خاصنئون

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019 جي افتتاحي تقريب اڄ منعقد ٿيندي

2019 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي افتتاحي تقريب اڄ لنڊن ۾ منعقد ڪئي ويندي. هن تقريب ۾ مشهور ڪرڪيٽر شرڪت ڪندا. هن تقريب جي تفصيلن کي هڪ سرپرائيز طور رکيو ويو آهي. جڏهن ته تقريب جون ٽڪيٽون فروخت ٿي ويون آهن. ٽڪيٽن کي خريد بعد وڪرو نٿو ڪري سگهجي انهن کي خريد ڪندڙ شخص ئي ميچ ڏسي سگهي ٿو. هڪ ڪلاڪ واري هي تقريب سموري برطانيه جي وقت مطابق شام جو 5 وڳي ڏيکاري ويندي. هن تقريب جي سيڪيورٽي کي ترتيب ڏيڻ مهل نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا وارن دهشتگردي جي حملن کي به ڌيان ۾ رکيو ويو آهي.