اسڪول وينن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سي اين جي ۽ ايل پي جي گئس جي استعمال تي پابندي لاڳو
آئل اينڊ گئس اٿارٽي (اوگرا) عوامي سطح تي استعمال ٿيندڙ تمام گاڏين جنهن ۾ اسڪول وينن ۾ حفاظتي مقصدن کي نظر ۾ رکندي، ڪمپريسڊ نيچرل گئس (سي اين جي) ۽ لڪوئيفائيڊ پيٽروليم گئس (ايل پي جي) جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. جنهن بعد موٽر وي پوليس ايم ون ۽ ايم ٽو موٽر ويز تان لنگهندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي اهڙين تمام گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف سي اين جي مالڪن جي ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته اهي هن پابنديءَ کي چئلينج ڪندا. ايسوسئيشن جي عملدارن جو چوڻ هو ته ملڪ اندر اهڙيون 5 گاڏيون آهن جن ۾ سي اين جي استعمال ٿي رهيو آهي جنهن تي پابندي جو مطلب سي اين جي جي شعبي جي تباهي آهي.

