واردات کان پهرين چور جي نشاندهي ڪندڙ سافٽ ويئر تيار
جاپان جي ماهرن هڪ اهڙو سافٽ ويئر تيار ڪيو آهي جيڪو دڪان ۾ موجود ماڻهن جي روين ۽ حرڪتن کي ڏسي ٻڌائيندو ته ڪهڙو ماڻهو دڪان ۾ چوري جي نيت سان آيو آهي. هن سافٽ ويئر کي ڊسمبر 2018 ۾ تيار ڪيو ويو هو جنهن بعد هن وقت ان کي مارڪيٽ ۾ آڻڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. هن سافٽ ويئر کي تياري وقت هڪ لک ڪلاڪن تائين جي فوٽيج ان ۾ فيڊ ڪئي وئي هئي جنهن جي مدد سان هن سافٽ ويئر اهو سکيو آهي ته چور چوري کان ڪجهه دير اڳ ڪهڙي طرح جو ورتاءُ ڪندا آهن. جنهن ۾ انهن چورن جا ڪپڙا، بيهڻ ۽ هلڻ جو انداز ۽ ٻيون حرڪتون شامل آهن. هن سافٽ ويئر هيستائين 7 چور پڪڙايا آهن. وڌيڪ تجربن بعد هن سافٽ ويئر کي هڪ لک اسٽورز ۾ هنيو ويندو.

