بلاگنئون

ٻالڪ ادب جي ليکڪ دايو پريل سان ڳالهه ٻولهه

محمد پريل، ولي محمد دايو جي گهر 15 مئي 1971ع تي ڳوٺ نوراجا تعلقي پنوعاقل، ضلعي سکر ۾ جنم ورتو، سندس ادبي سڃاڻپ شاعر طور آهي، هن وڏن توڻي ننڍن ٻالڪن لاءِ سهڻي شاعري ڪئي آهي. لکڻ جي شروعات ننڍيءَ عمر کان ڪيائين. صحافت طور ذميداريون نڀائيندڙ آهي ته سنڌي ادبي سنگت جو متحرڪ ڪارڪن طور سڃاتو وڃي ٿو.

سوال 1: پنهنجي ننڍپڻ، تعليم ۽ ادب ڏي لاڙي بابت ٻڌايو؟ ٻيو سوال اهو ته پهرين تحرير ڪهڙي ۽ ڪڏهن شايع ٿي؟

جواب: مان نج ٻهراڙي جي ڳوٺ نوراجا ۾ ڄائو هئس، بابا سائين ھارپو ڪري ٻني کيڙي اپت ڪندو هو، ان ڪري پوکن ۾ گهمڻ، گل ٻوٽا، فصل، وڻ ٽڻ ڏسڻ سميت ٻهراڙي جي فطري سونهن ۽ نظارن سان گڏ ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن جي رهڻي ڪهڻيءَ جو گهرو مشاهدو ٿيو، پيءُ ماءُ جو اڪيلو ۽ سڪيلڌو پٽ هئس ۽ ان طرح مون کي ڀيڻ به هڪ هئي جا مون کان وڏي هئي، بابا سائين ولي محمد ڳوٺ جي مسجد جي پيش امام ۽ ڳوٺ واري پرائمري اسڪول جي هيڊ ماستر سائين حاجي غلام مصطفيٰ سميجو جي معرفت اسڪول ۾ داخلا ڪرائي، جتي ذهانت سبب مون کي مانيٽر بڻايو ويو، ڪلام پاڪ به استاد غلام مصطفيٰ وٽ ئي ڳوٺ جي مدرسي ۾ پڙهيس اها مسجد ۽ مدرسو اسان جي گهر جي اڳيان هو، پنجين درجي ۾ پنهنجي گهر اندر سائين ادل سومرو جو ٻارن لاءِ ان وقت ۾ ڇپيل پهريون ٻاراڻي شاعري جو ڪتاب “روز ٽڙن رابيل” هٿ چڙهي ويو ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ٻاراڻي شاعري پڙهڻ لاءِ ملي، اهي ڪتاب شايد ڳوٺ جي مڊل اسڪول ۾ پڙهائيندڙ نامياري اديب سائين سرور سيف وٽان منهنجي مامي لونگ کي مليا هئا جيڪو مون کان اڳ ان اسڪول ۾ پڙهي چڪو هو ۽ سرور سيف ان طرح پئسن سان توڙي مفت ۾ ٻارن جو ادب ڏانهن لاڙو پيدا ڪرڻ لاءِ ورهائيندو، ان طرح ٻاراڻي ادب ڏانهن لاڙو پيدا ٿيو ۽ لکڻ شروع ڪيم، ان دور ۾ ئي منهنجا ٻه ٽي نظم رسالن ۾ ڇپيا، ساٿي مئگزين ۾ “نانو نورو ليکو پورو” ڇپيو ۽ مون ڏسو ڪراڙو “ڪمون” ڪمدار لکيو، گل ڦل ۾ به ڇپجڻ شروع ٿيس اهو 82 ۽ 83 جو وقت هو، جيتوڻيڪ ان ابتدائي وقت ۾ مون کي شاعري ڏانهن ريڊيو حيدرآباد ۽ بعد ۾ ريڊيو خيرپور راغب ڪيو، پر ڇهين درجي ۾ مڊل اسڪول ۾ داخل ٿيڻ بعد پورا ٽي سال سائين سرور سيف جهڙو استاد مليو، جنهن منهنجو ادب ڏانهن رجحان ڏسي ڪتاب پڙهڻ ۽ پرجهڻ لاءِ سڄي لائيبريري ئي مون کي ارپي ۽ ڀرپور نموني ذهني تربيت ڪئي ۽ جڳ جهان جي تاريخ ۽ نظرين بابت ڄاڻ ڏني، استاد گل حسن گل سميجو به مڊل اسڪول جو انچارج هو، ڳوٺ جو وڏو به هو سو پڻ شاعر هو، ان کان به ڀرپور سکيو.

سوال 3: ٻالڪ ادب ۾ پنهنجي ڇپيل ڪتابن ۽ اڻ ڇپيل مواد بابت  ڄاڻايو.

جواب: منهنجو پهريون ٻاراڻي شاعري جو ڪتاب “ٻاتا جنين ٻول” سائين يوسف سنڌيءَ سچائي اشاعت گهر پاران ڇپرايو ۽ ٻيو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ “ٻار اکين جا ٺار” ڇپرايو، باقي منهنجا ٻارن لاءِ ڇپيل چار ڪتاب پبلشرن وٽ ڇپائي هيٺ آهن، جن ۾ منهنجو هڪ ڪتاب “هئه هئه منهنجو ٻاروتڻ” ننڍپڻ جي يادگيرين تي ٻڌل آهي، ان کانسواءِ اردو ۾ به ٻارن لاءِ شاعري جو ڪتاب لکي مڪمل ڪيو آهي، جيڪو ادبيات کي ڇپائڻ جي گذارش ڪبي.

سوال 4: ڇا موجوده دور ۾ اهڙو ادب سرجي رهيو آهي؟ جو اسان جي مستقبل جي معمارن لاءِ هِن اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دور ۾ ڪارائتو ٿئي؟

جواب: بلڪل هن وقت ٻارن لاءِ جديد دور جي گهرجن موجب سنڌي ۾ ٻاراڻو ادب ڇپجي رهيو آهي، گل ڦل اڳي گهڻو پڙهيو ويندو هو هن دور ۾ شهرن اندر اهڙا بُڪ اسٽال گهٽ هجڻ ڪري گهٽ پهچي ٿو، اڳي هر شهر ۾ عام بُڪ اسٽور به گل ڦل توڙي اردو جا ٻاراڻا رسالا ۽ ڊائجسٽ رکندا هئا ۽ اسٽور مالڪ ڪمائيءَ خاطر به ادارن کان هر مهيني اهي رسالا گهرائيندا هئا، پوءِ به جيڪو مواد ڇپجي ٿو سو معياري آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا هنن ٻن ٽن سالن اندر ٻارن لاءِ آيل ڪتاب پڙهي محسوس ڪري سگهجي ٿو  انهن جي موضوعن کي ڏسو ۽ پڙهو موضوع موجوده دور جي اٿي ويٺي، پڙهائي ۽ نين ايجادن بابت آهن. پوپٽ پبليڪيشن خيرپور پاران تازو اياز گل جي پراڻي ٻاراڻي شاعري جي ڪتاب کي نئين سر ڇپايو ويو آهي سائين اياز گل موجب ان ڪتاب ۾ ڪجهه نيون نظمون ۽ گيت شامل ڪيا ويا آهن، باقي ته ماضي ۾ ڪمال جي ٻاراڻي شاعري ڪندڙ اڪثر ناميارن اديبن ٻارن ڪاڻ لکڻ ڇڏي ڏنو آهي، سائين ادل سومري، نصير مرزا، مختيار ملڪ ۽ انهن جي ٽهيءَ جي گهڻن شاعرن جو ٻارن لاءِ ڪو ڪم تازو نظر ناهي آيو، انهن پنهنجي ابتدائي ادبي وقت ۾ شاندار ڪم ڪيو، باقي سينئرس مان ڊاڪٽر سيال صاحب  مسلسل ٻارن لاءِ لکندو ۽ ڇپبو پيو اچي نثر ۾ ڪهاڻيون ته بلڪل اٽي ۾ لوڻ برابر آهن ٻارن جا ڪهاڻي ڪتاب به اچڻ گهرجن.

سوال 5: اڄ جو ٻار مطالعي کان پري پيو وڃي انهيءَ جو ڪهڙو سبب آهي، انٽرنيٽ يا موبائل؟ يا کين اهڙو معياري مطالعو هلندڙ حالتن موجب ميسر ڪونهي؟

جواب: انٽرنيٽ يا موبائيل جا اثر منفي به ته مثبت به هن پوري سماج تي پيا آهن ۽ پون ٿا، اهو ٻار جي ذهني تربيت تي دارومدار رکي ٿو ته اهي موبائيل تي ذهني تربيت وارا پروگرام ڏسن ٿا يا علم ادب ۽ تعليم سان لاڳاپيل پروگرام ڏسن ٿا، هن دور ۾ اهو خاص طور ٻارن، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي والدين پاران اهڙو ماحول ميسر ڪرڻ تي دارومدار رکي ٿو، انگريزي ۽ اردو ادب جي گهربل ڪتابن، ڊڪشنريز سان گڏ گهٽ ۾ گهٽ “شاھ جو رسالو” سنڌ جي ماڻهن جي هر گهر ۾ هجڻ گهرجي، ان طرح سچل، سامي، اياز، استاد بخاري ۽ ٻين يا سنڌي ڪهاڻيڪارن مان نسيم کرل، امر جليل، عبدالقادر جوڻيجي، رشيد ڀٽي ۽ حميد سنڌي جهڙن ليکڪن جا چند ڪتاب رکڻ سون تي سهاڳ جيان آهن ڇو ته ايئن ڪرڻ سان گهر ۾ هڪ ننڍڙي ئي سهي پر لائيبريري جڙي پوي ٿي، اسان جي گهر ۾ اسان جا ٻار موبائيل به ڪو ٿورو ٿڪو هلائين ٿا، پر ڪتابن کان پاسي ناهن مون سان منهنجا پٽ منظر امام لطيفي ۽ مظهر دانش ڀٽائي سرڪار جي بيتن معنيٰ ۽ مطلب تي بحث ڪندا آهن، سو ٻارن کي اهڙو ماحول ملڻ گهرجي.

سوال 6: هلندڙ دور ۾ سنڌي ٻارن کي ادب ڏانهن موڙڻ لاءِ ڪهڙا اُپاءُ وٺڻ گهرجن؟ ڇا ڪنهن وڏي تنطيمي نيٽ ورڪ جي ضرورت آهي؟

جواب: هن جديد دور ۾ ٻارن لاءِ تنظيمن جو دارومدار اين جي اوز تي آهي، جيڪي اڪثر پئسا ڪمائڻ لاءِ ڪم ڪن ٿيون، ماضي ۾ سياسي پارٽين سان لاڳاپيل ٻارن جي تنظيمن ڀرپور ڪم ڪيو، علم ڏانهن لاڙو اڀاريو ۽ سياسي شعور ڏنو، سياست سماج جي سائنس آهي، سماج بابت جديد دور جي تقاضائن موجب شاگردن ۽ شاگردياڻين توڙي پرائمري جي ٻارن کي سندن ذهني سطح مطابق شعور ڏيڻ گهرجي، ان حوالي سان ماضي جي تنظيمن ساٿي ٻارڙا سنگت، سجاڳ ٻار تحريڪ، لطيف سنگت جي ڪم ۽ ڪردار کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، انهن تنظيمن جي نيٽ ورڪ کي ڏسي پيپلزپارٽي وارن به ان دور ۾ پيپلز ٻارڙا سنگت ٺاهي هئي، پر هن وقت سياسي پارٽين پاران اهڙو ڪم ٿيڻ جو ماحول ناهي. اين جي اوز جي ڪم تحت ٻارن توڙي يارهين ٻارهين درجي تائين وارن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي محدود نصابي تعليم بابت ڄاڻ ته ملي سگهي ٿي ۽ اهڙين سرگرمين سان ملي ٿي، پر سياسي شعور نه ملندو انهن جو ڪم سرڪار جي پاليسين جيان محدود هجي ٿو.

سوال 7: ٻارن جي لاءِ پنهنجو پيغام ڏيو.

جواب: ٻارڙن لاءِ پيغام ته ڏئي چڪو آهيان، اهي نصابي تعليم سان گڏ سماجي اٿل پٿل ۽ حالتن جي سياسي ڄاڻ به وٺندا رهن، پاڻ کي سماج ۾ ٻين کان منفرد بنائڻ جي ڪوشش ڪن، تعليم جي حاصلات کي رڳو سرڪاري نوڪري جو ذريعو نه سمجهن، سماج ۾ روشنيءَ جو ذريعو سمجهن مثبت تبديلين جو ذريعو سمجهن، پنهنجي علائقن، شهرن ۽ ڳوٺن جي خوشحالي جا خوان کڻي اڳتي وڌن، ان دوران سفر ۾ پيش ايندڙ تڪليفن تي مايوس ٿيڻ بدران انهن کي منهن ڏئي اڳتي وڌن، شاھ لطيف جي فڪر ۽ پيغام جي روشني ۾ جستجو جو رستو اختيار ڪن، سماج جو گهرائي سان مشاهدو ڪندي حق ۽ باطل جي پرک سان قدم وڌائين، ظلم و ستم ۽ ڏاڍ وارن جي پاسي بيهڻ بدران مظلوم جو اخلاقي ساٿ ڏين.