خاصنئون

ڪوئيٽا ۾ پوليس جي گاڏيءَ ويجهو ڌماڪو، 4 اهلڪار شهيد 12 ڄڻا زخمي

ڪوئيٽا جي مني مارڪيٽ ۾ مددگار پوليس جي گاڏي ويجهو ڌماڪو ٿيو جنهن سبب 4 اهلڪار شهيد ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڌماڪو ايترو ته تيز هو جو ويجهين عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا ۽ ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ آيو. جڏهن ته پوليس جي گاڏي پوري طرح تباهه ٿي وئي آهي. ڌماڪي بعد ريسڪيو ٽيمون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ترت ئي واقعي واري هنڌ تي پهچي ويا. جنهن بعد شهيد ٿيندڙن ۽ زخمين کي ترت ئي اسپتال پهچايو ويو. ڊي آءِ جي عبدالرزاق چيما جو چوڻ آهي ته ڌماڪيدار مواد موٽرسائيڪل ۾ نصب ٿيل هو. واقعي جي تحقيقات شروع ٿي وئي آهي. واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ به گوادر ۾ دهشتگردن فائيو اسٽار هوٽل کي نشانو بڻايو هو، جنهن ۾ نيوي اهلڪارن سميت پنج شهري شهيد ٿيا هئا.