خاص

پاڪستان جو ڀارت کي جوابي حملو، ڀارت جا 2 جهاز تباه

پاڪستان پاران جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارت جي ٻن جهازن کي ڪيرايو ويو آهي. حملي ۾ ٻه پائلٽ ماريا ويا آهن، جڏهن ته هڪ پائلٽ کي گرفتاربه ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته اهي ٻئي جهاز پاڪستاني سرحدن ۾ داخل ٿيا هيا. ڊي جي آءِ ايس پي آر مطابق هڪڙي جهاز جو ملبو آزاد جمون و ڪشمير ۾ ڪريو آهي جڏهن ته ٻيو جهاز مقبوضه ڪشمير جي  سرحد ۾ ڪريو آهي. ٻئي طرف ڀارت جي هوائي اڏن ليه، جمون، سري نگر ۽ پٺان ڪوٽ ۾ هائي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ۽ تمام اڏامون  معطل ڪيون ويون آهن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڊي جي آءِ ايس پي آر ڀارت کي سرپرائيز لاءِ تيار رهڻ جو چيو هيو، جڏهن ته جڳه ۽ وقت جو نه ٻڌايو ويو هيو.