پيٽرول کانپوءِ ايل پي جي به سستي، گهريلو سيلينڊر جي اگهه ۾ 150 رپيا لاٿ

وفاقي سرڪار پيٽرول کانپوءِ ايل پي جي به سستي ڪري ڇڏي آهي. اوگرا ايل پي جي، جي اگهن ۾ لاٿ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن موجب ايل پي جي 150 رپيا في سيلينڊر سستي ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته مارچ مهيني ۾ ايل پي جي، جي 11.8 ڪلو گرام واري گهريلو سيلينڊر جو نئون اگهه 1530.17 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته فيبروري مهيني لاءِ ايل پي جي گهريلو سيلينڊر جو اگهه 1680.21 هو
