪرڻ چاهي ٿو، جتي هن کي منافعو ملي سگهي ۽ هو پنهنجي زندگي کي بهتر طريقي سان گذاري سگهي، پر پوءِ ان جا نتيجا اسان کي گُل پلازه ۾ باهه جي صورت ۾ ملن ٿا، جتي لکين رپين جو نه بلڪه اربين رپين جو مالي نقصان به ٿئي ٿو ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي جي مٿان آڱر کڄي ٿي ۽ ڪيتريون ئي معصوم جانيون ضايع ٿي وڃن ٿيون. سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته “ڏڌل کير ٿڻن ۾ واپس نٿو وڃي سگهي”. ساڳئي طريقي سان جيڪو نقصان ٿيو آهي، جيڪي جانيون ضايع ٿيون آهن، انهن کي موٽائي نه ٿو سگهجي. هاڻي سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هوءَ قانون مطابق سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ذميدار آفيسرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ته هن بلڊنگ کي ڪنهن وڌيڪ ماڙ ٺاهڻ جي اجازت ڏني. ان کان علاوه اهڙين عمارتن ۾ سيفٽي کي ڏسڻ وارا ڪهڙا ادارا هئا، جن پنهنجو ڪم پورو نه ڏٺو انهن جو تعين ڪري انهن کي قانون مطابق سزا ڏني وڃي. هن وقت سٺي ڳالهه اها آهي ته عوام کان وٺي اسان جا سياستدان جيڪي قومي اسيمبلي ۾ ۽ سينيٽ ۾ ويٺل آهن، سڀ ان ڳالهه جو اعتراف ڪري رهيا آهن ته اسان جي ملڪ ۾ عمارتون ٺهي وڃن ٿيون، پر انهن جي اندر سيفٽي جا بندوبست نه هجڻ جي صورت ۾ ڪوبه قدم نه ٿو کنيو وڃي. افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته اسان وٽ وڏا وڏا پلازه وڏيون وڏيون عمارتون ٺهي وڃن ٿيون، پر انهن وٽ پارڪنگ جو ڪو بندوسبت نه هوندو آهي ۽ عمارت تعمير ٿي وڃي ٿي جنهن کانپوءِ ان ۾ رهندڙ خاندان پنهنجون گاڏيون بيهارڻ لاءِ به پريشان رهن ٿا. انهن سڀني شين کي ڏسڻ کانسواءِ نقشا پاس ٿي وڃن ٿا، عمارتن اندر باهه يا ڪنهن ٻئي حادثي جي صورت ۾ سيفٽي کي چيڪ نه ٿو ڪيو وڃي. پر پوءِ به اهڙين عمارتن کي واپاري سرگرمين يا عوام جي رهڻ جي لاءِ کوليو وڃي ٿو. جنهن ۾ سڀ کان وڏو نقصان عوام جو ٿئي ٿو. جتي حڪومت جون ڪوتاهيون آهن اتي اسان جون پنهنجيون ڪوتاهيون ۽ لالچ به اسان کي ان مقام تي آڻي بيهاري ٿي جتي اسان کي هن نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي وڃي ٿو. جتي 500 دڪانن جي جاءِ تي 1200 دڪان ٺهي وڃن ۽ سيفٽي کي چيڪ نه ڪيو وڃي ته صورتحال جيڪا اسان جي سامهون آئي آهي هميشه اهڙي ئي ايندي رهندي. ان کان علاوه جيڪڏهن باهه جي صورت ۾ سيفٽي جي قانونن جي مطابق هر دڪاندار وٽ پنهنجو فائر ايڪسٽنگوئشر موجود هجي ها ته اهي جلد کان جلد باهه وسائي وڏي نقصان کان محفوظ ٿي سگهن ها، گڏوگڏ عمارتن جي اندر هڪ انتظاميه موجود هوندي آهي. ان انتظاميه کان ڪهڙيون ڪوتاهيون ٿيون آهن انهن جي نشاندهي ٿيڻ به وقت جي ضرورت آهي. ڇو ته خبرن مطابق انتظاميه وقت کان پهرين بجلي بند ڪري ڇڏي هئي، گيٽ بند ڪري ڇڏيا هئا ۽ دڪاندارن کي ڪابه رهنمائي نه ڏني وئي هئي. جڏهن باهه ميزنائن فلور کان شروع ٿي ته پهرئين فلور تي به آگاهي نه ڏني وئي. جڏهن آگاهي ڏني وئي ته باهه ڪافي پکڙجي چڪي هئي. اسان سڀ نقصان ٿيڻ کانپوءِ هنن سڀني شين تي ڳالهايون ٿا ۽ پنهنجي پنهنجي وس آهر مشورا ۽ تجويزون به پيش ڪريون ٿا، پر اصل ذميداري سنڌ حڪومت جي آهي. هن وقت سنڌ حڪومت جي سڀ کان وڏي ذميداري آهي ته اها انهن ادارن کي پنهنجين ذميدارين کان آگاهه ڪري ۽ ذميدار فردن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي. هن وقت شهر ۾ جيڪي به شاپنگ سينٽرز يا وڏيون وڏيون عمارتون جن ۾ عام شهري رهائش پذير آهن، انهن جي سيفٽي کي ٻيهر چيڪ ڪيو وڃي ۽ اهي سڀئي نظام جيڪي ڪنهن به عمارت جي حفاظت لاءِ گهربل آهن، اتي انسٽال ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. ڇو ته جڏهن باهه لڳي وڃي ٿي ان کانپوءِ صرف خاندانن جو نقصان ٿئي ٿو، فردن جو نقصان ٿئي ٿو، حڪومت بيان ڏيندي رهجي وڃي ٿي.