خاص

حيدرآباد ۾ ٻارڙي گاڏي هيٺيان چيڀاٽجي فوت، ايڪسپو سينٽر ۾ ڀڃ ڊاهه

حيدرآباد ۾ ٽن سالن جي معصوم نينگري زميندار جي ڊبل ڪيبن گاڏي هيٺان اچي فوت ٿي وئي. خبر موجب حيدرآباد ايڪسپو سينٽر وٽ لڳل فارمرز مارڪيٽ ۾ خريداري لاءِ ماءُ سان آيل ٽن سالن جي معصوم نينگري حور فاطمه ڌيءَ عبدالغفار قاضي، زميندار حاجي نثار ميمڻ جي ڊبل ڪيبن گاڏي هيٺيان اچي سخت زخمي ٿي پئي. سول اسپتال جي اي ايم ايس جنرل ڊاڪٽر شوڪت لاکو ٻڌايو ته نينگري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آندو ويو هو، دماغ ۾ رت جي رواني بند ٿي وئي هئي. سول اسپتال انتظاميه طرفان نينگري کي خانگي ايمبولينس ذريعي ڪراچي منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ فوت ٿي وئي. پڃاري ٿاڻي جي ايس ايڇ او جاويد جلباڻي ٻڌايو ته گاڏي جي ڊرائيور علي حسن کي گرفتار ڪري گاڏي تحويل ۾ ورتي وئي آهي. زميندار نينگري جي وارثن وٽ گهر پهچي معافي گهري ۽ مالي مدد ڪرڻ جي آڇ پڻ ڪئي. جنهن تي وارثن زميندار کي معاف ڪندي مالي مدد وٺڻ کان انڪار ڪيو. واقعي دوران علائقي واسي مڇرجي پيا جن ايڪسپو سينٽر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ علائقي ۾ ڇڪتاڻ سبب پوليس ايڪسپو سينٽر کي تالا هڻائي بند ڪري ڇڏيو