انساني تاريخ جي هر دور ۾ انسان ڪنهن نه ڪنهن سطح تي اڪيلائي ۽ بي چينيءَ جو شڪار ٿئي ٿو، پر جديد دور جنهن نفسياتي ۽ فڪري بحران کي جنم ڏنو آهي، ان جو سڀ کان گهرو ۽ اثرائتو نالو “ويڳاڻپ” آهي، جيڪا هاڻي ڪنهن اندروني مرض وانگر فرد کي اندر ئي اندر کائي کوکلو ڪندي پئي وڃي. ويڳاڻپ ڪا معمولي اداسي، عارضي اڪيلائپ يا رڳو روڄ راڙي جو نالو ناهي، پر هي هڪ انتهائي اونهو وجودي، سماجي ۽ نفسياتي بحران آهي. جڏهن اسان ان جي سڀ کان گهري تهه تائين پهچون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته ويڳاڻپ جو اصل روح “پنهنجي اصل ذات کان اوپرو ٿيڻ” (Self-Alienation) آهي. انسان جڏهن پنهنجي داخلي مرڪز، پنهنجي فطري جوهر ۽ پنهنجي سچي آواز کان ڪٽجي ويندو آهي ته هو پنهنجي ئي جسم ۽ روح ۾ هڪ مهاجر بڻجي ويندو آهي. جديديت نالي ۾ سماج جو مادي بدلاءُ، رشتن جو مشيني ٿيڻ ۽ مادي شين کي گڏ ڪرڻ جو هوس انسان کي سندس اصل ذات کان ڌار ڪري ويڳاڻپ جي اونهي کڏ ۾ اڇلي ڇڏيو آهي. ويڳاڻپ ڪا آسماني آفت ناهي جيڪا اوچتو انسان تي نازل ٿي هجي، پر هيءَ سماجي، معاشي ۽ ثقافتي تبديلين جي پيداوار آهي. فلسفي ۽ سماجيات جي ماهرن، خاص طور تي ڪارل مارڪس، واضح ڪيو آهي ته جڏهن سماج زرعي دور مان نڪري صنعتي ۽ سرمائيداراڻي نظام ۾ داخل ٿيو ته انسان جي پيداواري عمل ۽ محنت جي معنيٰ بدلجي وئي.
روايتي سماجن ۾ انسان جيڪا شيءِ ٺاهيندو هو، ان ۾ سندس تخليقي صلاحيت، پسند ۽ روح شامل هوندو هو. هڪ واڍو، هڪ لوهار يا هڪ تخليقڪار جڏهن ڪو فنپارو يا اوزار ٺاهيندو هو ته اهو سندس ذات جو اظهار هوندو هو، پر جديد مشيني نظام انسان کان سندس اهو اختيار کسي ورتو. اڄ جو انسان هڪ وڏي ڪارخاني يا ڪارپوريٽ آفيس جي ڪمپيوٽر اڳيان ويٺل رڳو هڪ اڻڄاتل پرزو آهي. هو جيڪو ڪم ڪري ٿو، ان تي سندس ڪو اختيار ناهي. نتيجي طور، انسان پنهنجي ئي عمل کان ويڳاڻو ٿيندو ٿو وڃي. جڏهن انسان جو پنهنجو عمل رڳو پيٽ گذر ۽ مادي ضرورتن جو وسيلو بڻجي وڃي ته نتيجي ۾ سندس داخلي خوشي ختم ٿي ويندي آهي ۽ اها ڪيفيت کيس پنهنجي اصل ذات کان دوري جي پهرين ڏاڪي تي بيهاريندي آهي. جڏهن سماج جو مادي ڍانچو وکرڻ شروع ٿيندو آهي ته ان جو سڀ کان پهريون شڪار انساني رابطا ۽ رشتا ٿيندا آهن. روايتي سماج ۾ رشتن جو بنياد خلوص، گڏيل انساني پيار ۽ گهري جذباتي سگهه تي هوندو هو. ماڻهو هڪ ٻئي جي ڏک سُک ۾ بنا ڪنهن لالچ جي گڏ بيهندا هئا، پر اڄوڪي سرمائيداراڻي سوچ رشتن کي به هڪ “پراڊڪٽ” يا مارڪيٽ جو وکر بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻي لاڳاپا پنهنجي گهرائي وڃائي چڪا آهن ۽ اهي رڳو “منافعي، ضرورت ۽ فائدي” جي بنياد تي جڙن ٿا. جڏهن هڪ انسان ٻئي انسان کي هڪ وجود طور نه، پر هڪ اوزار يا وسيلي طور ڏسڻ شروع ڪندو آهي ته سماج مان همدردي جو خاتمو ٿي ويندو آهي. جديد سماج جي سڀ کان وڏي تبديلي اها آهي ته ان انسان کي “هجڻ” کان هٽائي پوريءَ ريت “مالڪي ڪرڻ” جي انڌي ڊوڙ ۾ لڳائي ڇڏيو آهي. جرمن فلسفي ۽ نفسياتدان ايرخ فرام (Erich Fromm) پنهنجي مشهور فڪري فريم ورڪ ۾ انساني زندگيءَ جي ٻن بنيادي رخن جو ذڪر ڪيو آهي: “هجڻ جو موڊ” (Being Mode) ۽ “مالڪي ڪرڻ جو موڊ” (Having Mode). هي فلسفو ويڳاڻپ کي سمجهڻ لاءِ هڪ بهترين ڪنجي آهي.
هجڻ (Being): ان جو مطلب آهي پنهنجي انساني جوهر، پيار، تخليق، گهري فڪر ۽ احساسن سان زنده رهڻ. پنهنجي ذات کي اندر کان امير بنائڻ.
مالڪي ڪرڻ (Having): ان جو مطلب آهي رڳو مادي شين، عهدن، پئسي ۽ ڏيکاءُ کي گڏ ڪرڻ ۽ انهن جي مالڪي ڪرڻ ۾ پنهنجي بقا سمجهڻ.
اڄوڪي دور ۾ انسان جي قيمت ان مان نٿي لڳائي وڃي ته هو داخلي طور ڪيترو گهرو، سچو ۽ همدرد انسان آهي، پر ان مان لڳائي وڃي ٿي ته وٽس ڪهڙي گاڏي آهي، ڪهڙو عهدو آهي ۽ ڪيترو بئنڪ بيلنس آهي. جڏهن سماج جو معيار صرف مادي بڻجي وڃي ته انسان پنهنجي روحاني ۽ داخلي سڃاڻپ وڃائي ويهندو آهي. هو پنهنجي اصل ذات کي اڇلي، هڪ مصنوعي ذات (جيڪا رڳو مادي شين جي طلبگار آهي) اختيار ڪري وٺندو آهي. اهو “ٻهروپ” ئي اصل ذات کان اوپرو ٿيڻ جو وڏو سبب آهي. وجودي فلسفي جي ماهرن جهڙوڪ: جين پال سارتر، البرٽ ڪاميو ۽ ڪيرڪيگارڊ ويڳاڻپ جي ان رخ تي وڏو ڪم ڪيو آهي. سندن خيال آهي ته جديد مشيني دنيا انسان کي معنيٰ کان خالي ڪري ڇڏيو آهي. انسان جڏهن صبح کان شام تائين پنهنجي ذاتي احساس کان بغير هڪ مشين بڻجي زندگي گذاري ٿو ته سندس اندر ۾ هڪ “وجودي خلا” جنم وٺي ٿو. انسان پاڻ کان سوال پڇي ٿو ته “منهنجي هن دنيا ۾ هجڻ جو مطلب ڇا آهي؟” جڏهن کيس مادي سماج وٽان ان جو ڪوبه تسلي بخش جواب نٿو ملي ته هو بي معنويت (Absurdity) جو شڪار ٿي ويندو آهي. هو جيڪڏهن ٻاهرين دنيا جي طئي ڪيل معيارن تي ته پورو لهي ٿو، پر داخلي طور سندس روح بکيو رهجي وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي ته اڄ جو انسان پنهنجي هن داخلي تنهائي ۽ بي معنويت کان ڀڄڻ لاءِ سطحي تفريح (Shorts, Reels کائڻ پيئڻ جو ڏيکاءُ) جو سهارو وٺي ٿو، پر اها عارضي تفريح کيس وڌيڪ اڪيلو ڪري ڇڏي ٿي. ڪاميو جي “سسيفس واري ڏند ڪٿا” وانگر، جديد انسان روز پٿر کي جبل جي چوٽيءَ تي کڻي وڃي ٿو ۽ اهو پٿر ٻيهر هيٺ ڪري پوي ٿو. هيءَ بي معنيٰ مشقت انسان کي پنهنجي ئي وجود کان بيزار ڪري ڇڏيندي آهي.
ان مان واضح ٿئي ٿو ته ويڳاڻپ پنهنجي بنياد ۾ هڪ سماجي ۽ ساختياتي مسئلو آهي، پر جڏهن ان جي شدت وڌي وڃي ٿي ۽ انسان پنهنجي اصل ذات کان مڪمل طور تي اوپرو ٿي ويندو آهي، تڏهن اها شديد نفسياتي ۽ ذهني بيماريءَ جو روپ اختيار ڪري وٺندي آهي. نفسيات ۾ ان ڪيفيت کي سڌو سنئون ڪا مخصوص بيماري ناهي چيو ويندو، پر هي شديد ڊپريشن اينگزائٽي ۽ خاص طور تي پنهنجو پاڻ کي ڌار ۽ اجنبي محسوس ڪرڻ جو بنيادي ڪارڻ بڻجي ٿي. جڏهن انسان پنهنجي داخلي آواز کي دٻائي سماج جو هٿ ٺوڪيو مادي ڪردار بڻجڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته سندس اندر ۾ هڪ شديد گهٽ، ٻوسٽ ۽ تضاد جنم وٺندو آهي. اهو تضاد جڏهن وڌي ٿو ته انسان ذهني طور ٽٽي پوي ٿو. جيسين اسان جو سماج فرد کي هڪ “مشين جي پرزي” طور ڏسڻ بند نه ڪندو ۽ جيسين انسان پنهنجي داخلي مرڪز، گهري فڪر، سچي انساني رابطن ۽ همدرديءَ طرف واپس نه ورندو، تيسين هيءَ ويڳاڻپ وڌندي رهندي. پنهنجي اصل ذات سان سڃاڻپ ۽ ٻيهر ناتو جوڙڻ ئي ان وجودي بيماريءَ جو اڪيلو علاج آهي، جتي انسان هجوم ۾ گم ٿيڻ بدران پنهنجي اندر جي روشنيءَ سان ملاقات ڪري سگهي ٿو.