ميرل پنهنجي گهرواريءَ کي وِيَم لاءِ سرڪاري اسپتال نه پيو کڻي وڃي…! ڇو ته ڪجهه ڏينهن پهرين هنن جي ڳوٺ جِي هڪ جُوانِ جَماڻ ڳورهاري عورت ڊاڪٽرن جي لاپرواهي ۽ غفلت جي ڪري وِيَمَ دوران مري وئي.
ميرل نيٺ شهر ۾ هڪڙي ميڊيڪل سينٽر تي پهتو. سينٽر جي اسٽاف سان مليو، انهن کي پنهنجي گهر واريءَ جي خراب حالت، هيڻائي ڏيکاريندي ٻڌائي، پر انهن تي هن جي هيڻائيءَ جو ڪوبه ۽ ڪنهن به قسم جو اثر نه ٿيو. هُنن ميرل کي ميڊيڪل سينٽر کي هلائيندڙ سرگني ڏي موڪليَنس. ميرل ان سان وڃي مليو. ان کي ايلاز ڪيائين ته منهنجي گهر واريءَ کي وِيَمَ جا سورَ آهن، جيڪا ٻاهر لوڊِري تي ڪِنجهي رهي آهي. توهان هتي هن کي وِيَم جي لاءِ داخل ڪيو. ميڊيڪل سينٽر جي ان پبلڪ ڊِيلنگ آفيسر جو ميرل سان ورتاءُ ڪنهن چورن جي پاٿاري هلائيندڙ پاٿاريدار جهڙو اَوَڍنگو هو. هن ميرل کي پهريان چيو؛ “لڳي ٿو توهان جو ڪيس سيريس آهي، تنهنڪري توهان جي گهر واريءَ جي ڊليوري نارمل نه ٿيندي، ان جو آپريشن ٿيندو.”
پبلڪ ڊيلنگ آفيسر هن کي چيو ته “اسان آپريشن واري ڊليوري پئڪيج ۾ ڪندا آهيون يا پئڪيج کانسواءِ!”
ميرل وراڻيو “اهو پئڪيج ۽ پئڪيج کانسواءِ ڇا آهي؟”
پبلڪ ڊيلنگ آفيسر رُخو ڳالهائيندي چيو “پئڪيج ۾ توهان کان ڊليوريءَ جا لٿي پتي چاليهه هزار وٺنداسين ۽ پئڪيج کانسواءِ ڊليوريءَ تي جيترو خرچ آيو اوترو وٺنداسين جيڪو چاليھن هزارن کان مٿي به اچي سگهي ٿو.”
ميرل ٿورو سوچيو… ان کانپوءِ ميرل هن کي چيو پئڪيج ۾ ڪرائيندس، پر ڪجهه رعايت ڪيو..! هن ايلاز ڪندي ميڊيڪل سينٽر جي پبلڪ ڊيلنگ آفيسر کي چيو.
هي ڪو ڪَپڙي يا ڪِرياني جو دڪان آهي ڇا..! جو رعايت ڪريون. ڊليوري ڪرايو ته ڪرايو نه ته اهو رستو اٿوَ… پبلڪ ڊيلنگ آفيسر روڊ ڏانهن اشارو ڪري کُتو جواب ڏنو..
نه نه صاحب ڪرائينداسين ۽ پيڪيج ۾ِ ڪرائينداسين…
ميرل لالان کي ڏکيو سکيو لوڊِري تان لاهي ميڊيڪل سينٽر ۾ اندر وٺي ويو. ڊاڪٽرياڻي پنهنجي ٽيم سميت اچي وئي. لالان سورَن ۾ چور هئي، جنهن کي بغير ڪنهن معائني ۽ پڇا ڳڇا جي ڪري ستت ئي آپريشن ٿيئٽر ۾ داخل ڪيو ويو.
ميرل ٻارڙن کي دائيءَ حوالي ڪري، پاڻ ٻڪرين جا ٻه ڪَنَ کپائڻ لاءِ شهر جي مال پڙيءَ ڏانهن هليو ويو. پڙيءَ ۾ دلالن سان هڻندي ماريندي نيٺ ٻَئي ڪَنَ چاليهن هزارن ۾ کپائي لالان ڏانهن موٽيو. هو لالان سان بيحد پيار ڪندو هو ۽ ان تي ساهه صدقو ويندو هو.
هوڏانهن لالان جي ڊليوري خير سان ٿي وئي، جنهن کي ٻه جاڙا پٽَ ڄاوا. جيڪي لالان کي ڏيکاريا ويا، جن کي لالان ڏسي خوشيءَ ۾ هڪ وڏو گهرو ٿڌو ساھه کنيو..! دائيءَ کي صرف هڪڙي ٻار جا ڪپڙا هئا، جيڪي هن انهن کي ڏِنا، ٻئي ٻار جا ڪپڙا نه هئڻ جي ڪري هن ميرل جي ٻئي وڏڙي پٽ جي قميص لاهي هنن کي ڏنائين. جنهن تي ميرل جو ٻاهر ويٺل پُٽُ پٺيءَ اگهاڙو ٿي ويو.
گهڙي سوا رکي ميرل به اچي پهتو، جيڪو ٻن نون ڄاول پٽن کي ڏسي خوشيءَ ۾ ٻهڪي رهيو هو. هو سڌو لالان ڏي ويو جيڪا به خوشيءَ ۾ مسڪرائي رهي هئي.“لالان ڏِس اسان کي الله سائين ٻه جاڙا پُٽَ ڏِنا آهن. تون وري ڪپڙا ئي هڪ ٻار جا ٺاهيا هئا، ٻئي ٻار کي مَنوءَ جي قميص پارائي اٿن.” هاڻي تون ٺيڪ آهين نه؟ ها مان ٺيڪ آهيان ، لالان به مسڪرائي جواب ڏنو. لالان پاڻ بس اِجھو گهر هلون ٿا، رڳو مان هنن کي پئڪيج جا پئسا ڏئي اچان.
ميرل پبلڪ ڊيلنگ آفيسر ڏي ويو. سائين هي توهان جي پئڪيج جا چاليهه هزار وَٺو ۽ اسان کي اسپتال مان موڪل ڏيو..؟
چاليهه هزار ڇا جا..! توهان کي ٻه ٻار ڄاوا آهن، هاڻي توهان کي اَسِي هزار ڏيڻا پوندا. پبلڪ ڊيلنگ آفيسر منهن خراب ڪري ڳالهايو.
صاحب توهان سان پهريائين زِبانَ ٿيل آهي ته پئڪيج ۾ وِيَم جا چاليهه هزار ڏينداسين. هاڻي توهان پنهنجي ڳالهه تان ڦِرو ٿا. ميرل ڳالهايو.
زِبانَ ٿيل هئي ڊليوريءَ ۾ هڪ ٻارَ جي ٻن ٻارن جي نه هئي. تو اسان کي ٻڌايو به ڪونه ته تنهنجي گهر واريءَ کي جاڙا ٻار آهن. سو هاڻي گهڻي گِڙِ گڙِ نه ڪر.. پبلڪ ڊيلنگ آفيسر ميرل تي ڇوهه ڇنڊيا.
اسان صرف وِيَم جو طَئي ڪيو هو، اسان کي خبر ڪونه هئي ته ڪو لالان کي پيٽ ۾ جاڙا ٻارَ آهن، ڇو جو اسان ان جي ڪڏھن به دوا دارون ڪونه ورتي هئي ۽ نه ئي ڪڏهن ڪو فوٽو به ڪڍرايو هو. اسان آهيون به صفا غريب ماڻهو… پئسا به بس اهي ئي اٿوَ وٺو ۽ اسان کي هتان وڃڻ جي اجازت ڏيو. ميرل عرض ڪندي ڳالهايو.
اِهي غربت جا ڊائلاگ نه هڻُ، جي غريبَ هئا ته سرڪاري اسپتال وڃو ها، ٻارن کي ڊليوري لاءِ هيڏي پرائيويٽ سينٽر تي ڇو کڻي آيا. پبلڪ ڊيلنگ آفيسر رعب مان ڳالهايو.
صاحب ايئن نه ڪيو اسان واقعي به غريب آهيون هي پئسا به مان هينئر هينئر ٻڪرين جا ٻه ڪَنَ وِڪڻي آندا آهن. اسان تي رحم ڪيو يا مون کي ڊراڪٽرياڻيءَ سان مِلايو ان کي مان عرض ڪيان. ميرل هٿ ٻڌي عرض ڪيو.
ڊاڪٽرياڻي مٿي هلي وئي… هاڻي اها ڪنهن سان به نه ملندي. گهڻو ڊرامو نه ڪر… نه ته پوليس کي ٿا گهرايون. پبلڪ ڊيلنگ آفيسر ميرل کي دڙڪا ڏيندي چيو.
ميرل هُنَ کي ڏاڍا هيلا وسيلا ڪيا، پر هن هڪ به نه ٻڌي. ميرل جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون. پئڪيج ۾ ويم جا هڪ ٻار جا چاليهه هزار ڳالهايل آهن، ته پوءِ هي وٺو چاليهه هزار.. اسان کي هڪ ٻارُ ڏيو ۽ ٻيو ٻار توهان پاڻ وٽ رکو. اسان وٽ ٻيا پئسا ڪونه آهن جو ٻيو ٻار کڻون. ميرل ڪاوڙ ۾ هن کي چيو.
ها ها ڀلي توهان ايئن ڪيو اسان تي ڪو به اثر ڪونه پوندو. جيڪڏهن توهان پئسا نه ڏيندا ته بلڪل اسان توهان جو ٻار پاڻ وٽ جهلينداسين… اسٽاف جي هَٽن ڪَٽن ميمبرن کي گهرائي پبلڪ ڊيلنگ آفيسر هنن کان هڪ ٻار کَسيو…!
هن گرما گرميءَ جي ڪري ميڊيڪل سينٽر جو سڄو ماحول سوڳوار ٿي ويو. ميرل کي غربت اهڙو ته هيڻو ڪري ڇڏيو هو، جو هن مان مزاحمت ختم ٿي وئي هئي. هو لالان ڏي ويو ۽ ان کي سڄي وارتا بيان ڪري ٻڌايائين. جنهن تي لالان اُڌما ڏئي روئي رهي هئي. هن هڪ وار پنهنجي جگر جي ٽڪڙي ڏي ڏٺو، جنهن کي ڏسڻ سان هوءَ اندران ئي اندران ڳري رهي هئي، هن جي اکين مان ڳوڙھا مينهن وانگر پئي وسيا. لالان دانهن ڪئي او! ڇالَ مولا ڪنهن کي ههڙا ڏکيا ڏينهن نه ڏيکاري…! ميرل ۽ لالان بيوسيءَ جي حالت ۾ پنهنجي جگر جي ٽڪڙي کي اتي ڇڏي وڃي لوڊِري تي چڙهيا. پويان هن جي ٻار جون دانهون عرش تائين پئي ويون… پر ميڊيڪل سينٽر جي ڪنهن به اسٽاف ميمبر کي ڪوبه قياس هنن تي نه آيو.