ماتلي کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ واري مسئلي تي خبر ناھي ڪھڙين مصلحتن تحت ھڪ طرف سنڌ سرڪار ۽ ماتلي مان چونڊيل نمائندا، ايم پي اي محمد ھاليپوٽو صاحب، تنزيلا قمبراڻي صاحبه ۽ ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر صاحب ته ٻئي طرف ماتلي جو باشعور عوام، سماجي ۽ سياسي تنظيمون ۽ ان طرح سمورا ورڪر ٻن سالن کان لڳاتار مڪمل خاموش ٿي ويا آھن. جڏھن ته ماتلي ضلعي جي گُھر ماتلي مان پ پ جي ايم پي اي سردار بشير احمد ھاليپوٽو (مرحوم) اڄ کان 13 سال اڳ 2013ع ۾ پيپلز پارٽي جي ان وقت جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري کان تڏھن ڪئي ھئي جڏھن بلاول ھائوس تي ھڪ گڏجاڻي ۾ آصف علي زرداري صاحب بشير احمد ھاليپوٽو کان پڇيو ھو ته توھان کي ماتلي لاءِ ڇا گھرجي؟ جنھن جي جواب ۾ بشير ھاليپوٽو صاحب ماتلي کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ جي گُھر ڪئي ھئي. آصف علي زرداري صاحب ان اجلاس ۾ موجود اُن وقت جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ صاحب کي چيو ھو ته بدين ضلعي مان تلھار ۽ ماتلي کي ٽوڙي ماتلي کي نئين ضلعي جو درجو ڏنو وڃي، اھڙو اطلاع بلاول ھائوس مان جيئن ئي فون تي ماتلي پھتو ته ماتلي ۾ ماڻھن ھڪٻئي کي مبارڪون ڏيڻ شروع ڪيون ھيون. ماتلي پريس ڪلب ۾ مٺايون ۽ ڪيڪ آيا ھئا، اخبارن ۾ به مبارڪن جا اشتھار شايع ٿيا ھئا، ماتلي کي ضلعي جو درجو ڏيڻ جي پڌرائي جون اخبارن ۾ خبرون ۽ ٽي وي چينلن تي ٽاڪ شو شروع ٿي ويا ھئا، پر جيئن وقت گذرندو ويو تيئن اھا ڳالھه آھستي آھستي ٿڌي ٿي وئي ۽ بعد ۾ خبر پئي ته پ پ، سي ايم ھائوس، بلاول ھائوس سميت ڪنھن جي به اھڙي پڌرائي رڪارڊ تي نه ھئي، جيتريون به ڳالھيون ٿيون سڀ زباني ھيون، جڏھن ڀنڀور کي ڊويزن جو درجو ڏيڻ جي ڪوشش پئي ٿي تڏھن ماتلي ۾ ماتلي کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ لاءِ به تحريڪ ھلي رھي ھئي. اسماعيل راھو صاحب ان وقت پ پ ۾ نه ھو هن ان وقت بدين ضلعو بچايو تحريڪ شروع ڪئي ھئي، جنھن جا ٻه مقصد سامھون ھئا، ھڪ اھو ته بدين ضلعي کي انتظامي لحاظ کان امڪاني ڊويزن ڀنڀور ۾ شامل نه ڪيو وڃي ۽ ٻيو مقصد اھو ھو ته بدين ضلعي کي نه ٽوڙيو وڃي. اسماعيل راھو جي سرواڻي ۾ ھلندڙ بدين بچايو تحريڪ جي سڏ تي بدين ضلعي ۾ شٽربند ھڙتال جو سڏ پڻ ڏنو ويو ھو ۽ اھا شٽربند ھڙتال ماتلي ۾ به ٿي ھئي. ماتلي ۾ اھڙي ھڙتال انھن ساڳين ماڻھن ڪرائي جيڪي ماتلي کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ساڳئي وقت تحريڪ به ھلائي رھيا ھئا، اُن بعد شايد مٿي سمجھيو ويو ته ماتلي جا ماڻھو بدين ضلعي کي بچائڻ واري تحريڪ ۾ شريڪ آھن ۽ ماتلي کي ضلعو ڏسڻ نٿا چاھين، جنھن کانپوءِ ماتلي ضلعي واري تحريڪ به نه رھي نه ئي پ پ سرڪار ان مسئلي تي ڪڏھن سوچيو، وچ ۾ پ پ قيادت جا مرزا فيملي سان اختلاف شروع ٿيا. 2018ع وارين عام چونڊن ۾ بدين ضلعي جي 2 مان ھڪ قومي سيٽ ۽ 5 مان ھڪ صوبائي سيٽ پ پ کان GDA جي اميدوارن کٽيون ۽ بلدياتي چونڊن ۾ به بدين جي ميونسپل ڪميٽي جون 14 سيٽون پ پ ھارايون، ايئن بدين ضلعي جي چيئرميني واري سيٽ تي پ پ سان ڪانٽي جو مقابلو سامھون آيو، ان ڪري ماتلي کي ٽوڙي ڌار ضلعو ٺاھڻ وارو خيال وڌيڪ پوئتي ڌڪجي ويو. 2024ع وارين چونڊن ۾ جڏھن پ پ بدين جون سڀئي سيٽون کٽيون ته ماتلي کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ واري خيال لاءِ رستو کليو تڏھن به خاموشي 2 سالن کان جيئن جو تيئن برقرار آھي، وڏيرو بشير ھاليپوٽو صاحب به نه رھيو آھي جنھن ماتلي کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ جي گھر ڪئي ھئي، خواب ڏٺو ھو ۽ خواھش رکي ھئي. ان وچ ۾ بلاول ڀٽو صاحب ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ صاحب به ماتلي ۾ آيا ھتان جي صحافين ھمت ڪري انھن کان ماتلي کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ بابت به سوال ڪيا، مگر ان جو ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو آھي. 2024ع جي عام چونڊن جي نتيجن کانپوءِ ماتلي ضلعي ٿيڻ بابت ڪنھن به قسم جي ڪابه رڪاروٽ باقي نه رھي آھي. ان ڳالھه جي گھرج آھي ته سردار بشير ھاليپوٽو (مرحوم) جي ماتلي کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ واري گھر کي ايم پي ايز ڏاڏا محمد ھاليپوٽو صاحب ۽ تنزيلا قمبراڻي صاحبه وڏن جي خوابن ۽ خواھشن کي پاڻي ڏيارين ۽ ماتلي کي ضلعي جو درجو ڏيارين ائين ماتلي جي باشعور حلقن کي به ماتلي کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ لاءِ وري چُرپُر ڪرڻ گھرجي ته جيئن ماتلي کي ضلعي جو درجو ملي سگھي ۽ ماتلي کي ايئن مختلف شعبن ۾ ترقي ملي سگھي. ظاھر آھي جڏھن ماتلي کي ضلعي جو درجو ملندو ته ماتلي ضلعي جون سڀئي آفيسون قائم ٿينديون، ماتلي جا صحافي ڊسٽرڪٽ رپورٽر به ٿيندا، جيڪا انھن جي پراڻي خواھش ۽ ضرورت آھي، انصاف سستو ملندو، تعليم، صحت ۽ زراعت سميت ھر شعبي کي وڏي ترقي نصيب ٿيندي. بيشمار اين جي اوز جون آفيسون قائم ٿينديون، تعلقه اسپتال کي سِول اسپتال جو درجو ملندو، ميڊيڪل ڪاليج، لا ڪاليج به ھتي ايئن قائم ٿيندا جيئن ٽنڊو محمد خان ۾ قائم ٿيا آھن. روزگار جا نت نوان موقعا ملندا ۽ ھي علائقو تيزي سان ترقي ڪندو.