ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: نانا جو هَٽُ

تنهن زماني ۾ نانا جي هَٽُ جي سڄي ڳوٺ ۾ هاڪ هوندي هئي. ان هَٽُ تي ماڻهن جو ميڙو متل هوندو هو. ڳوٺ ۾ هڪڙو هَٽُ هجڻ ڪري سڄو ڳوٺ اتان سيڌو سامان وٺندو هو. نانا ننڍي وهيءَ کان اهو هَٽُ سنڀاليو هو. هٽ جون ڀتيون ڪچين سرن واريون هيون، ڪانن واري ڇت هڪ وڏي ڪاٺ ۽ چوڪور ڊگهين ڪاٺين سهاري بيٺل هئي. ٻن تاڪن وارو ڪاٺ جو ٿلهو در مضبوط انجيسن سان جڪڙيل هو، جن کي ڪٽ کان بچائڻ لاءِ نانا ڪِميءَ مان ڦڙو ڦڙو ڪري تيل پيو هڻندو هو. در جي ڀرسان ٻن تاڪن واري ننڍڙي دري هئي جتان سوجهرو ۽ هوا جو گذر ٿيندو هو. ڳوٺ ۾ بجلي ڪونه هئي، سو بتيءَ تي گذارو ٿيندو هو. جيئن سانجهيءَ جي ٻانگ ايندي هئي ته نانا جي هَٽُ ۾گاسليٽ واري بتي ٻرندي هئي ۽ سڄي هث ۾ سوجهاڪو پکڙي ويندو هو. گرمين جي مند ۾ ککرون هَٽُ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ مانارو ٺاهينديون هيون، ڪئين ڀيرا ککرن نانا کي ڏنگيو هو، سو ماناري کي چٿڻ لاءِ نانا گاسليٽ جو ڦوهارو ڪندو هو ۽ ککريون گاسليٽ جي بوءِ تي مري هيٺ ڪرنديون هيون. گهڻن ماڻهن جي ڪري هَٽُ ۾ سوڙهه ٿيندي هئي ته سڀئي هَٽُ ٻاهران رکيل بئنچ تي ويهي ڪچهري ڪندا هئا. نانا فجر جي نماز پڙهي نيرن ڪري هَٽُ کوليندو هو. هَٽُ کولڻ مهل هو هَٽُ ۾ اگر بتيءَ جو واس ڪندو هو ۽ پوءِ اها اگر بتي خوشبوءِ پکيڙيندي آهستي آهستي ڦلهيار پئي ٿيندي هئي، تيستائين ان جي خوشبوءِ سڄي هَٽُ ۾ پکڙي ويندي هئي.

نانا جي پسارڪي هَٽُ ۾ ٿورو ٿورو هر وکر پيو هوندو هو. اسان ٻارن لاءِ مٺيون شيون، جن ۾ کٽمڙا، ريوڙيون، کنڊ ڀڳڙا، ٽافيون، رنگين کٽمٺڙا، پاپڙ ۽ بسڪوٽ هوندا هئا، پر عورتن لاءِ به سامان جي کوٽ ڪونه هئي، انهن جي هار سينگار جو سڄو سامان ننڍڙي هَٽُ جي ڪنڊ پاسن ۾ پيل هوندو هو. مساڳ، تبت ڪريم، پائوڊر، سرهو صابڻ، سرمو، ڪجل، نقلي ڳهه، جن ۾ نڪ جا ڪوڪا، واليون ۽ زنجيرون هيون. عورتن جي سڀ کان پسند جي شيءِ رنگي برنگي چوڙيون به هَٽُ اندر ڪاٺ جي ٺهيل خانن ۾ گتي جي ڏٻن ۾ پيل هونديون هيون. ننڍيون وڏيون گول آرسيون، عطر جون شيشيون ۽ اگر بتيون به هَٽُ تان ملنديون هيون. هندو سهاڳڻين لاءِ سينڌر به هو. نانا عورتن لاءِ انگي (برا) به رکندو هو. مايون پاڻ ڪونه وٺڻ اينديون هيون، پر سندن مڙس وٺي ويندا هئا. تيل ماپڻ واريون ٽپريون ڀت ۾ لڳل ڪلين ۾ ٽنگيل هونديون هيون. نانا اڇو وڳو پائيندو هو. جنهن تي تيل، گيهه ۽ مصالحن جا ٽڪا ٿي ويندا هئا. هن جي سڻڀيل ڪپڙن مان خبر پوندي هئي ته هو پورهيت آهي. خوشين جي موقعن تي ورهائي ويندڙ هر قسم جي مٺاڻ نانا جي هَٽُ تان ملندي هئي، پتاشا، نباتون، کارڪون، نقُل، مصري ۽ ڳڙ سان هَٽُ سٿيل هوندو هو. هَٽُ تي مريضن لاءِ گوريون به هونديون هيون. پيراسيٽامول ۽ پونسٽان هر مرض جي دوا هوندي هئي، ڳوٺ ۾ جنهن کي به ڪو مرض لڳي ته اهو اهي گوريون ڦڪيندو هو. نانو مريضن کي پونسٽان گوري چانهه سان ڳهڻ جي صلاح ڏيندو هو ۽ مريض تي نفسياتي طور ان جو اثر پڻ ٿيندو هو. چوندا هئا سانوڻ جي هَٽُ تان مليل گوري اصل هڪ ٽڪ آهي. رنگ برنگي ڦوڪڻا اسان لاءِ سڀ کان وڻندڙ شيءِ هوندي هئي، اهي ڦوڪي هوا ۾ اڏائيندا هئاسين. هَٽُ تي سڀ کان گهَٽُ وڪرو ٿيندڙ وکر ڪنڊوم هئا، گيڙو رنگ جي ننڍڙي پاڪيٽ ۾ پيل ساٿي ڦوڪڻا ڳوٺاڻا وٺندا ئي ڪونه هئا، انهن تي دز ڄمي ويندي هئي، انهن پاڪيٽن جو رنگ ئي کري ويندو هو، پر ڪو به گراهڪ ڪڏهن ڪنڊوم وٺڻ ڪونه آيو. جڏهن اهي مدي خارج ٿي ويندا هئا ته نانا اهي اُڇلائي ڇڏيندو هو ۽ اسين اهي ڦوڪڻا کڻي ڦوڪيندا هئاسين يا انهن ۾ پاڻي ڀري کيڏندا هئاسين، جڏهن امان ڏسندي هئي ته ڪاوڙ ڪندي ڦوڪڻا اڇلائڻ جو چوندي هئي، ننڍي هوندي خبر ڪونه پوندي هئي ته آخر انهن ڦوڪڻ ۾ اهڙو ڇا آهي جو ڪير وٺي ڪونه ٿو ۽ نانا ٻارن کي وڪرو ڇو نٿو ڪري ۽ جڏهن اسين انهن کي ڦوڪيندا آهيون ته امان ڪاوڙ ڇو ڪندي آهي. نيٺ سمجهه ڀريا ٿياسين تڏهن خبر پئي ڪنڊوم ڪهڙي ڪم ايندو آهي. نانا کي اندازو هو ته ڳوٺ ۾ ڪنڊوم ڪير ڪونه وٺندو، پر واپاري لاءِ هر وکر اهم هوندو آهي، جيئن ڪفن وڪرو ڪندڙ لاءِ ڪفن. ان جي کپت ڪڏهن به ٿي سگهي ٿي. ان آسري نانا به ساٿي رکندو هو. جنهن تي هڪ سٽ چٽي هوندي هئي “ساٿي هميشه ڪا ساٿ.” هَٽُ تي ٻڌل هڪ ڏوريءَ تي چانهه ۽ چهرين شين جا پڙا لڙڪيل هوندا هئا، گولن جا مينٽل ۽ وٽ واري بتيءَ جا گولا، ٽارچ ۽ ريڊيي جا سيل به هَٽُ تان ملندا هئا. عيد جي ڏينهن تي نانا ڪئين نيون شيون وٺي ايندو هو. پلاسٽڪ ۽ ڪافور جا رانديڪا به هَٽُ تان ملندا هئا. ڏياريءَ جي ڏينهن ۾ قسمين قسمين ڦٽاڪا، جهرمريون، شرليون ۽ ڏاڙهون ملندا هئا جن کي ڏياري واري رات ٻارڻ سان سڄي ڳوٺ ۾ سهائي پکڙجي ويندي هئي.

هَٽُ ۾ ڏهه ۽ پنج سيرن ٽين جي دٻن ۾ انيڪ وکر پيا هوندا هئا، نانا نه ڪڏهن انهن دٻن تي ڪنهن وکر جو نالو لکيو ۽ نه ئي ضرورت پيس، نانا کان ڪوبه گراهڪ وکر گهرندو هو ته سندس هٿن جون آڱريون ان دٻي جو ڍڪ کولينديون ۽ سامان ڪڍنديون وينديون هيون. دنيا جي قسمين قسمين وکرن جي سڳنڌ سڄي هَٽُ ۾ واسو ڪري وئي هئي، جيئن ماڻهو هَٽُ ۾ گهڙندو هو ته چئني پاسن کان وکرن جي گڏيل خوشبوءِ حواسن تي سوار ٿي ويندي هئي. ريشمي ڌاڳا، رنگين ڍيريون، پشم، ڀرت ۽ ٽوپي لاءِ سموريون شيون توڙي گج لاءِ ٽونئر به هَٽُ ۾ پيل هئا. هڪ وڏي لوهي ساهمي رسي سان ڇت جي هڪ ڪاٺيءَ ۾ ڪُنڍي سان ٻڌل هئي جنهن ۾ نانا هر وکر توريندو هو. هن ڪڏهن به تور ۾ ڪُپت ڪونه ڪئي، هو ڪاٺ جي دڪيءَ تي ويهندو هو، سندس ڀرسان رکيل ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ روز ڪمايل پئسا گڏ پيا ٿيندا هئا. جنهن جي ڍڪ جي وچ ۾ سڪا وجهڻ جو سوراخ هو، جنهن مان نانا ڏهه پئسيون پنج پئسيون ۽ چئن آنن جا سڪا وجهندو هو. هر نئون سڪو اڳ ۾ پيل سڪي سان ٽڪرائيندو ڪجهه پلن لاءِ ڇڻڪندو هو. جڏهن ته ڪاغذي نوٽ وجهڻ لاءِ هو پيتيءَ جو ڍڪ کوليندو هو. رکال سامان کڻندڙ گراهڪن جو حساب نانا ناسي پاٺي واري بنديءَ ۾ لکندو هو. هَٽُ ۾ وکر هيڪاندو هوندو هو، ان ڪري ڪوئا به اتي پنهنجو رزق ڳولهڻ لاءِ ايندا هئا، نانا انهن کي مارڻ لاءِ ڪوئا مار ڪوڙڪي لڳائيندو هو، جنهن کي نانا ٻلي چوندو هو. راتوڪي لڳايل ڪوڙڪيءَ ۾ ڪوئو ضرور ڦاسندو هو. ٻئي صبح تي نانا ڪوڙڪيءَ جي جاچ ڪندو هو ته ڪوئي جو ڪنڌ ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل هوندو هو، مڻين جهڙيون اکيون نڪتل هونديون هيون ۽ ڪوئي جا تکا ڏند مٿئين چپ ۾ ڦاٿل هوندا هئا. نانا ڪوڙڪي کڻي وڏي احتياط سان ڪوئو ڪڍي ان کي پريان اڇلائي ايندو هو، پر نانا لاءِ نڀاڳ جو ڏينهن اهو هوندو هو جڏهن هَٽُ کي کاٽ لڳندو هو. سال ۾ ٻه ڀيرا کاٽ ضرور لڳندو هو. ڪڏهن چور ڀت مان سرون ڪڍي کاٽ هڻندا هئا ته ڪڏهن وري ڇت جو مٿيون تهه چيري سامان ٻهاري ويندا هئا. کاٽ لڳڻ کانپوءِ نانا هَٽُ جو سامان ۽ پئسا ساريندو هو. پيتيءَ ۾ ايتري روڪ رقم ڪونه رکندو هو، پر ججهو سامان هَٽُ مان چوري ٿيل هوندو هو. پوءِ نانا کاٽ بند ڪرائي دعا گهرندو هو من وري کاٽ نه لڳي، پر نانا جي هَٽُ کي کاٽ هڻندڙ چور ڪڏهن به هٿ ڪونه آيا، انهن جا پيرا سدائين ڊٺل هوندا هئا يا وري وچ رستي تان وڃائجي ويندا هئا.

نانا ان هَٽُ مان پنهنجو گهر هلائيندو هو، هن ان هَٽُ مان پنهنجا ٽي پٽ پڙهايا، اهي سرڪاري نوڪرين ۾ لڳا، ٽن ڌيئرن جو دهلن دمامن سان وهانءُ ڪيائين، کين ڳهه ڳٽا ۽ سٺو ڏيج ڏنائين. ائين نانا جو هَٽُ تر ۾ مشهور ٿي ويو. سانوڻيءَ جي مند ۾ نانا کي هَٽُ جي ڪجهه ڳڻتي ٿيندي هئي، ڪچو هَٽُ مٿان وري مينهن جا راڱا هجن ته ان جي جهرڻ جا امڪان وڌي ويندا هئا، پر نانا ان نقصان کان بچڻ جو اڳواٽ بندوبست ڪندو هو. هو ڇت کي گارو ڪرائيندو هو، ڀتين تي به ليپ ڪرائيندو هو، ڀتين جي اندرئين حصي تي چن جو ليپ هڻندو هو. جاچيندو هو ته ڪٿان ڀت مان ڪا اهڙي جاءِ رهجي ته ناهي وئي، جتان پاڻي هَٽُ ۾ اندر هليو وڃي. گارو هڻائي ڇت مٿي پلاسٽڪ وڇائي ان جي مٿان سرن جا اڌڙ رکندو هو ته جيئن پني واءُ لڳڻ سان نه اڏامي، جڏهن مينهن وسندو هو ته پاڻي ڇت جي پوئين پاسي لڳل ناري مان وهي ويندو هو.

هَٽُ اسان جي گهرن کان ٻاهرئين پاسي هو جتي ٻٻرن ۽ ڪنڊين جا ايترا ڊگها وڻ هئا جن کي ڏسي ائين لڳندو هو ڄڻ ماڻهو انهن کي نهارڻ لاءِ ڪنڌ کڻندي کڻندي پٺي ڀر ڪري پوندو. ٻٻر جي هڪ قدآور وڻ جو ٿڙ ايڏو ٿلهو هوندو هو جو ڪي جوان مڙس ٿڙ کي ڀاڪر پائي هٿ ملائڻ جي ڪن تڏهن به وٿي رهجي وڃي. اونهاري ۾ ٻٻر جي وڻ تان ڪويل ڪوڪيندي هئي ۽ اڳ ۾ ٺاهيل ڪنهن پکيءَ جي آکيري تي قبضو ڪري وٺندي هئي. ڪويل جي ڪوڪ ۽ ڳيري جي گوگو ٽاڪ منجهند جي ماٺار ۾ چٽي ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. اتي هڪ کوهه به هو، جنهن جو پاڻي سالن کان کارو ٿي ويو هو، ڳوٺاڻا اهو پاڻي جانورن کي پياريندا هئا ۽ عورتون اتي ڌوپ ڪنديون هيون، جڏهن کان کوهه کارو ٿيو هو تڏهن کان ان کي کاٽي ڪونه لڳي هئي. امان جڏهن کوهه تي ڪپڙا ڌوئڻ ويندي هئي ته آئون کيس ڏول ڀري ڏيندو هئس. ڪپڙن واري صابڻ ۽ کار گاڏڙ پاڻي هڪ سينواريل ننڍڙي ڪچي ناليءَ مان ٿيندو پريان کليل پوٺي ۾ پکڙجي ويندو هو.

نانا سانجهي جي نماز کان ترت پوءِ هَٽُ بند ڪري ڇڏيندو هو. هو پن جون ٻيڙيون ڇڪيندو هو. جن لاءِ هو چوندو هو ته کيس مٺيون ٻيڙيون وڻنديون آهن. آئون وڏي وقت تائين اهو سمجهي ڪونه سگهيس ته ٻيڙيون مٺيون ڪيئن ٿينديون آهن، ڇا انهن ۾ ڪا مٺاڻ پوندي آهي، نيٺ پوءِ سمجهي ويس ته اصل چڪر تماڪ جو آهي، جنهن ٻيڙيءَ جو تماڪ هلڪو هوندو آهي، اهي سائي سڳي واريون آهن، جن کي نانا مٺيون ٻيڙيون چوندو هو. نانا وڏو چرچائي هوندو هو، چرچو هڻڻ وقت هو اهو وساري ڇڏيندو هو ته سامهون ڪا مائي آهي يا مرد. هڪ ڀيري نانا جي هَٽُ تان ماسي ساران واتوڙي ڪو وکر وٺڻ آئي، هن کيس سامان ڏنو، باقي هن جا اٺ آنا بچيا، هن ماسي ساران کي چيو ته “مائي ساران تنهنجا باقي اٺ آنا بچيا، چئو ڇا ڏيانءِ؟” “سانوڻ ڏئي ڇڏ ڪو وکر.” ماسي ساران چيو، نانا کيس بليڊ کڻي ڏئي ڇڏيو. ماسي ساران جو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. “مئا سانوڻ هن پني (بليڊ) کي آئون ڇا ڪنديس؟” کڻي وڃ آئي ويل ۾ ڪم اينديءِ.” نانا مرڪندي جواب ڏنو. ان ڏينهن کان اها ڳالهه سڄي ڳوٺ ۾ مشهور ٿي وئي ته نانا سانوڻ ماسي ساران سان ڪهڙي جٺ ڪئي.

وقت گذرندو ويو، مينهن وسيا، سيارو آيو، اونهارو لنگهي ويو، پن ڇڻ ٿي. نانا جي بت تي پيريءَ جي سرءُ پنهنجا پاڇا ظاهر ڪيا. هن جو سنهڙو سيپڪڙُو بت هاڻ وڌيڪ اڀرو ٿيندو ويو. اکيون ڏرا ڏيڻ لڳيون. منهن سڪڻ لڳندو، ويٺي ويٺي هن جا پگهر نڪري ويندا هئا. بخار ٿيندو هئس. اڳ جي ڀيٽ ۾ هو جلدي ٿڪجي پوندو هو. ٻيڙي پيئندي پيئندي هو کنگهه ۾ ٻوٽجي ويندو هو. کنگهه جو حملو ايترو زورائتو هوندو هو جو کيس ڪُکن ۾ سور پئجي ويندو هو. کنگهه ۾ کانگهاري سان رت اچڻ لڳو. جڏهن ماما ناني کي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويو ۽ تپاس کانپوءِ ايڪسري ٿيو ته نانا کي سلهه ظاهر ٿي. سالن کان گڏ ٿيندڙ ٻيڙين جي دونهن نانا جي ڦڦڙن ۾ ديرو ڄمائي ورتو هو. ڦڦڙن تي دونهن جي ڪاراڻ ڄمي وئي، سلهه کيس اندران ئي اندران کائي رهي هئي. ڊاڪٽر دوائون گوريون ڏنيون، پر جڏهن کان نانا کي رت اچڻ لڳو ته ماما سمجهي ويو هاڻ سلهه سندس ڦڦڙن کي وڪوڙي وئي آهي. تنهن هوندي به نانا هَٽُ کوليندو هو، هَٽُ تي ويهندو هو، گراهڪن کي ساڳي ريت سامان وڪرو ڪندو ۽ ساڳيا ڀوڳ چرچا هوندا هئس. ماما کيس چيو ته هاڻ هَٽُ تي نه ويهه ۽ کيس شهر هلڻ لاءِ زور ڀريائين، پر هو نه مڙيو ۽ ماما سان شهر رهڻ ڪونه ويو. پوءِ هڪ ڏينهن نانا کنگهندي کنگهندي رت اوڳاڇيندي پنهنجا پساهه پورا ڪيا. سلهه هن کان سندس حياتي کسي ورتي. ڪئين ڏينهن تائين هَٽُ بند رهيو. گراهڪن کي وکر جي پريشاني ضرور ٿي، پر کين اصل ڏک نانا جي گذاري وڃڻ جو هو. اصل ڳالهه اها هئي ته هاڻ هَٽُ ڪير هلائيندو. ماما وارا پنهنجين نوڪرين ۾ لڳل هئا. هيڏانهن ڪو اهڙُو ماڻهو ڪونه هو جيڪو هَٽُ کي وري کولي آباد ڪري. نيٺ ماما نانا جي هڪ پري جي مائٽ حاجي لقمان سان ڳالهايو ۽ کيس چيائين ته هو هَٽُ سنڀالي ۽ جيڪو به نفعو ٿئي سو اڌو اڌ.

هَٽُ کليو، گراهڪ اچڻ لڳا، پر هر گراهڪ کي نانا جي کوٽ محسوس ٿيندي هئي. حاجي لقمان جو وهنوار گراهڪن سان اهڙُو نه هو جهڙو نانا جو هو. نانا جن گراهڪن کي اوڌر ڏني هئي، سندس مئي پڄاڻان گراهڪ اها اوڌر موٽائي ويا. اها حاجي لقمان کي ملي. شروع وارن ڪجهه مهينن ۾ هَٽُ کي حاجي لقمان سٺو هلايو، پر پوءِ هَٽُ مان آهستي آهستي سامان کٽندو ويو، حاجي لقمان جو ٽڪر سڻڀو ٿيندو ويو ۽ حاجي لقمان جي زال جي بت تي نوان جوڙا، ڪنن، هٿن ۽ ڪرائين ۾ ڳهه وڌندا ويا. ائين هَٽُ مان جيڪو وکر کٽندو هو، اهو وٺڻ لاءِ حاجي لقمان شهر ڪونه ويندو هو. هن جي هَٽُ کولڻ جو وقت به پنهنجو هو. جڏهن وڻيس هَٽُ کولي جڏهن وڻيس بند ڪري. ائين گراهڪي ڦٽندي وئي. هَٽُ مان عام واهپي جون شيون ختم ٿينديون ويون. جڏهن به ماما حاجي لقمان کان هَٽُ جو پڇندو هو ته چوندو هو “ها مڙئي هلي پيو. گراهڪي مزي واري ڪونهي، گراهڪ رڳو اڌور تي سامان ٿا گهرن ۽ واپس ڪونه ٿا ڪن.” ائين هَٽُ وڃي ترو ورتو. ڀريل تريل هَٽُ خالي گودام جو ڏيک ڏيڻ لڳو. هاڻ ان هَٽُ ۾ چانهه جا ڪجهه پڙا، کنڊ ۽ اٽي جي ٻوري باقي بچي هئي.

نانا جي حياتيءَ ۾ هَٽُ مان ڪو به وکر ڪونه کٽو، پر هاڻ هَٽُ هَٽُ نه رهيو هو. اهڙي هَٽُ ڏانهن هاڻ ڪوئا به منهن ڪونه ڪندا هئا. نه وري حاجي لقمان کي اها ڳڻتي هئي ته مينهن جي مند ۾ هَٽُ ڪٿان ٽمندو ته ڪونه. آهستي آهستي هَٽُ جي پٽ کان ڀتين کي ڪلر چڙهڻ لڳو. جن ڀتين تي نانا چن جو ليپ ڪرائيندو هو، اتان هاڻ چاپڙ ڪرڻ لڳا جتان ڪچيون سرون ٿي لڳيون. هَٽُ مان ڏينهن جا ڏينهن ٻوهارو ڪونه نڪرندو هو، سو پٽ ڪارو ٿي ويو ۽ پيرن کي پيو چهَٽُندو هو. ککرن جا مانارا گهاٽا ٿيندا ويا. نانا جي هَٽُ جي گراهڪي موڪلائي وئي. ڳوٺ ۾ هڪ نئون هَٽُ منٺار کوليو هو. هاڻ گراهڪ ان هَٽُ تان وکر وٺڻ ويندا هئا. ائين نانا جو هَٽُ ويران ٿي ويو. حاجي لقمان هڪ ڏينهن نيٺ هَٽُ جو در بند ڪري ڳرو تالو هڻي جيئن ڪنجي گهمائي ته وري تالو ورهين تائين نه کليو. مون کي لڳو ڄڻ حاجي لقمان هَٽُ کي تالو هڻي ڪنجي کاري کوهه ۾ اڇلائي ڇڏي هئي. حاجي لقمان جي هوندي هَٽُ کي ڪڏهن کاٽ ڪونه لڳو. ڇو ته نانا جي هَٽُ کي اصل کاٽ ڪنهن چور نه، پر حاجي لقمان هنيو هو.

***