ايڊيٽوريلنئون

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام صوبن جي حوالي ڪرڻ تي غور

وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام صوبن جي حوالي ڪرڻ تي سوچ ويچار شروع ڪيو آهي. سرڪار جو اهو خيال آهي ته ملڪي آئين ۾ 18هين ترميم کانپوءِ جڏهن تمام اختيار صوبن جي حوالي ڪيا ويا آهن ۽ خاص طور ناڻي جي معاملن متعلق فيصلا خود صوبن کي ڪرڻا آهن. اها ڳالهه هڪ وفاقي وزير ڪئي آهي.

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) ملڪ ۾ جيڪا غربت آهي انهيءَ ۾ گهٽتائي ۽ ضرورتمند ۽ غريب ماڻهن تائين ناڻي جي پهچ جو پروگرام آهي. اهو پروگرام 2008 ۾ شروع ڪيو ويو جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڏو سماجي تحفظ جو پروگرام آهي ته جيئن ڳوٺاڻي سماج ۾ غريب خاندانن تائين ناڻي جي پهچ کي يقيني بڻايو وڃي. سال 2025 ۾ 10500 رپين جي رقم کي وڌائي 13500 رپيا في خاندان ڪيو ويو، جنهن سان غريب ماڻهن کي مهانگائي کي منهن ڏيڻ ۾ ڪجهه سولائي ٿي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هڪ ڪروڙ ماڻهن تائين پنهنجي امداد پهچائي آهي ۽ انهيءَ پروگرام ۾ تعليمي ۽ کاڌ خوراڪ جي امداد الڳ سان آهي. جڏهن کان مهانگائي ۽ قوت خريد ۾ گهٽتائي جو عمل شروع ٿيو آهي، تڏهن گهڻن ئي پاڪستاني خاندانن جي خريداري جي قوت، خوراڪ جي وڌندڙ قيمتن جي ڪري متاثر پي رهي آهي. BISP انهيءَ پسمنظر ۾ خريداري جي قوت ۾ گهٽتائي جي ڪري اهو ڪيو آهي جو انهيءَ پروگرام غربت جي مسئلي کي ڪنهن حد تائين حل ڪيو آهي ۽ ضروتمند ماڻهن جي مدد ڪئي آهي. پروگرام جي معاشي ترقي جي مقصدن سان گڏ اهو پروگرام عورتن جي مدد ڪرڻ جو اهم ادارو آهي. ڇاڪاڻ جو عورتن کي بينڪ اڪائونٽن جي ذريعي سڌو سنئون نقد رقم ادا ڪئي وڃي ٿي. اهو عمل معاشري ۾ عورتن کي بااختيار بنائڻ جي سلسلي ۾ اهم قدم آهي. BISP  اهل ماڻهن ڏانهن پنهنجي ناڻي جي منتقلي جي عمل کي پنهنجي پروگرام ۾ شفاف بڻايو آهي ۽ غريب ماڻهن کي نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي جي ذريعي اهليت جي تصديق جي عمل مان گذاري خاندانن جي حتمي فهرست تيار ڪئي وئي آهي. ڇاڪاڻ جو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو وٺندڙ ضرورتمندن تي ڪنهن به اهو اعتراض نه ڪيو آهي ته انهن جا نالا اهل ۽ ضرورتمند ماڻهن مان نه آهن ۽ اهي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اصولن جي تحت حقدار نه آهن. انهيءَ پروگرام جي معرفت ملڪ جي چئني صوبن پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي غريب آبادي جي مدد ڪئي وئي آهي.

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ اهل غريب خاندانن ۾ رقم جي ترسيل ۽ ادائگي بهتر آهي. غربت جي اسڪور ڪارڊ جي ذريعي خاندانن جي شناخت کانپوءِ نادرا ۽ ٻين ادارن معرفت غريب ۽ ضرورتمند ماڻهن جي چونڊ ڪئي وئي آهي. هاڻ ته ائين به آهي جو ٻيا ادارا به جڏهن غربت ۽ سماجي تحفظ تي تحقيق ڪن ٿا ته اهي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مدد پڻ وٺن ٿا. هتي اسين اها ڳالهه ڪندا هلون ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا مخالف به اسان وٽ موجود آهن. ڇاڪاڻ جو اهو پروگرام محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي نانءُ تي آهي. اها مخالفت سٺي سياست ۾ شمار نه ٿيندي. ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين کي اهو گهرجي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ انهي جو دائرو وڌيڪ غريب ماڻهن ڏانهن پکيڙيو وڃي. انهيءَ جي جاءِ تي ٿي ائين رهيو آهي جو 18هين آئيني ترميم جا حوالا ڏئي غريب ماڻهن جي سماجي تحفظ لاءِ هلندڙ پروگرام تي شڪ اٿاريا پيا وڃن. ٿيڻ ائين کپي ته اسانجا صوبا ۽ وفاق انهيءَ پروگرام جي پٺڀرائي ڪن ته جيئن پاڪستان جو غريب ماڻهو هن مهانگائي جي زماني ۾ جڏهن خطي ۾ جنگ هلي رهي آهي. ماڻهن جي قوِت خريد گهٽجي وئي آهي، تيل جون قيمتون آسمان کي ڇُهي رهيون آهن، تڏهن اسين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي متعلق شڪ پيدا ڪري ڪهڙي خدمت ڪري رهيا آهيون. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام اسانجي غريب ماڻهن جي سماجي تحفظ جي سلسلي ۾ اهم پروگرام آهي، انهيءَ کي هر حال ۾ جاري رهڻ گهرجي.