خاصنئون

ساهيوال سانحي تي سينيٽ داخلا ڪميٽي جو اجلاس جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جي سفارش

اسلام آباد ۾ سينيٽر رحمان ملڪ جي صدارت هيٺ سينيٽ جي داخلا واري قائمه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ساهيوال سانحي وارو معاملو به غور هيٺ آيو. ڪاميٽي پاران هن واقعي تي آءِ جي ۽ داخلا واري سيڪريٽري کان جواب طلب ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي تي جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو به ڪيو ويو آهي. سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته هاءِ ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي جيڪو هن سانحي جي تفتيش ڪري ۽ ضرورت پوڻ جي صورت ۾ وزيراعليٰ عثمان بوزدار به ڪميٽي ۾ طلب ڪيو وڃي. ڪميٽي چيو ته سيڪريٽري داخلا بدران وزيراعظم ٻڌائي ته ڇا پاڪستان ۾ داعش ڪم ڪري رهي آهي؟ ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي ايجنسي جي رپورٽ هئي ته ذيشان دهشتگرد هو؟ گاڏي روڊ جي پاسي تي بيهارڻ جي صورت ۾ سي ٽي ڊي فائرنگ ڇو ڪئي؟ ڇا 13 سالن جي ڇوڪريءَ کي ان لاءِ ماريو ويو ته هوءَ عيني شاهد هئي؟ ۽ مزاحمت کان بغير انهن چئن ڄڻن کي ڪيئن قتل ڪيو ويو؟ ڪاميٽي پاران چيو ويو ته معاملي ۾ ملوث پوليس کي قتل جي اجازت نٿي ڏيئي سگهجي اهلڪارن کي سزا ڏيئي مثال قائم ڪيو وڃي.