بلاگنئون

پجارو ڪلچر ۽ سنڌ جا کنڊر بڻيل شهر

سنڌ جي موجوده سماجي ۽ سياسي منظرنامي ۾ جيڪڏهن ڪو سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ۽ رڙيون ڪندڙ سوال آهي ته اهو اسان جي شهرن جي بدحالي ۽ چونڊيل نمائندن جي بي حسي آهي. اڄ جڏهن اسان سنڌ جي ڪنهن به ننڍي يا وڏي شهر مان گذرون ٿا ته ذهن ۾ هڪ ئي سوال اڀري ٿو ته آخر انهن تاريخي وسندين جو ڪو والي وارث ڇو ناهي؟ گهٽيون گندي پاڻي سان ٽمٽار آهن، رستا کنڊرن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، اسڪولن جي ديوارن مان چاپڙ ڪري رهيا آهن ۽ سرڪاري اسپتالون خود بيماريءَ جو نوحو پيش ڪري رهيون آهن، پر حيرت انگيز ۽ افسوسناڪ پهلو اهو آهي ته انهن ئي بدحال رستن تان جڏهن اسان جي چونڊيل نمائندن جون ڪروڙين رپين جون قيمتي گاڏيون، جن کي عوامي اصطلاح ۾ “پجارو” سڏيو وڃي ٿو، اڏامنديون گذرن ٿيون ته ائين لڳندو آهي ڄڻ اهي گاڏيون عوام جي پگهر ۽ رت جي ڪمائيءَ کي لتاڙينديون پيون وڃن.

هڪ وڏو اخلاقي ۽ سياسي تضاد اهو آهي ته اهي نمائندا، جيڪي اليڪشن کان اڳ هڪ عام موٽرسائيڪل تي مٽي ڇنڊيندي گهٽي گهٽي گهمي ووٽ گهرندا هئا، اهي اقتدار جي ايوانن ۾ پهچڻ کانپوءِ اوچتو اهڙي ته مالي ۽ معاشي بلنديءَ تي پهچي وڃن ٿا جو کين پنهنجي ئي تڪ جي مٽي ۽ اتي رهندڙ ماڻهو خراب ٿا لڳن. اها ڪهڙي طلسمي ڪيمياگري آهي جو هڪ شخص جيڪو ڪجهه سال اڳ تائين پنهنجي موٽرسائيڪل ۾ تيل وجهرائڻ لاءِ به سئو ڀيرا سوچيندو هو، اهو اڄ اربين رپين جي اثاثن ۽ وي آءِ پي پروٽوڪول جو مالڪ ڪيئن بڻجي ويو؟ حقيقت اها آهي ته جڏهن ترقياتي فنڊن جي بي رحماڻي بندر بانٽ ٿيندي آهي، جڏهن اسڪولن جي عمارتن جي مرمت جو بجيٽ ڪاغذن تي هضم ڪيو ويندو آهي ۽ اسپتالن جي دوائن جا پئسا ذاتي ٽجوڙين جي زينت بڻبا آهن ته پوءِ هڪ طرف نمائندن جا بنگلا چمڪڻ لڳندا آهن ۽ ٻئي پاسي عوام جي زندگي اونداهين گهٽين ۾ گم ٿي ويندي آهي.

اسان جي شهرن کي اڄ ان ڪري منظم طريقي سان نظرانداز ڪيو پيو وڃي، جو اسان جي چونڊيل نمائندن کي پنهنجي ووٽرن جي طاقت کان وڌيڪ پنهنجي “سياسي وفادارين” جي آشيرواد تي ڀروسو آهي. کين خبر آهي ته برادريزم، وڏيرڪي نظام، مذهبي جنونيت ۽ مخصوص سياسي اوزارن کي استعمال ڪري هو هر پنجن سالن کانپوءِ ٻيهر اقتدار ۾ اچي ويندا، تنهنڪري کين عوام وٽ جوابده ٿيڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. تعليمي ادارن کي وٿاڻ بڻائڻ ۽ اسپتالن کي لاوارث ڇڏڻ جو اصل مقصد عوام کي شعوري طور تي مفلوج رکڻ آهي ته جيئن ڪو به باشعور فرد انهن کان سندن عياشين جو حساب نه گهري سگهي. جڏهن رستا خراب هوندا، جڏهن پيئڻ جو صاف پاڻي نه هوندو ۽ جڏهن مريض علاج لاءِ تڙپندا ته عوام پنهنجي بنيادي حقن جي جنگ وڙهڻ بدران صرف بقا جي جنگ ۾ مصروف رهجي ويندو.

سوال اهو آهي ته انهن شهرن جو والي وارث ڪير ٿيندو؟ ڇا سنڌ جي اها بدحالي اسان جو مقدر بڻجي چڪي آهي؟ ڇا اسان رڳو ان منظر جا تماشائي بڻيل رهنداسين ته اسان جي پئسن تي خريد ڪيل پجارو اسان جي شهرن جي بدحاليءَ جو مذاق اڏائينديون رهن؟ جواب بلڪل سادو، پر گهرو آهي ڪنهن به معاشري ۾ والي وارث ڪو غيبي مددگار ناهي هوندو، پر اتي جو شعور رکندڙ عوام ئي پنهنجي شهر جو اصل وارث هوندو آهي. جيستائين اسان سوال ڪرڻ جي جرئت نٿا ڪريون، جيستائين اسان نمائندي جي ڪارڪردگي کي ترقياتي ڪمن جي ترازو ۾ نٿا توريون، تيستائين هي “پجارو ڪلچر” غريب جي رت تي پلجي جوان ٿيندو رهندو.

اڄ سنڌ جو هر شهر، چاهي اهو لاڙڪاڻو هجي يا ميرپورخاص، دادو هجي يا سکر، بدانتظامي ۽ ڪرپشن جو زنده ثبوت بڻيل آهي. بلدياتي ادارا، جن جو ڪم شهرن جي سارسنڀال هو، اهي رڳو سياسي ڪارڪنن کي نوازڻ جا اڏا بڻجي ويا آهن. سرڪاري آفيسر ۽ چونڊيل نمائندا هڪ اهڙو اتحاد جوڙي ويٺا آهن، جنهن ۾ عوامي مفادن جي ڪابه گنجائش ناهي. هي هڪ اهڙو الميو آهي جنهن تي جيتري ماتم ڪجي گهٽ آهي. اسان جي شهرن جي لاوارثي جو هڪ وڏو ڪارڻ اهو به آهي ته اسان جي وچولي طبقي ۽ دانشورن خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مٿيون طبقو بي لغام ٿي ويو آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جو عوام پنهنجي حقن لاءِ سجاڳ ٿئي. اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته اهي رستا، اسڪول ۽ اسپتالون اسان تي ڪو احسان ناهن، پر اسان جي ٽيڪس جي پئسن سان جوڙڻ انهن نمائندن جو آئيني ۽ اخلاقي فرض آهي. جيڪڏهن چونڊيل نمائندا پنهنجن علائقن کي نظرانداز ڪري رهيا آهن ته عوام کي به پورو حق آهي ته هو انهن جي سياسي بقا کي نظرانداز ڪن. شهرن جي وارثي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسان ووٽ جي پرچي سان گڏ احتساب جو جذبو به هٿ ۾ کڻنداسين. جيڪڏهن اسان اڄ آواز نه اٿاريو ته سڀاڻي اسان جا ايندڙ نسل اسان جي خاموشي تي اسان جو گريبان پڪڙيندا. شهرن جي لاوارثي جو خاتمو تڏهن ئي ٿيندو، جڏهن عوامي سجاڳي جو سج اڀرندو ۽ پجارو گاڏين ۾ ويٺل صاحبن کي اها پڪ ٿي ويندي ته سندن اقتدار جو رستو گندي پاڻي ۽ کڏن جي وچ مان نڪرندڙ عوامي ڪاوڙ جي سمنڊ مان گذري ٿو.