حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس جو پهريون ڪيس ظاهر، سنڌ ۾ مريضن جو انگ 15 ٿي ويو

حيدرآباد ۾ قاسم آباد جي رهواسڻ 58 سالن جي عورت کي ڪورونا وائرس هئڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته هوءَ ڏهه ڏينهن اڳ عراق مان زيارتون ڪري واپس پهتي هئي. جنهن کي ڪورونا وائرس هئڻ جي شڪ ۾ سول اسپتال حيدرآباد جي آئيسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪري ٽيسٽون ڪيون ويون هيون، جيڪي مثبت آيون آهن. حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ سول اسپتال حيدرآباد جي آئيسوليشن وارڊ ٻاهران پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪوبه مريض آئيسوليشن وارڊ ۾ وڃي نه سگهي. سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر مظهر ڪلهوڙو عورت کي ڪورونا وائرس هئڻ جي تصديق ڪندي چيو ته متاثر عورت کي اسپتال ۾ قائم وارڊ ۾ رکيو ويو آهي. واضح رهي ته متاثر عورت جي 4 گهر ڀاتين جون ٽيسٽون پڻ ڪيون ويون آهن، پر انهن جو نتيجو نه آيو آهي. سڄي سنڌ جي صحت کاتي طرفان ڪراچي شهر ۾ وڌندڙ ڪورونا وائرس جي مريضن کي نظر ۾ رکندي پي ايس ايل سميت وڏن عوامي ميڙاڪن تي پابندي جي سفارش تيار ڪري منظوري لاءِ وڏي وزير آڏو رکي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪورونا وائرس بابت ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ صحت کاتي جي ان تجويز تي غور ويچار ڪيو ويو، پر وڏي وزير مراد علي شاهه ان کي رد ڪندي پي ايس ايل هر صورت ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
