خاصنئون

خانگي اسڪولن ۾ پوليو کي ختم ڪرڻ لاءِ 16 ڊسمبر کان مهم شروع ڪئي ويندي

سنڌ تعليم کاتي اعلان ڪيو آهي ته سڄي صوبي ۾ خانگي اسڪولن ۾ چئن ڏينهن لاءِ پوليو مهم هلائي ويندي، جيڪا 16 ڊسمبر کان 19 ڊسمبر تائين جاري رهندي، جنهن ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا. سنڌ ايڊيوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، سنڌ صحت کاتي جي تعاون سان ڪراچي سوڌو سڄي سنڌ ۾ سڀني ضلعن ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ ۽ ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ اهڙي مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.