بلاگنئون

امن جو پکي لڳي ٿو ته اڏامي ويو آهي

سنڌ، جيڪا ڪڏهن محبت، امن، رواداري ۽ انسانيت جي علامت هئي، اڄ رت، باهه، بربريت ۽ بيحسي جي ور چڙهيل نظر اچي ٿي. هيءَ ساڳي سنڌ آهي، جتي درويشن ڌرتيءَ تي امن جا ڏيئا روشن ڪيا هئا، جتي صوفين نفرت جي انداهين ۾ محبت جو اجالو پکيڙيو هو، جتي ماڻهو دل سان هڪ ٻئي جا ڏک ونڊيندا هئا، پر اڄ اها ڌرتي زخمي آهي، سُڏڪي رهي آهي، روئي رهي آهي.

اهو محسوس ٿئي ٿو ڄڻ سنڌ مان امن جو پکي هميشه لاءِ اڏامي ويو آهي، ۽ ان جي جاءِ تي نفرت، خوف ۽ خونريزي پنهنجا آکيرا اڏي ڇڏيا آهن.

ڪڏهن سنڌ جي ڳوٺن ۾ شام جو جڏهن ماڻهو ڪم ڪار کان واپس ايندا هئا ته اوطاقن ۾ ويهي حال احوال پڇندا هئا، ٻارن جي کل، عورتن جي ڳالهين ۽ پوڙهن جي دعائن سان فضا ڀرجي ويندي هئي. اڄ اهي اوطاقون ويران آهن، اهي ڳوٺ خاموش آهن، ۽ انهن گهٽين ۾ ھر طرف خوف ئي خوف نظر اچي ٿو.

ماڻهو هاڻي دروازو کڙڪڻ تي ڊڄي ٿو. ڪنهن اجنبي جي اچڻ سان شڪ پيدا ٿئي ٿو. رات جو سڪون سان سمهڻ به نعمت بڻجي ويو آهي.

هر ڏينهن اخبار کڻو ، موبائيل کوليو يا ٽي وي هلايو. بس رت سان لکيل خبرون سامهون اچن ٿيون. ڪٿي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، ڪٿي معصوم ٻار اغوا ٿي قتل ٿيو آهي، ڪٿي عورت سان زيادتي ٿي آهي، ڪٿي قبيلائي تڪرار ۾ ڪيترائي لاش ڪري پيا آهن ، ڪٿي ٽڪرن ۾ لاش مليو آھي جنھن جي سڃاڻپ فلاڻو ٿي آھي. ڪٿي پوليس ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ مقابلو، پوليس اھلڪار شھيد ته ڪٿي ڪنهن معصوم ڪپڙا کپائيندڙ نياڻي کي اغوا ڪري ريپ ڪري ماري سندس لاش ڊنگھرن ۾ اڇلايو ويو آھي. ته ڪٿي وري پوليس ناجائز معصوم ناريون گرفتار ڪري انهن سان ٿاڻي تي اجتماعي ڏاڍائي ڪئي آھي ته ڪٿي زال پنھنجي يار سان ملي پنھنجي مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو آھي . اهي خبرون هاڻي اسان جو جيءُ  جهوري ڇڏين ٿيون، پر الائي ڇو وري به خاموش . خبرون پڙهي اڳتي وڌي وڃون ٿا، ڄڻ اسان جي دلين ۾ احساس مري ويو آهي.

هي سڀ ڪجهه اوچتو نه ٿيو آهي. هيءَ تباهي سالن جي لاپرواهي، ناانصافي، ڪرپشن ۽ بيحسي جو نتيجو آهي. جڏهن معاشري ۾ انصاف ختم ٿي وڃي، جڏهن قانون صرف ڪمزور لاءِ هجي، جڏهن طاقتور هر ڏوهه کان بچي وڃي، تڏهن امن مرڻ لڳندو آهي.

سنڌ ۾ اڄ انصاف جو تصور فقط ڪاغذن تائين محدود آهي. عدالتن جا دروازا غريب لاءِ بند آهن، امير لاءِ کليل. سفارش، رشوت ۽ تعلقات انصاف کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي. مظلوم ماڻهو سالن تائين ڪيسن ۾ پيش ٿين ٿا، پنهنجا پئسا، وقت ۽ عزت وڃائين ٿا، پر آخر ۾ مايوس ٿي گهر موٽي وڃن ٿا. اتي ئي امير پنھنجا تعلق استعمال ڪري يا ھن ڪرپٽ سماج ۾ پنھنجو پئسو استعمال ڪري ھر ڪيل ڏوھه کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو. اھا صدين جي مايوسي ئي اسان کي ڏوهه ڏانهن ڌڪي ٿي. جڏهن ڪنهن کي انصاف نٿو ملي، ته هو قانون هٿ ۾ وٺي ٿو. پوءِ بدلي ۾ دشمني، قتل ۽ خونريزي جو سلسلو شروع ٿئي ٿو، جيڪو نسلن تائين هلي ٿو. اسان جي سماج ۾ مرد کان وڌيڪ عورت ڀوڳي ٿي اھا ئي عورت اڄ سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ آهي. هوءَ ماءُ آهي، ڌيءَ آهي، ڀيڻ آهي، زال آهي، پر سماج لاءِ اڃا تائين انسان نه بڻجي سگهي آهي. غيرت جي نالي تي قتل، زبردستي شاديون، گهريلو تشدد، جنسي زيادتي، تعليم کان محرومي، اهي سڀ عورت جي قسمت بڻجي ويا آهن. ھر ڀيري جڏهن ڪنهن نياڻي سان ظلم ٿئي ٿو ته ڪجهه ڏينهن شور ٿئي ٿو، بيان اچن ٿا، ڪميٽيون ٺهن ٿيون ۽ پوءِ سڀ ڪجهه وسري وڃي ٿو. مجرم آزاد گهمي ٿو، متاثر سڄي عمر جي سزا ڪاٽي ٿو. ٻئي طرف وري نوجوان، جيڪي قوم جو سرمايو هوندا آهن، اڄ مايوسي، بيروزگاري ۽ نشي جي ور چڙهيل آهن. تعليم هوندي به نوڪرين کان محروم، قابليت هوندي به موقعي کان محروم، محنت هوندي به روزگار ناهي. پوءِ ڪي ملڪ ڇڏڻ جو سوچين ٿا، ڪي ڏوهن ۾ شامل ٿين ٿا، ڪي خودڪشي ڪن ٿا ھي نوجوان جيڪي قوم جو سرمايو سمجھيا ويندا آھن سي ماءُ جي پيٽ مان ڏوهاري طور پيدا ناهن ٿيندا انهن کي حالتون ڏوهاري بڻائين ٿيون.

ان سڄي ڪار وهنوار ۾ اسان جا حڪمران چونڊن کان اڳ وڏا وڏا واعدا ڪن ٿا. چون ٿا ته امن آڻينداسين، انصاف ڏينداسين، روزگار پيدا ڪنداسين. پر اقتدار ۾ اچڻ بعد سڀ وساري ويهن ٿا. کين رڳو ڪرسي، پروٽوڪول ۽ طاقت نظر اچي ٿي. افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته اسان جي سنڌ جي وسيلن کي لٽيو ويو آهي. پاڻي، زمين، نوڪريون، تعليم، سڀ ڪجهه مخصوص ماڻهن تائين محدود آهن. عام ماڻهو صرف ووٽ ڏيڻ لاءِ ياد ڪيو وڃي ٿو. وڏي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ميڊيا جيڪا سماج جي اک ۽ ڪن هئڻ گهرجي، اها به اڪثر پنهنجو ڪردار وساري ويھي ٿي. سنسني خيز خبرون، ريٽنگ ۽ مفادن خاطر اصل مسئلا پوئتي رهجي وڃن ٿا. وري سوشل ميڊيا جتي ھر ماڻھون صحافي ھر دوست تجزيانگار عالم فاضل ليکڪ شاعر اديب بڻيو ويٺو آ جيڪي رڳو نفرت جو بازار گرم ڪيو ويٺا آھن، جتي ڪوڙ، الزام ۽ زهر پکيڙين ٿا.

اسين پاڻ به ڏوهاري آهيون. ڇو ته اسان ظلم ڏسي خاموش رهون ٿا. اسان چوندا آهيون: “اسان کي ڇا؟” “اسان ڇا ڪري سگهنداسين؟” “سرڪار جو ڪم آهي.” ھن سوچ ئي اسان کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ڪڏھن ته ڌرتي جي خوبصورت شاعرن، ڌرتي جي حقيقي روح روان؛ شاهه لطيف ڀٽائي رح، سچل سرمست، سامي، بيدل، شيخ اياز. انهن سنڌ کي محبت، همدردي ۽ انسانيت جو سبق ڏنو. پر اسان انهن جي تعليم کي وساري ڇڏيو آهي. اسان صرف ميلن ۽ تقريبن ۾ انهن کي ياد ڪريون ٿا، عمل ۾ نه.

ڇا ته ڪنھن خوب چيو آ، عملي اصول آھي حقيقت ۾ انقلاب جي آڻيو ته پھرين طبيعت ۾ انقلاب، باقي ڳالھيون ۽ حوال آھن، اسان وٽ جيڪي ڪڏھن به نه کٽندڙ آهن. اسين ھاڻ زوال پزير ٿيندا پيا وڃون ھھڙو ماحول ڏسي سنڌ جو روح زخمي ٿي ويو آھي. هر قبرستان، هر اسپتال، هر عدالت، هر ٿاڻو ان جي گواهي ڏئي ٿو، پر ان سڀ جي باوجود، مان اڃا نا اميد ناهيان ڇو ته مون اڃا به اهڙا استاد ڏٺا آهن، جيڪي ٿوري پگهار تي به ايمانداري سان پڙهائين ٿا. مون اڃا به اهڙا ڊاڪٽر ڏٺا آهن، جيڪي بغير پئسن جي مريضن جو علاج ڪن ٿا. مون اڃا به اهڙا صحافي ڏٺا آهن، جيڪي ڌمڪين باوجود سچ لکن ٿا. مون اڃا به اهڙا نوجوان ڏٺا آهن، جيڪي سماج بدلائڻ جا خواب ڏسن ٿا. تنھنڪري اڃان آس اٿم ته…

ڪڏهن    ته       روشن     هي روح ٿيندو

نه    رات    رهندي         صبوح       ٿيندو

ڪڏهن ته ٿينديون  ڪي  فيض  سوچون

مري   جي   وينديون     غليظ     سوچون

نه   حرص   پوءِ   هوندو  نه   نيت ڪاري

نه    ڪي   پوءِ  لٽبي هيءَ سنڌ سونهاري

نه       چاھُه      مرندو    نه   پيار  مرندو

غريب     جو    نه       ويساھُه      مرندو

نه    عزت      عصمت       نيلام    ٿيندي

هيءَ    آس   پوري   ڪڏهن   ته   ٿيندي

نه     سوڳ    هوندو   نه   روڳ    هوندو

نه    خوف    هوندو   نه    ڀوڳ    هوندو

خوشين     ۾     هوندا    سنڌي  پوءِ سارا

نصيب      پنھنجا      مَٽي    هي     پيارا

غمن    کي      ميٽي        ڇڏي      مٽائي

کلي    خوشيءَ    مان         نهار      پائي

نچي     پوءِ         نچندا     جمالو    ڳائي

صبوح         ايندو          بهار        ساهي

غبارَ      غم     جا      لهي      ڀي    ويندا

ڪيئي          سهارا          بهارَ         ٿيندا

رڳو     خوشين    سان    پوءِ  کيل هوندا

سويرا      هوندا ،    انڌيرا         ويندا

نهار      گلشنَ          گلن      تي    پوندي

هوا    به    خوشبو    کڻي   پو  گهمندي

هي    خون     لاشا    هي    درد     آھون

هي    سوچ    قاتل    هي   روڳ   دانهون

ڪڏهن ته وينديون ، ڪڏهن ته وينديون

ڪڏهن    ته     ”ساقي“     اجالو    ٿيندو

نه    پياس     هوندي  ، نه   تاس هوندي

نه     اک    ڪا    آلي     اماس     هوندي

خزان      نه    ايندي   نه   چيٽ   سڙندا

نه     خواب    ڪنهن   جا ٽياس چڙهندا

ڪڏهن    ته    روشن     هي  روح ٿيندو

نه     رات    رهندي       صبوح     ٿيندو

بس ھاڻ اسان کي فيصلي ڪرڻو پوندو ته ڇا اسين خاموش رهون ۽ تباهه ٿيندا رهون، يا اٿي پنهنجو حق گھري وٺون وڙھي وٺون  تعليم کي هٿيار بڻايون، شعور کي طاقت بڻايون، اتحاد کي ڍال بڻايون پنھنجي ٻارن کي نفرت نه، محبت سيکاريون قبيلائيت نه، قانون سيکاريو ھر انسان سان انصاف ڪرڻ سيکاريون ھڪ ٻئي سان پيار امن سان گڏجي جيئڻ سيکاريون ھر انسان جي ھر قبيلي جي عزت عورت مرد ٻار ٻڍي جي لئي احترام سيکاريون تڏھن ئي ڪو امن ايندو، پر اھا قرباني ڏيڻي پوندي اھو نعرو هڻڻو پوندو، ان تي عمل ڪرڻو پوندو .

اڄ جيڪڏهن هر سنڌي دل ۾ اهو عهد ڪري ته: “مان ظلم جو ساٿ نه ڏيندس، مان ناانصافي تي خاموش نه رهندس، مان سچ جو ساٿ ڏيندس، مان پنهنجي ڌرتي سان غداري نه ڪندس”

ته پوءِ يقين ڪريو، امن جو پکي ٻيهر موٽي ايندو.

سنڌ پيار امن جي ڌرتي وري ٻيهر مسڪرائيندي، ڳوٺ ٻيهر آباد ٿيندا، ٻار ٻيهر کلندا، عورتون محفوظ ٿينديون، نوجوان اميد سان جيئندا ۽ پوءِ ڪو به نه چوندو، سنڌ مان امن جو پکي اڏامي ويو آ بلڪه چوندو: سنڌ پيار ۽ امن جي ڌرتي آ.