تنهن زماني ۾ نانا جي هَٽُ جي سڄي ڳوٺ ۾ هاڪ هوندي هئي. ان هَٽُ تي ماڻهن جو ميڙو متل هوندو هو. ڳوٺ ۾ هڪڙو هَٽُ هجڻ ڪري سڄو ڳوٺ اتان سيڌو سامان وٺندو هو. نانا ننڍي وهيءَ کان اهو هَٽُ سنڀاليو هو. هٽ جون ڀتيون ڪچين سرن واريون هيون، ڪانن واري ڇت هڪ وڏي ڪاٺ ۽ چوڪور ڊگهين ڪاٺين سهاري بيٺل هئي. ٻن تاڪن وارو ڪاٺ جو ٿلهو در مضبوط انجيسن سان جڪڙيل هو، جن کي ڪٽ کان بچائڻ لاءِ نانا ڪِميءَ مان ڦڙو ڦڙو ڪري تيل پيو هڻندو هو. در جي ڀرسان ٻن تاڪن واري ننڍڙي دري هئي جتان سوجهرو ۽ هوا جو گذر ٿيندو هو. ڳوٺ ۾ بجلي ڪونه هئي، سو بتيءَ تي گذارو ٿيندو هو. جيئن سانجهيءَ جي ٻانگ ايندي هئي ته نانا جي هَٽُ ۾گاسليٽ واري بتي ٻرندي هئي ۽ سڄي هث ۾ سوجهاڪو پکڙي ويندو هو. گرمين جي مند ۾ ککرون هَٽُ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ مانارو ٺاهينديون هيون، ڪئين ڀيرا ککرن نانا کي ڏنگيو هو، سو ماناري کي چٿڻ لاءِ نانا گاسليٽ جو ڦوهارو ڪندو هو ۽ ککريون گاسليٽ جي بوءِ تي مري هيٺ ڪرنديون هيون. گهڻن ماڻهن جي ڪري هَٽُ ۾ سوڙهه ٿيندي هئي ته سڀئي هَٽُ ٻاهران رکيل بئنچ تي ويهي ڪچهري ڪندا هئا. نانا فجر جي نماز پڙهي نيرن ڪري هَٽُ کوليندو هو. هَٽُ کولڻ مهل هو هَٽُ ۾ اگر بتيءَ جو واس ڪندو هو ۽ پوءِ اها اگر بتي خوشبوءِ پکيڙيندي آهستي آهستي ڦلهيار پئي ٿيندي هئي، تيستائين ان جي خوشبوءِ سڄي هَٽُ ۾ پکڙي ويندي هئي.