ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: قبر چور

مليل ڄاڻ تي پوليس ترت عمل ڪندي قبرستان ۾ اچي پهتي ۽ ٽن قبرن جي وچ ۾ ويٺل همراهه جو گهرو تنگ ڪرڻ لڳي.

هٿ مٿي ڪر ۽ اٿي بيهي… همراهه منهن تي پوندڙ ٽارچن جي روشني جي ڪري ساڄي ٻانهن سان اکيون ڍڪڻ جي ڪئي. هن جي منهن مان وائڙپ صاف ظاهر ٿي رهي هئي. هو اڳ به ڪيترا ئي ڀيرا انهيءَ قبرستان جي انهن ٽن قبرن وٽ ايندو رهيو هو، پر کيس ڪڏهن به اهڙي نموني پڪڙجڻ جو ڀئو نه هو. هو هوريان هوريان پاڻ سنڀالي مٿي اٿيو، هن کي ڪاري رنگ جو ٽو پيس پهريل هو ۽ ڳچيءَ مان اڇن ٽٻڪن واري ڳاڙهي ٽاءِ ٿي لڙڪيس. هو اتان ڀڄي نڪرڻ جي ڪوشش بنا ۽ نه ئي  وري پنهنجي صفائي ۾ ڪجهه چوڻ جي پوليس سان هلڻ لڳو. موبائيل تائين پهچڻ تائين هن جو ڪنڌ جهڪيل هو. هڪ سپاهي هٿڪڙي سان هن جا هٿ ٻڌا. هو سپاهين سان گڏ موبائيل ۾ ڪنڌ جهڪائي ويهي رهيو ۽ جيتري تائين موبائيل ٿاڻي تائين پهتي ايتري تائين ڪنڌ جهڪايو ويٺو رهيو.

هو ايس ايڇ او جي آفيس ۾ ويٺل هو، ايس ايڇ او هن جي ڪلين شيو منهن کي تڪڻ لڳو. ايس ايڇ او پنهنجي سامهون ويٺل همراهه کي پڙهيل لکيل ڄاڻي هن سان نرم ورتا ۾ پيش آيو.

اوهان جو نالو؟

اجمل، عمر؟ اٺيتاليهه سال. ڇا ڪندا آهيو؟

تازو ئي هڪ ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو آهيان.

جواب ٻڌي ايس ايڇ او همراهه کي وري چتائي ڏٺو ۽ چيائينس:

ٿورو تفصيل سان پاڻ بابت ٻڌايو.

مان گذريل تيرنهن سالن کان ڪاليج ۾ نفسيات پڙهائيندو رهيو آهيان، ڇهه مهينا اڳ پيراسائيڪالاجي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي اٿم ۽ اڄ پروفيسر جو آرڊر مليو اٿم.

اوهان کي خبر آهي نه ته اوهان کي قبرستان مان پڪتو ويو آهي! ايس ايڇ او کيس وري چتائي ڏسندي چيو.

هون… هن ڪنڌ لوڏيندي چيو.

انهن قبرن جي وچ ۾ ويهي اوهان ڇا ڪري رهيا هئا؟

ڪجهه به نه… هن ڪنڌ جهڪائي ٽنگن جي وچان فرش کي ڏسندي جواب ڏنس.

اسان کي شڪ آهي يا ته اوهان ڪارو جادو وغيره ڪري رهيا هئا يا وري قبرن مان چوري ڪري رهيا هئا!

نه…نه بلڪل به نه…! هن ٿڙڪندڙ چپن سان جواب ڏنس.

پوءِ…!

اوهان کي خبر آهي جن ٽن قبرن جي وچ ۾ مان ويٺل هئس اهي ڪنهن جون آهن؟ هن ڀيري هن ايس ايڇ او کان سوال ڪيو.

نه… ڪنهن جون آهن! ايس ايڇ او ويتر وائڙن جيان هن کي ڏسندي چيو.

اهي قبرون منهنجي ماءُ، پيءُ ۽ وڏي ڀاءُ جون آهن. هن جو جواب ٻڌي ايس ايڇ او کان ڇرڪ نڪري ويو.

اڇا اوهان هن اوکي مهل اتي ڇا پئي ڪيو؟ ايس ايڇ او ويتر ڇرڪجندي پڇيس.

هنن کي ٻڌائڻ ويو هئس ته مان ناڪارا نه آهيان.

پروفسير صاحب معاف ڪجو، پر مون کي اوهان جي ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه آئي…

پاڻيءَ جو گلاس ملندو! هن ڳيت ڏئي چيو.

ايس ايڇ او گهنٽي وڄائي، سپاهي آيو سليوٽ ڪيائين، صاحب کيس پاڻي کڻي اچڻ لاءِ چيو. ڪجهه دير سپاهي پاڻي کڻي آيو. پروفيسر هڪ ساهي ۾ پاڻي پي ويو ۽ پوءِ ايس ايڇ او کي پيرائتو احوال ڏيڻ لڳو:

مون کي يارنهن ورهين جي عمر ۾ پهريون ڀيرو اڌ مٿي ۾ سور پيو هو، مان ستل هئس، خواب ٿئي ڏٺم، ڀوائيو خواب… مان ڪنهن گهاٽي ٻيلي مان ٿي لنگهيس، مرون ۽ بگهڙ منهنجي پٺيان هئا، رات اونداهي، رڙيون ۽ ڪيهون، مرون ۽ بگهڙن مون مٿان ٽپو ڏنو، سندن ڪاتي جيان تکا ڏند منهنجي نرم بت ۾ کُپي رهيا هئا، مون کي لڳو ته مون ٿي رڙيون ڪيون، پر ڪنهن به منهنجون رڙيون نٿي ٻڌيون، نيٺ مان ڇرڪ ڀري اٿي پيس، اهوئي ساڳيو ڪمرو، بت ۾ رڦڻي جو احساس ۽ پوءِ اڌ مٿي ۾ شديد سور. صبح تائين به بستري تي بي جان ليٽيل رھيس. گهر وارا مون کي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويا، چڪاس کانپوءِ ڊاڪٽر ٻن مهينن جون دوائون ڏنيون، پر ڪوبه فرق نه پيو، دماغ جو سي ٽي اسڪين پڻ ڪيو ويو، جنهن منجهان خبر پئي ته منهنجي دماغ جي ڪا رڳ دٻجي وئي هئي. جڏهن ڊاڪٽرن جي علاج به فائدو نه ڏنو ته پاڙي جي مسيت جي ڪاري، ٿلهي ڳاڙهين اکين واري مولوي صاحب منهنجي پيءُ کي مشورو ڏنو ته پٽ جي جسم تي ڄورون ڇڏ، جيڪي منهنجي بت منجهان خراب رت چوسي ڪڍنديون.

ان سڀ جو ڪارڻ ڊسمبر جي ٿڌي شام، 15 شعبان جي رات، شهر ڪراچي چراغان ٿيل، مسجدن ۽ امام بارگاهن تي ٻرندڙ مرچ بلب، مُلن جا واعظ، گناهه بخشرائڻ جا درس، ٻارن جي هٿن ۾ ٻرندڙ چڻگ پٽيون، فليٽن تي عورتون سوجي جو حلوو ۽ پوريون پچائيندڙ… هر طرف خوشيون… قيامت جي خوف کان عبادت ڪندڙ مسلمين، ڪتن ۽ گڏهن جو گوشت وڪڻندڙ به معافي جا طلبگار، وياجي به مٿو زمين تي هڻي معافي لاءِ ٻاڏائي رهيا هئا.

اڄوڪي رات سموري سال جو رزق لکيو ويندو، ان سان گڏ تقدير به… ڪنهن مسجد منجهان مُلي جو ڊيڄاريندڙ آواز آيو هو، نشتر پارڪ ۾ نعت جي محفل اڃان شروع نه ٿي هئي.

ان وقت مان 11 سالن جو ڇوڪرو هئس، ڳاڙها چپ ۽ گول ڀريل ڳٽا هئا.

اجمل! امان سڏيو هو، مان ڪمري کان نڪري آيس.

“هي حلوو مٿئين فليٽ واري کي ڏئي اچ.” امان چيو هئم. مون پليٽن ۾ هٿ وڌو، گرم پليٽون منهنجا هٿ ساڙي ويون، مون هڪدم پليٽون ٽيبل تي رکيون.

جلدي موٽجانءِ! امان چيو، مان پليٽون کڻي ٻاهر نڪتس ۽ ڏاڪا چڙهڻ لڳس، فليٽ جي در وٽ بيهي گهنٽي وڄايم، در کليو ۽ ٻه ڳاڙهيون ڊيڄاريندڙ اکيون مون کي گھورڻ لڳيون، انهن کي ڏسي مان ڏڪي ويس. وڏن وارن ۽ سانوري منهن تي ڪاري گهاٽي ڏاڙهي واري ھمراهه جي مون تي نظر پئي، هن مرڪي مون کي ڏٺو، منهنجي منهن تي به مرڪ اچي وئي ۽ پليٽون هن ڏانهن وڌايم.

هي اوهان لاءِ آهي. مون چيومانس.

اچ، اچ اندر اچ، ان ھمراهه پيار منجهان مون کي چيو، مان ڊڄندو ڊڄندو فليٽ اندر ويس، منهنجي پٺيان در بند ٿيو. هال ۾ سگريٽن جو دونهون ۽ شراب جي ڌپ هئي، ان همراهه پليٽون ٽيبل تي رکيون  ۽ مون کي تڪڻ لڳو، ٻئي پل ڪنهن وحشي بگھڙ جيان مون تي ڪڙڪيو، ڳٽن تي چڪ، ڳاڙهن چپن تي کهرا وار، رانن تي هٿ… ساهه منجهان سگريٽ ۽ شراب جي ايندڙ ڌپ… مون کڙيون هڻي پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾… ڦٽاڪن جي آواز ۾ منهنجون گم ٿيندڙ رڙيون، ان همراهه جي پينٽ هيٺ اچي زمين تي ڪري، منهنجو هٿ ڪنهن نرم گرم ماس سان ٽڪرايو، ماس جو اهو بي جان ٽڪرو هوريان هوريان سخت ٿيندڙ،  منهنجي وات تي مضبوط سانورو هٿ، ٻانهن تائين ڪارا وار ڄڻ اهو ھمراهه رڇ هجي. منهنجي اکين منجهان وهندڙ ڳوڙها، ان همراهه مون کي هيٺ جهڪايو… ۽ پوءِ رڳو سور جو احساس… ان ھمراهه جو پگهر ۾ شل ٿيل جسم، جنهن بعد ڪنهن گرم پاڻياٺي شيءِ جي لڳڻ جو احساس…

ڪمينا توکي نه چيو هئم ته جلدي اچجانءِ. مان گهر پهتس  ته امان ڪاوڙ مان بجو ڏيندي چيو، منهنجو وجود ڏڪي ويو. ان رات کانپوءِ هر رات مون لاءِ عذاب مثل بڻجي پئي، رڙيون ڪري اٿڻ، ڇرڪ ڀرڻ، پٺيان سور جو احساس، دٻيل ارمان… هاڻي مان هر مرد کان ڊڄڻ لڳس، ذهني دٻاءُ جو شڪار، ڪنهن کي به پنهنجي ڪيفيت نٿي ٻڌائي سگهيس. گهر وارن کي لڳو مون اجايا بهانا ٿي ڪيا، ڪلاس ۾ فيل ٿيڻ لڳس، گهر وارا سدائين ڪاوڙ مان چوندا هئا مان زندگي ۾ ڪجهه به نه ڪري سگهندس ۽ هڪ ڏينهن روڊ تي پني پني مري ويندس. وقت گذرڻ لڳو ته پهريان بابا، پوءِ امان ۽ ان کانپوءِ وڏو ڀاءُ مون کي هن وحشي دنيا ۾ انهن طعنن سان ته مان ڪجهه نه ڪري سگهندس اڪيلو ڇڏي هليا ويا. پوءِ مون ڊگري ڪئي، مون کي نوڪري ملي، مون ڪتاب لکيا، پي ايڇ ڊي ڪيم. جڏهن به ڪا ڪاميابي ملندي اٿم ته بابا وارن جي قبرن تي وڃي اهو ڪاميابيءَ جو ڪاغذ، ڊگري يا ڇپيل ڪتاب سندن قبرن جي وچ ۾ پوري کين ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته مان ناڪارا نه آهيان…. اڄ به اهوئي ڪرڻ ويو هئس.

اجمل جو بيان ٻڌي ايس ايڇ او ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي ويهي رهيو ۽ پوءِ بنا اجمل کي ڏسندي نرم لهجي ۾ چيائينس:

پروفيسر صاحب اوهان وڃي سگهو ٿا.

جي سر مهرباني، اجمل هيڊي مرڪ مرڪي اٿيو ۽ ڪنڌ جهڪائي آفيس کان ٻاهر هليو.

ٿوري دير کانپوءِ منشي هن جي آڏو اجمل جو تحريري بيان رکيو. ايس ايڇ او پني کي غور سان ڏسڻ لڳو ۽ پوءِ ان کي کڻي ذرا ذرا ڪري رڌيءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيائين.

***