ٽي بي جي اوائلي تشخيص لاءِ ليبارٽري قائم
ڪراچي اندر قائم انڊس هيلٿ نيٽورڪ ڪورنگيءَ ۾ هڪ ليبارٽري قائم ڪئي آهي جيڪا ٽي بي جي اوائلي ڪيسن جي جاچ ڪندي. صوبائي صحت واري وزير عذرا پيچوهو هن ليبارٽري جو افتتاح ڪيو. واضح رهي ته سنڌ اندر هر سال 27000 مريض ٽي بي جي مرض جو شڪار ٿين ٿا جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ اهڙن مريضن جو تعداد 5 لک آهي. جنهن مان 35000 مريض موت جو کاڄ ٿي وڃن ٿا.

