خاص

سائنس جي شاگردن لاءِ 12 ارب جون اسڪالرشپون ڏيڻ جو اعلان

سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري سائنس جي شاگردن لاءِ 12 ارب رپين جون اسڪالرشپون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. گلوبل ڊولپمينٽ تحت فوڊ سيڪيورٽي، غذائيت ۽ سستي صحت جي چئلينجن بابت ڪوٺايل ورڪشاپ کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته تحقيق جي شعبي ۾ اسان برطانيه سان ملي ويا آهيون. اهڙو گروپ يورپ ۽ آمريڪا ۾ به ٺاهينداسين. وزارت هن سال 12 ارب رپين جون اسڪالرشپون ڏيندي. سائنس وزارت جي بجيٽ ۾ 600 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ بجيٽ ۾ 1300 سيڪڙو اضافي جو هدف آهي. ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ليبارٽريون به لڳائينداسين