خاص

مهانگائي ڪرڻ واري ڪنهن به مافيا کي نه ڇڏينداسين: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان گورنر هائوس ڪراچي ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي تحت چيڪ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ڪرڻ واري هڪ هڪ مافيا کي پڪڙينداسين ۽ ڪنهن کي به نه ڇڏينداسين. ان موقعي تي گورنر سنڌ عمران اسماعيل، وفاقي وزير اسد عمر، عبدالحفيظ شيخ ۽ وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خصوصي معاون عثمان ڊار به تقريب کي خطاب ڪيو. عمران خان جو چوڻ هو ته ڪاروبار ڪرڻ وارا نوجوان ڪامياب ٿي قوم کي ڪامياب ڪندا آهن، اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو نوجوان آهن. ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني هر شعبي ۾ پاڪستانين کان اڳيان نڪري ويا آهن. جڏهن ته پاڪستان جي اندر اسان اڳيان نٿا وڌي سگهون، ڇو ته اسان جو نظام ميرٽ کي سپورٽ نٿو ڪري، اقربا پروري ۽ سفارش جي ڪري ادارا ڪمزور ٿي رهيا آهن، جيئن جيئن اسان ميرٽ کان پٺيان وياسين، ملڪ پٺيان هليو ويو ۽ جيڪو معاشرو ميرٽ کان هٽندو آهي، اهو تباهه ٿي ويندو آهي.