مرڪز جي انڪار سبب سنڌ حڪومت ڪراچي سرڪيولر ريلوي پاڻ هلائيندي
ڪالهه صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته مرڪز، ڪراچي سرڪيولر ريلوي کي هلائڻ کان انڪار ڪيو آهي هاڻي سنڌ حڪومت ان منصوبي کي پاڻ هلائيندي. صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته هڪ ملاقات ۾ وفاقي وزير شيخ رشيد سرڪيولر ريلوي هلائڻ کان انڪار ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مرڪز پاران فنڊ روڪڻ باوجود سنڌ حڪومت هن منصوبي کي هلائيندي. سنڌ حڪومت 2016 کان وٺي هن منصوبي کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ان کان علاوه سنڌ جي وڏي وزير هن منصوبي کي سي پيڪ ۾ پڻ شامل ڪرايو هو.

