برطانوي ايوان بيگزٽ ڊيل کي ڪثرت راءِ سان مسترد ڪري ڇڏيو
برطانوي پارليامينٽ، وزير اعظم ٿيريسا مي جي بريگزٽ ڊيل کي 230 ووٽن سان مسترد ڪري ڇڏيو. برطانيه جي خابرو ادارن پاران ٻڌايو ويو آهي ته وزير اعظم ٿيريسا مي جي برطانيه کي يورپ کان الڳ ڪرڻ جي تاريخي معاملي کي ايوان ۾ پيش ڪيو ويو جنهن تي ميمبرن جي هن معاملي تي ووٽنگ ڪرائي وئي. ايوان ۾ موجود 432 مان 202 ميمبرن ڊيل جي حمايت ۾ جڏهن ته 230 مخالفت ۾ ووٽ ڏنا. جنهن کان پوءِ ڪثرت راءِ سان ان ڊيل کي مسترد ڪيو ويو. اپوزيشن طرفان ان تي ئي بس نه ڪئي وئي پر اپوزيشن وزير اعظم ٿيريسا مي کي وڌيڪ ڌڪ رسائڻ لاءِ ساڻس خلاف تحريڪ عدم اعتماد پيش ڪرڻ جو اعلان به ڪري ڇڏيو.

