خاصنئون

سنڌ ۾ اٽي جي بحران تي ضابطو نه اچي سگهيو

سنڌ اندر اٽي جو بحران برقرار آهي، ماڻهو وڌيڪ اگهن تي اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. ڪوٽڙي المدينه چوڪ تي ضلعي انتظاميه جي هدايت تي 5 فلور ملن کي اٽو سستو وڪڻڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي جنهن تي باقائده اسٽال لڳايو ويو، پر اهو اسٽال هڪ ڏينهن کانپوءِ بند ڪيو ويو. ان کان پوءِ روزاني هر فلور مل 10 ڪلو جون 500 ٿيلهيون المدينه چوڪ تي 400 رپي في ٿيلهي وڪرو ڪري پئي. اسٽال تي غير معياري ڀوسي جي آميزش ۽ 2012 جي رمضان پئڪيج اٽي جي ٿيلهين  جي وڪري تي غريب شهرين احتجاج ڪيو. ان موقعي تي سهيل گولاڙچي ۽ ٻين  ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ڏنل اٽي جي ٿيلهي تي 2012 جو رمضان پئڪيج واضح طور لکيل هو. جڏهن ته ڪيترين ئي ٿيلهين ۾ ڪڻڪ جي ڀوسي جي ملاوٽ به سامهون آئي. هي غريب ماڻهن جي صحت سان مذاق آهي. ٽنڊوالهيار ۾ اٽي جي قيمت رڪارڊ سطح تي پهچي وئي. جڏهن ته بس اسٽاپ تي قائم ٿيل سرڪاري اسٽال تي اٽو 43 رپيا في ڪلو وڪرو ڪيو ويو. ٻئي طرف شگر ملن جي مالڪن گڏجي ڪمند جي 310 جي اگهه کي گهٽائي 195 رپيا في مڻ ڪري ڇڏيو آهي. جنهن تي آبادگارن ڪمند جي  ڪٽائي روڪي ڇڏي آهي.