ايڊيٽوريلنئون

ڀارت جي اڳوڻي چيف جسٽس جي طنزيه بيان تي “ڪاڪروچ جنتا پارٽيءَ” جو آن لائين قيام

نه صرف پاڪستان ۾ بلڪه سڄي دنيا ۾ نوجوانن جي مزاج ۾ تيزيءَ سان تبديلي اچي وئي آهي ۽ جيڪي ملڪ ان تبديليءَ کي محسوس ڪري رهيا آهن، انهن نوجوانن کي نظرانداز ڪرڻ بجاءِ انهن لاءِ مثبت ۽ تعميري پاليسيون جوڙي کين اهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي پلاننگ ڪئي آهي جيڪي نوجوانن کي نه صرف تعميري سوچ فراهم ڪن ٿا، بلڪه انهن کي پنهنجي ملڪ ۽ معاشري لاءِ ڪجهه بهتر ڪري ڏيڻ جو شعور به عطا ڪن ٿا، پر اسان جهڙن پٺتي پيل ملڪن ۾ ڪڏهن انهن کان ووٽ جو حق ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته ڪڏهن انهن کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏيون ٿا. اهڙي صورت ۾ نوجوان مايوس نظر اچي ٿو.  انهن جي لاءِ ڪٿي به ڪابه اميد نظر نٿي اچي ۽ اهو نوجوان تعميري عمل جي بجاءِ تخريبي عمل جو شڪار ٿي وڃي ٿو. پاڪستان ۽ ڀارت هڪ ئي وجود جا ٻه ٽڪرا آهن ٻنهي جو سماج، ٻنهي جي ثقافت، ٻنهي ملڪن جي حڪمرانيءَ جو طريقو ۽ نوجوانن سان ٿيندڙ زيادتيون ساڳيون ئي نظر اچن ٿيون. ڪجهه ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي رٽائرڊ جج مارڪنڊي ڪاتجو ڪنهن پروگرام ۾ هڪ تمام تڪراري ۽ طنزيه جملو ڳالهائيندي اتان جي نوجوانن کي ڪاڪروچ سان تشبيح ڏيندي چيو ته “اسان جو نوجوان گندگيءَ ۾ رهندڙ ڪاڪروچن وانگر آهي، اهو سست آهي ۽ ڪنهن به تعميري ڪم جي لائق نه آهي.” جنهن بيان کي اتان جي نوجوانن تمام گهڻو ناپسنديدگيءَ جي نگاهه سان ڏٺو ساڳئي وقت اڀيجيت دپڪي جيڪو هن وقت بوسٽن يونيورسٽي ۾ پبلڪ رليشنز ۾ ماسٽرز جي ڊگري مڪمل ڪري چڪو آهي، ان سوشل ميڊيا تي هڪ ڪئمپين شروع ڪئي، ڇو ته هو بنيادي طور هڪ پوليٽيڪل ڪميونيڪيشن اسٽريٽيجڪ آهي ۽ کيس سوشل ميڊيا تي ڊجيٽل ڪئمپين هلائڻ جو وڏو تجربو آهي، هن اتان ويهي هڪ آن لائين پارٽي جو بنياد رکيو جيڪا ڪجهه ئي ڏينهن ۾ نوجوانن جي دلچسپي سبب وائرل ٿي وئي آهي.

جنهن ۾ ڏسندي ئي ڏسندي ڀارت جي ڪروڙين نوجوانن پنهنجو پاڻ کي ان پارٽيءَ جي ميمبر طور رجسٽرڊ ڪرايو آهي. هن وقت دنيا ۾ جيڪا ڳالهه طنز ۽ ميمز جي ذريعي چئي وڃي ٿي اها هڪ طاقتور هٿيار طور ڪم ايندي نظر اچي رهي آهي. ڪڏهن ڪڏهن طنز ۽ مزاح روايتي تحريڪن کان وڌيڪ تيز ۽ اثر انداز ثابت ٿي سگهي ٿو. هن وقت “ڪاڪروچ جنتا پارٽي” مودي سرڪار جون ننڊون اڏائي ڇڏيون آهن. سندن منشور به شايع ٿي چڪو آهي جنهن جا ڪجهه نقطا هي آهن. * هر گهر ۾ گندگي ۽ ڪاڪروچ، جنهن جو مطلب آهي ته روايتي پارٽين جي ابتڙ هيءَ پارٽي پنهنجي منشور جي حساب سان هر گهر، هر گهٽي ۽ هر سرڪاري آفيس تائين گندگي پهچائيندي ته جيئن ڪاڪروچ خوش رهي سگهن ۽ نظام سندن پسند جو هجي. سائنسي طور اهو چيو ويندو آهي ته ڪاڪروچ ايٽمي تابڪاري ۾ به زنده رهي سگهي ٿو. سندن منشور ۾ اهو چيو ويو آهي ته اهي عوام کي اهڙي ٽريننگ ڏيندا جو ملڪ تي چاهي ڪهڙو به سياسي يا اقتصادي بحران اچي يا ڪو ايٽمي حملو ٿي وڃي عوام ڪاڪروچ وانگر زنده رهڻ سکي وٺندو. منشور جو هڪ اهم نقطو اهو به آهي ته هن پارٽي جو حصو ٿيڻ کانپوءِ ڪاڪروچن جهڙا اينٽينا مٿي تي پائي ايندا ته جيئن سندن سڃاڻپ ٿي سگهي. ان کان علاوه جيئن ڪاڪروچ ڪنهن به لڪل جاءِ تي بورچي خاني يا گودام ۾ گهڙي ويندا آهن پارٽيءَ جا ميمبر سڀني سياسي ڊائنوسارن ۽ وڏن عهديدارن جي آفيسن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ويندا ۽ کين سڪون سان ويهڻ نه ڏيندا. ڀارت سرڪار هيستائين ڪاڪروچ جنتا پارٽي تي ڪوبه وڏو يا سنجيده آفيشل بيان نه ڏنو آهي ۽ هيستائين نظر انداز ڪرڻ واري پاليسي تي هلي رهي آهي. يقينن جيڪڏهن سرڪار ان بابت ڳالهائيندي ته هن پارٽيءَ کي سنجيدگيءَ سان ورتو ويندو، پر ان هوندي به سوشل ميڊيا گروپن ۽ آءِ ٽي سيلز پاران هن تحريڪ کي دٻائڻ ۽ ان جي ٽرينڊ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ به سالن کان ويٺل وڏي عمر جا سياستدان يا مختلف طاقتور ڪرسين تي ويٺل ذهن اهو سوچين ٿا ته نوجوانن کي اڳتي وڌي طاقت جي ايوانن ۾ حصو ڏيڻ غلطي آهي. سياست جا اهي جهونا ۽ رٽائرڊ ذهن جڏهن اي سي ڪمرن ۾ ويهي نوجوانن تي جملي بازي ڪندا آهن ته کين اندازو ناهي ٿيندو ته انٽرنيٽ جو نسل ان جو جواب ڪيئن ڏئي سگهي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ به هن وقت نوجوان نظر انداز ٿيل آهي ۽ ان جي لاءِ ڪا خاص پلاننگ نظر نٿي اچي ۽ هاڻي آئين ۾ ترميم ڪري سندس ووٽ جو حق 18 سالن جي عمر کان وڌائي 25 سالن جو ڪرڻ جو چوٻول آهي، اهو نوجوان کي پنهنجي سياسي فيصلن کان ٻاهر ڪڍڻ جي هڪ وڏي غلطي چئي سگهجي ٿي. اميد آهي ته اسان جي ملڪ ۾ پاليسي ٺاهيندڙ پارليامينٽيرينز ۽ اهي طاقتور ڌريون جيڪي ان قسم جا فيصلا ڪرڻ وڃي رهيون آهن اهي ڪاڪروچ جنتا پارٽي جيڪا نوجوانن جو هڪ طنزيه رد عمل آهي ان تي ضرور غور ۽ ويچار ڪنديون. نوجوانن کي ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه سمجهندا، بلڪه انهن کي پنهنجي اصل طاقت سمجهي پاليسيون ٺاهيندا. پاڪستان جنهن جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، انهن کي نظر انداز ڪرڻ سواءِ غلطي جي ٻيو ڪجهه به نه هوندو، ڇو جو سندن آڱر سوشل ميڊيا جي ڪلڪ تي رکيل آهي.