بلاگنئون

ڊاڪٽر ساجده پروين جي لطيفي مونو گراف جو جائزو

ڊاڪٽر ساجده پروين جو جنم جولاءِ 1982ع تي گمبٽ خيرپور جي ڳوٺ مهتاڻا ۾ ٿيو، سندن والد عاشق علي بهليم جي ڪراچيءَ ۾ رهائش سبب هن پنهنجي سڄي تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم اي، ايم فل ۽ پوءِ پي ايڇ ڊي مڪمل ڪيائين جن ۾ سندس لکيل تحقيقي مقالا هن ريت آهن ” شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۾ رومانويت“ (تقابلي جائزو) 2007ع ايم اي جو مونوگراف، ”سائين جي ايم سيد جون ادبي خدمتون“”جديد تنقيدي نظرين جو سنڌي ادب تي اثر“ پي ايڇ ڊي جو مقالو،  اهي مقالا ڇپيل صورت ۾ موجود آهن ان کانسواءِ ڪتاب پڻ لکيو اٿن.، کين جي ايم سيد ميموريل ڪاميٽي هيوسٽن آمريڪا طرفان مڃتا ايوارڊ ۽ ڪراچي يونيورسٽي ٽيچرس سوسائٽيءَ پاران پي ايڇ ڊي ريسرچ ايوارڊ مليل آهن، هوءَ هڪ سرگرم اسڪالر ۽ استاد طور پنهنجون خدمتون ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور سرانجام ڏيئي رهي آهي، ان کانسواءِ ريسرچ جرنلز ۾ سندس تحقيقي ڪم مختلف موضوعن تي شايع ٿيندو رهي ٿو، جن مان چند جا عنوان هن ريت آهن، ”استاد بخاريءَ جي رومانوي شاعري“، ”لپ اسٽڪ فيمينزم“ ”جديد سنڌي شاعريءَ جو روشن ستارو حسن درس“ ”ساختياتي تنقيد ۽ سنڌي ادب“، ”شيخ اياز جو هائڪو-هڪ مطالعو“ ، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ پيار جو تصور“آهن. ”شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۾ رومانويت“ (تقابلي جائزو) ايم اي  جو مونو گراف مقالو سچائي اشاعت گهر پاران يوسف سنڌي 2017ع ۾ شايع ڪيو

تقابلي جائزي جي اهميت تي ڊاڪٽر ساجده  لکي ٿي ته  ”ٻن ساڳين يا مختلف ٻولين جي ادبي ڪاوشن جي هڪ جهڙائين ۽ فرق جي مطالعي کي تقابلي جائزو چيو وڃي ٿو، ادب ۾ تقابلي جائزو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهي رجحان سبب قاري ٻن مختلف خطن جي علم و ادب، تاريخ، جاگرافي، ڏند ڪٿائن، ثقافت، ريتن رسمن ۽ مختلف ادبي رجحانن کان واقف ٿئي ٿو“ (صه 5)

سندن موجب ته، ”شاهه جي فڪر ۽ فلسفي کي جيڪڏهن گلوبل ليول تي مڃتا ڏيارڻي آهي ته پوءِ کيس دنيا جي ناليوارين ادبي شخصيتن سان ڀيٽڻ جي سخت ضرورت آهي، هي ڪتاب انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي ثابت ٿيندو، هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان گهڻ ورجايل روايتي ۽ عام موضوعن کان هٽي جديد بين الاقوامي تناظر ۽ تحريڪن جي پس منظر ۾ پنهنجي ادب کي پيش ڪريون“ (صه 8)

جيئن ته هيءُ تحقيق يونيورسٽين ۾ ايم اي فائنل  ايئر جي چوٿين پيپر بدران اختياري طور ڪنهن علمي، ادبي موضوع تي مونوگراف لکڻ جي سلسلي ۾ عمل ۾ آئي آهي،  اهو مونوگراف موضوع مطابق هوندي به مناسب ڊيگهه جو هوندو آهي، هي مونوگراف پڻ ٽن بابن ۽ 118 صفحن تي آڌاريل آهي، بابن جا عنوان هن ريت آهن: باب پهريون ”رومانويت“ ۾ رومانويت جي وصف، رومانويت جو پس منظر، رومانويت بحيثيت فڪري تحريڪ، ڪجهه اهم انگريزي شاعرن جي شاعريءَ ۾ رومانويت، سنڌي شاعريءَ ۾ رومانويت ۽ اهم رومانوي شاعر، باب ٻئي ”شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس  ورٿ“ ۾ شاهه لطيف جو دور ۽ ان جا لاڙا، ورڊس ورٿ جو دور ۽ ان جا لاڙا آهن، ٽيون ۽ آخري باب ”شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي فڪري ڀيٽ“ تي مشتمل آهي، جنهن جي ذيلي عنوانن ۾ شاهه لطيف وٽ رومانويت جو تصور،  وليم ورڊس ورٿ وٽ رومانويت ۽ رومانوي عڪس، شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جو رومانوي حوالي سان تقابلي جائزو، هر باب جي آخر ۾ نتيجا ۽ حوالا آخر۾  رائج طريقي مطابق ببليو گرافي آيل آهي، ڊاڪٽر حاڪم ٻرڙي ڪتاب جي پٺ پني تي لکيو آهي ته ” ڊاڪٽر ساجده پروين جي سڃاڻپ نه صرف هڪ سٺي استاد جي حيثيت سان آهي، بلڪه تحقيق جي ميدان ۾ به پاڻ ملهايو اٿس هوءَ پنهنجي پروفيشن سان سچي ۽ ڪميٽيڊ آهي، مقابلي ۽ ڏيکاءُ پرستيءُ جي ڊوڙ کان پاڻ کي پري رکي خاموشءَ سان پنهنجو ڪم ڪندي رهي ٿي، هن روايتي موضوعن کان هٽي ڪري نون موضوعن تي تحقيق ڪئي آهي“ڊاڪٽر ساجده رومانويت جي پس منظر کي سمجهائيندي اهو نڪتو بحث هيٺ آندو آهي ته اهي ڪهڙا سبب هئا جن جي ڪري رومانوي تحريڪ وجود ۾ آئي؟ ۽ ادب ۾ گهڻي عرصي تائين بحث جو موضوع رهي ۽ ان جو ايترو اثر وڌيو جو تسلسل سان رومانوي ادب تخليق ٿيڻ لڳو، انگريزي ادب جي حوالي سان ڄاڻائي ٿي ته، ” انگريزي شاعريءَ ۾ باقاعده ڪلاسيڪيت جو هڪ دور رهيو آهي، جنهن جا پنهنجا قاعدا قانون ماڻ ماپا قدر ۽ روايتون رهيون آهن“ (صه 14)

فرانس جي انقلاب  کانپوءِ اهڙي قسم جي روايتي شاعريءَ خلاف ئي شاعرن فطرت ڏي موٽ کاڌي جنهن جو سرواڻ روسو (Rouseau) هو. انسان جي فطري جذبن کي مڃيندي هن ماڻهن کي سماج جي فطري نظام کان واقف ڪيو، اهو فڪر ۽ فرانس جو انقلاب يورپ جي رومانوي تحريڪ جا محرڪ هئا، جنهن ۾ اهم ڪردار  اڳيان هلي ورڊس ورٿ ادا ڪيو، پنهنجي دوست ڪالرج سان گڏ هن ” سريلا گيت“ (lyrical ballads)  نالي هڪ مجموعو 1798ع ۾ آندو جنهن جو طويل مهاڳ پاڻ لکيائين جو ادب ۾ رومانويت جي موضوع تي اڄ تائين اهميت جو حامل آهي، عام جي زندگي، عام ماڻهن جون حالتون، ڏک، سک، اُمنگون، جذبا، ساديون سوديون سوچون ۽ خواهشون، جيئڻ لاءِ ڪيل جتن، سچيون ۽ صاف دليون، محنتن جون صداقتون، فطرت سان هم آهنگي، عشق ۽ محبت جا جذبا، چنڊ، سج، تارا، وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، پاڻيءَ جون پالوٽون مطلب ته انسان جي جياپي جي سونهن ۽ کيس ورحاني ۽ فطري خوشي ڏيندڙ عوامل ادب ۽ آرٽ جو حصو بڻيا اها تحريڪ پوري دنيا ۾ پکڙجي وئي، ڊاڪٽر صاحبه انگريزيءَ جي اهم شاعرن جي شاعريءَ ۾ رومانويت کي ڄاڻائڻ لاءِ سموئيل ڪالرج، شيلي، جان ڪيٽس ۽ لارڊ بائرن جي مشهور ڪتابن مان حوالا ڏيئي سندن شاعريءَ ۾ رومانويت جي اثر کي بيان ڪيو آهي، اڳيان سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعريءَ ۾ رومانويت بيان ڪندي شاهه ۽ ورڊس ورٿ جي شاعري جو موازنو ڪيو آهي، سنڌي شاعريءَ ۾ رومانويت ۽ اهم رومانوي شاعر جي موضوع تي سندس موقف آهي ته، ” سنڌ ۾ رومانويت جو ڪو مخصوص دور يا تحريڪ ناهي رهي جهڙي طرح سان انگريزي ادب ۾ رومانويت جي باقاعده هڪ تحريڪ ۽ ان جو هڪ مخصوص دور رهيو آهي، حقيقت اها آهي ته سنڌ اندر ابتدا کان وٺي مختلف وقتن ۽ مختلف حالتن ۾ رومانوي رويو سنڌي ماڻهن جي مزاج ۾ موجود رهيو آهي“ ان ريت سومرن جي دور ۽ پوءِ جي چند شاعرن جو اڀياس  پيش ڪندي شاهه لطيف جي شاعريءَ تي لکيو اٿس، ”رومانوي لاڙو شاهه جي شاعريءَ جو اهم جزو آهي بلڪه سندس سڄو ڪلام رومانويت جو ڀرپور مظهر آهي“،

سهسين سڄن اڀري، چوراسي چنڊن،

باالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان،

شاعر وٽ سوين سجن ۽ سال جي چوراسي چانڊوڪين راتين جي روشنيءَ وارو تخيل ۽ ڀيٽ ۾ محبوب جي سونهن ان کان سرس هئڻ جو نهايت ئي زبردست رومانوي تصور موجود آهي، جنهن ۾ تخيل جي نهايت وسيع اڏام موجود آهي (صه 24)

ورڊس ورٿ جي دور ۽ ان وقت جي لاڙن جي جائزي وٺڻ بعد ڊاڪٽر ساجده لکي ٿي ته ” ورڊس ورٿ مختلف وقتن ۾ مختلف لاڙن جي اثر هيٺ رهيو جيڪي سندس شخصيت جي مختلف پهلوئن جو تعين ڪن ٿا، انهن مان فطرت پرستي، غور و فڪر، سوچ ويچار، بغاوت ۽ مشاهدي جا عنصر اهم آهن، جن کيس رومانوي شاعر بڻجڻ جي عمل ۾ اهم ترين ۽ موثر ڪردار ادا ڪيو“ (صه 41)

سندن مطابق ٻنهي شاعرن زندگيءَ جو اهم حصو جوانيءَ وارو دور سير ۽ تفريح ڪندي گذاريو سندن سير ۽ سفر جي تجربن تي شاعريءَ جو بنياد رکيل آهي، ٻنهي شاعرن وٽ ادبي روايت ۽ قدرن کان بغاوت وارو عنصر ملي ٿو، ٻنهي جي شاعريءَ جو موضوع فطرت، عام  انسان ۽ سندن مسئلا  ئي رهيا ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان هنن عام جي ٻوليءَ کي ترجيح ڏني.

شاهه لطيف ۽ ورڊس ورٿ جي شاعري ۾ رومانوي حوالي سان تقابلي جائزي وٺڻ بعد لکيو اٿس ته،  ”ٻنهي شاعرن وٽ فڪري حوالي کان ڪيتريون ئي هڪجهڙائيون ٿوري گهڻي فرق سان موجود آهن“ هن فطرت نگاريءَ کي انهي جو خاص پهلو ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ سر ڪاموڏ، سر ڏهر، سر سهڻي، سر سسئي آبري، سر سورٺ، سر يمن ڪلياڻ، سر مارئي مان موضوع سان سلهاڙيل بيت ڏيندي ورڊس ورٿ جي شاعريءَ مان سندن مشهور نظمن“ the daffodils،  Beggers،  Goody Blake، Power of music، The sailors mother، The thorn ۽ ٻين نظمن مان مثال ڏنا آهن جن مطابق ٻنهي عظيم شاعرن وٽ خوبصورت فطرتي منظر نگاري اُتم درجي جي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، سندن بيان ڪيل سونهن ڀريل نظارن جو سرور ڪڏهن به نه وسرندڙ آهي، وٽن عام عوامي ڪردار آهن، جيڪي ڏکيا سکيا ۽ زندگي جا سور ڀوڳيندڙ  آڻين ۽ چاڙهين ٿا وٽن ڪي به مال متاع ڪونهي، بنيادي ضرورتن کان وانجهيل محنت ڪش آهن، ان کانسواءِ ٻنهي وٽ موسيقي جي اهميت پڻ اهم آهي، لکي ٿي ته ”شاهه جيئن ته پاڻ به هڪ وڏو موسيقار هو ۽ موسيقيءَ جي اوزار تنبوري جو موجد پڻ ان ڪري کيس موسيقيءَ جي چڱي خاصي ڄاڻ هئي، شاهه فن ۽ فنڪار جي رشتي، موسيقي ۽ موسيقار جي اهميت کي ٻن سرن، پرڀاتي ۽ خاص ڪري سورٺ ۾ تفصيل سان  بحث هيٺ آندو آهي، ڀٽائيءَ جي نظر ۾  فن، فنڪار ۽ ساز انهن ٽنهي جو هڪٻئي کان ڌار تصور ڪري نٿو سگهجي، هو فن جي تخليقڪار (موسيقار) کي گهڻي اهميت ڏئي ٿو“ (صه 104) ورڊس ورٿ جي نظم Power music جو مثال ڏيڻ بعد لکيڪا انهيءَ نتيجي تي پهتل آهي ته ورڊس ورٿ صرف موسيقيءَ جي اثر ۽ اهميت کي بيان ڪيو آهي، جڏهن ته شاهه فن ۽ فنڪار جو ڳانڍاپو ۽ موسيقار جي اهميت ۽ موسيقيءَ  جي تاثير کي پڻ واضح ڪيو آهي.

نتيجي طور ڊاڪٽر ساجده پروين لکي ٿي ته، ”هن جائزي مان اها ڳالهه واضح ٿي ته شاهه لطيف جو يورپ جي رومانوي تحريڪ سان ڪو واسطو نه آهي هن پنهنجي فطرت ۽ مزاج مطابق ان لاڙي کي شاعريءَ ۾ ظاهر ڪيو، ٻي ڳالهه ته شاهه جي شاعريءَ ۾ رومانوي فڪر جو هر پهلو جهڙوڪ فطرت نگاري، رومانس، عوامي ٻولي سڀ پنهنجي فطري جوهر ۾ اوج تي ملن ٿا، سندس شاعريءَ جو مقصد صرف فطري نظارن کي بيان ڪرڻ ناهي، پر هو فطرت منجهان انسان کي محبت، ميٺ، امن، فاني هجڻ جي حقيقت ۽ وقت جي اهميت جو به احساس ڏياري ٿو، ساڳئي ريت جڏهن رومان جو پهلو کڻي ٿو ته محبوب جي سونهن، ناز انداز جي تشبيهه آفاقي توڙي زميني علامتن سان ڪندي اهڙا منفرد خيال پيش ڪري ٿو جيڪي ٻين شاعرن وٽ هرگز نٿا ملن، شاهه کي سنڌي ادب جي رومانوي فڪر جو مهندار چئي سگهجي ٿو، ورڊس ورٿ جي شاعريءَ جي جائزي کانپوءِ خبر پئي ته ورڊس ورٿ جو رومانوي فڪر ايترو گهڻ رخو ۽ وسعت انگيز نه آهي“ (صه 113)

اڳيان لکي ٿي ته” ٻنهي شاعرن جي رومانوي شاعريءَ جي تقابلي جائزي ۾ ڪافي ڳالهيون هڪ جهڙائي رکن ٿيون“ جيئن فطرت جي عڪاسي، غريب عام ماڻهن جي ڏکن ۽ حالتن جو ذڪر فطرت جي سهڻين ۽ ڪوجهين شين جي موضوع طور اپٽار، پيار، محبت ۽ امن جا درس، ڪتابن بدران فطرت جو مشاهدو، هيٺين طبقي جون معاشي ۽ سماجي حالتون ته پنهنجي خطي جون جاگرافيائون حالتون، موسيقي مطلب ته ڪيتريون ئي هڪجهڙائيون ٿوري گهڻي فرق سان آهن.

ليکڪا هڪ محنتي محققا آهي سندن هي ايم اي جو مونوگراف هڪ ڪارائتي موضوع تي وڻندڙ معلومات سان ڇپيل صورت ۾ موجود آهي، هن مقالي جو سگهارو پهلو مشهور شاعر ورڊس ورٿ جي شاعريءَ مان چونڊ ۽ ان جو سنڌي ترجمو شاهه جي رومانوي شاعريءَ جي مقابلي ۾ آهي، لطيف سائينءَ جي بيتن جي چونڊي ۾ اڃا به وڌيڪ بيتن کي آڻجي ها ته بهتر هو،  آئون سمجهان ٿي ٻنهي شاعرن کي پنهنجي پنهنجي ديس ۽ ديس واسين سان گهڻي محبت هئي ”وطن دوستي“ پڻ رومانويت جو هڪ رخ ٿي سندن شاعريءَ ۾ نروار ٿي آهي،

ڊاڪٽر ساجده پروين جو هيءُ مونوگراف لطيفيات جي مَدَ ۾ اهميت جو حامل آهي.