خاص

سکر ۾ ڪڻڪ ۽ اٽو ذخيرو ڪرڻ خلاف ڪارروائي، هڪ فلور مل سيل

سکر ۾ ضلعي انتظاميه ڪڻڪ ۽ اٽو ذخيرو ڪندڙ فلور مل مالڪن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ شهر جي جوڻيجو فلور مل تي ڇاپو هنيو ويو، جتان 38 هزار 250 ڪڻڪ جون ٻوريون ۽ 326 اٽي جي مڻ وارا ٿيلها هٿ ڪيا ويا آهن. ضلعي انتظاميه موجب جوڻيجو فلور مل ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي ذخيري جا اطلاع مليا هئا، جنهن تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي. فلور مل مان اٽي جون 10 ڪلو واريون ٿيلهيون پڻ وڏي تعداد ۾ هٿ ڪيون ويون، جنهن بعد فلور مل کي سيل ڪيو ويو آهي