شهر جي هڪ مشهور چوڪ تي ٻائي جيءَ جو ڪوٺو آهي، جيڪا ڪجهه ڪمرن تي ٻڌل هڪ حويلي نما ماڙي آهي، جتي رات ٿيندي ئي مردن جي تات لڳي ويندي آهي. شهر جا مير، پير، ڀوتار، سردار ۽ وڏيرا سڀ هتي اچي مٿو ٽيڪيندا آهن. ٻائي هن ڪوٺي جي اها طوائف آهي، جنهن پنهنجي جواني پاڻ کپائي آهي. سٺ سالن جي ڄمار ۾ به سگهاري بت واري، هاڻ به ڪوٺي جي اڱڻ ۾ ويهي حقو پيئندي آهي، گراهڪن سان ڊيل ڪندي آهي ۽ نون نڪور ڇوڪرن کي نصيحتون به ڪندي آهي. ٻائي جي شهر جي سمورن معززن جي رڳ رڳ کان واقف آهي؛ هوءَ ڄاڻي ٿي ته ڪيئن انهن ميرن ۽ پيرن جون پڳون هن جي چوکٽ تي پير رکندي ئي لاهي رکيون وينديون آهن.
ٻئي طرف، وڏيري شاهه زور جي فيصلي موجب پنهل پنهنجي سترهن سالن جي نياڻي کي “ڪاري” جي تهمت هيٺ قتل ڪري ڇڏيو آهي. هي ڳوٺ جي جرڳي جو فيصلو آهي، جنهن کي سڀئي ماڻهو من و عن تسليم ڪن ٿا. ڪوبه چُون چان نٿو ڪري، ڇو ته هي غيرت جو معاملو آهي. وڏيرو شاهه زور پنهنجي حياتيءَ ۾ اهڙا قهر جا فيصلا ڪري چڪو آهي ۽ معصوم نياڻيون هن بري رسم جي ور چڙهي چڪيون آهن.
شهر جي قديم قبرستان ۾ چاندي جهڙن اڇن وارن واري، ڊگهي قد ۽ وڏي ڄمار جي هڪ عورت رهندي آهي. ڪيترن ئي سالن کان هن جو ٿاڪ انهيءَ قبرستان ۾ آهي. هوءَ هڪ خاموش طبع عورت آهي، جيڪا ڪنهن سان ڪڇندي به ناهي ۽ نه ئي ڪنهن کان ڪجهه گهرندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هوءَ ڪيترن ئي ڏينهن تائين پنهنجي ٺڪاڻي تان غائب هوندي آهي، ماڻهو کيس سودائي سمجهندا آهن. هوءَ پنهنجو نالو مائي بختاور ٻڌائيندي آهي.
پڇاڙڪن ڪجهه مهينن کان شهر ۾ هڪ حراس ڇانيل آهي. هر آئي ڏينهن شهر جي ڪنهن چوراهي، ڪنهن چوڪ يا ڪنهن ڪنڊ مان مردن جا لاش ملي رهيا آهن. اهو سڀ ڪجهه ايترو پراسرار نموني ٿي رهيو آهي جو قاتل جو ڪو به پتو نٿو پوي. پوليس جاچ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. ڪلهه چوراهي تان جيڪو لاش مليو هو، اهو مولوي هيبت جو هو، جيڪو شهر جي نالي واري شخصيت هو.
پوليس موجب هيستائين اهي ئي ماڻهو قتل ٿي چڪا هئا، جيڪي سڌي طرح غيرت جي نالي تي پنهنجي ڌيئرن، ڀينرن يا ننهن جو رت وهائي چڪا هئا. مولوي هيبت جي ڪهاڻي به ڪجهه اهڙي ئي هئي؛ گذريل مهيني وڏيري شاهه زور جي جرڳي جي فيصلي تي هن پنهنجي ننهن کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪيو هو. هاڻي علائقي جي ماڻهن تي اها حقيقت چٽي ٿي چڪي هئي ته موت رڳو انهن جو پيڇو ڪري رهيو هو، جيڪي ڪاريءَ جي هن خوني رسم ۾ ملوث هئا. هاڻي هر مرد کي پنهنجي جان جي لڳل هئي.
ڪمدار ڇٽي خان کي وڏيري شاهه زور جي جرڳي جا اهي سڀ فيصلا ياد اچڻ لڳا ۽ اها رات به هن جي ذهن ۾ تازي ٿي وئي، جنهن رات هن پنهنجي ڀيڻ کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو هو. ٻئي ڏينهن ڇٽي خان جو لاش ٻائي جيءَ جي حويليءَ جي ويجهو مليو. هاڻي شهر وارن جو شڪ ٻائي جيءَ تي پڪو ٿي ويو ۽ پوليس کيس گرفتار ڪري کڻي وئي.
جاچ دوران ٻائي جيءَ ٻڌايو: ڇٽو خان ڪلهه رات نشي ۾ ڌُت منهنجي ڪوٺي تي آيو هو، هو دير تائين اتي ئي رهيو. هن جي وڃڻ کانپوءِ ڇا ٿيو، مون کي ڪابه خبر ناهي، منهنجي هن سان ڪهڙي دشمني ٿي سگهي ٿي؟ هو ته منهنجو پراڻو گراهڪ هو. ٻائي جيءَ حقي جو ڍڪ ڀريندي آفيسر جي اکين ۾ نهاري چيو:
“صاحب! هن شهر جي اڌ غيرت ته منهنجي ڪوٺي جي ڏاڪڻين تي ئي دم ٽوڙي ڇڏيندي آهي، مان ڀلا هنن جو خون ڇو وهائينديس؟”
پوليس ٻائي جيءَ کي هڪ رات ٿاڻي ۾ رکيو، پر ساڳي رات شهر ۾ هڪ ٻيو پنھل خان قتل ٿي ويو. اها ڳالهه ان جو چٽو ثبوت هئي ته انهن واقعن ۾ ٻائي جيءَ جو ڪو به هٿ ناهي، ثبوت نه هجڻ ڪري ان کي آزاد ڪيو ويو.
شهر جي مردن جي هڪ ٽيائي آبادي پراسرار نموني ختم ٿي چڪي هئي. بچيل مرد هاڻي گهرن ۾ قيد ٿي رهجي ويا هئا. انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊنل وڏيرو شاهه زور هو، جنهن هاڻي ڪوٺي تي وڃڻ به ڇڏي ڏنو هو. رات جي سانت ۾ شاهه زور کي انهن سڀني نياڻين جا چهرا ڏسڻ ۾ ايندا هئا، جيڪي کيس چيڙائينديون هيون، جن کي هن موت حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
مرڻ وارن جو انگ ايترو وڌي ويو هو جو هاڻي شهر ۾ ڪلهو ڏيڻ وارا ۽ جنازو پڙهائيندڙ مرد به گهٽجي ويا هئا. هڪ رات، وڏيرو شاهه زور پنهنجي عاليشان حويليءَ جي بند ڪمري ۾ مئل مليو. ڪنهن ڏاٽي سان هن جو سينو چيري ڇڏيو هو. هي هن شهر جو آخري قتل هو.
ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن شاهه زور خان جو لاش حويليءَ جي اڱڻ ۾ پيل هو، قديم قبرستان ۾ مائي بختاور پنهنجي جهوپڙيءَ جي اڳيان ويهي وڏي اطمينان سان پنهنجو پراڻو ڏاٽو پوتيءَ جي پلاند سان صاف ڪري رهي هئي. انهيءَ مهل ٻائي جيءَ جو ٽانگو قبرستان جي ڪچي رستي تي اچي بيٺو. ٻائي جي ٽانگي مان لهي پريان ئي مائي بختاور کي ڏٺو. بختاور جي اکين ۾ چانديءَ جهڙي چمڪ هئي ۽ ٻائي جيءَ جي چهري تي هڪ اداس مرڪ هئي.